اجتماعي مذاحمت ۾ روح ڦوڪيندڙ ارشاد رانجهاڻي جو رت

سنڌ جي راڄڌاني ۾ قتل بيدردي سان ماريل قوم پرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي رت سنڌ قوم ۾ اجتماعي مذاحمت جو روح ڦوڪي ڇڏيو آهي، سنڌ جو اهو ڪو به شهر ناهي جنهن ۾ قتل خلاف سنڌي سراپا احتجاج نه ٿيا هجن، هر ننڍي توڙي وڏي، مرد توڙي عورت کي ارشاد جي قتل جهوري ڇڏيو آهي، پر سنڌ سرڪار جي بيحثي پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي جنهن جو چٽو ثبوت قاتل دهشتگرد رحيم شاهه جي عدم گرفتاري آهي. رحيم شاهه جيڪو نامي گرامي ڏوهاري رڪارڊ رکندڙ ۽ وقت جي حڪمرانن جو ائين ئي لاڏو بڻيل آهي  جئين اڳ انڪائونٽر اسپيشلسٽ رائو انوار بڻيل هو، پر الله وٽ دير آهي انڍير ناهي جئين رائو انوار کي هڪ قبائلي جي قتل نيسط و نابوت ڪري ڇڏيو ائين ئي ڀينس ڪالوني جي گنڊي رحيم شاهه کي ارشاد رانجهاڻي جوقتل سفائي هستي سان مٽائي رکندو. هن وقت پوري سنڌ توڙي وفاقي راڄڌاني ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل سنڌي قوم جي رت کي گرمائي ڇڏيو آهي، هن وقت سنڌ ۾  مختلف قومپرست پارٽيون جن ۾ سنڌ نيشنل پارٽي، ايس ٽي پي، جسقم آريسر، رانجهاڻي برادري، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، جي ڊي اي توڙي حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل سنڌي ماڻهو به روڊن تي آهن، جن جو صرف هڪڙو مطالبو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي. مقتول جي اباڻي شهر  دادو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو رستن تي نڪري آيا، مظاهري دوران ارشاد رانجهاڻي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ نعرا هنيا ويا. سڄي سنڌ ۾ ٿيل مظاهرن دوران ڪراچي ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي جوابدارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. وقت جي حۡڪمرانن کي خاص طور تي سنڌ سرڪار جنهن ۾ سنڌي وزير شامل آهن تن کي ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڪراچي ۾ هڪ قبائلي جي قتل خلاف جئين پختون نڪري پيا هئا هتي به پنهنجي ڌرتي جي حفاظت خاطر اهي به ميدان تي لهي انصاف جي اوسيئيڙي ۾ ويٺل سنڌي قوم جي داد رسي ڪندي پنهنجي سنڌي جي قاتل غير سنڌي خلاف ڌرتي تپائي ڇڏين، جوابدارن کي گرفتار ڪري شهيد ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي…..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *