اتر سنڌ ۾ داعش جي موجودگي….!

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ دهشتگرد گروهن کي ملڪ لاءِ خطرو قرار ڏيندي داعش جي موجودگي جو اعتراف ڪيو آهي. راتر سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ داعش نئون خطرو بڻجي آئي آهي. بلوچستان ۽ فاٽا خاص طور ڪرم ايجنسي حساس قرار ڏنا ويا آهن. نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ دهشتگردي ۾ 16 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.پاڪستان ۾ 370 دهشتگرد حملا ٿيا، جنهن ۾ 815 ڄڻا مارجي ويا ۽ 1736 زخمي ٿيا. بلوچستان ۽ فاٽا خاص طور ڪرم ايجنسي ۾ 2017ع ۾ 288 ۽ 253 ماڻهو ماريا ويا. ٽي ٽي پي (تحريڪ طالبان پاڪستان) جماعت احرار جهڙين تنظيمن 58 سيڪڙو حملا ڪيا. 37 سيڪڙو قوم پرست شدت پسندن حملا ڪيا. بلوچستان ۾ قومپرستن جا گهڻا حملا ٿيا، ڪجهه سنڌ ۾ ٿيا. سڀ کان وڏو خطرو داعش جي موجودگي ۽ سرگرمي رهي آهي، جنهن جي حملن ۾ 153 ماڻهو ماريا ويا. سڀ کان وڏو واقعو سيوهڻ ڌماڪو آهي. اتر سنڌ ۾ به داعش جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن. داعش خطرناڪ حملا ڪيا. ڪوئيٽا ۾ چينين کي اغوا ڪيو. انفرادي طور انتهاپسندي طرف وڌڻ، تعليمي ادارن ۾ انتهاپسندي جو لاڙو ۽ دهشتگردن جا ننڍا ننڍا گروهه ٺهي وڃڻ نئون چئلينج آهي. رپورٽ ۾ قومي سلامتي جي گهرو پاليسي تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. ويڙهاڪن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ واري پاليسي پارليامينٽ ذريعي طئي ڪئي وڃي، جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي به مونجهارا برقرار رهيا. ان سلسلي ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي صلاحڪار ناصر جنجوعا چيو  آهي ته قومي سلامتي پاليسي جڙي وئي آهي، صرف حڪومتي ميمبرن ۾ ورهائڻي آهي. نيڪٽا جي ڪوآرڊينيٽر احسان غني چيو ته قومي سلامتي پاليسي نظرثاني جي مرحلي ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *