آمريڪي صدر جو ڀارتي دورو

 

آمريڪي صدر باراڪ اوباما ڀارت جي قومي سلامتي ڪائونسل ۾ رڪنيت جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ڀارت جي ايٽمي هٿيارن تان ٽريڪر هٽائڻ تي به راضي ٿي ويو آهي. ڪالهه نئين دهلي ۾ ڀارت جي وزير اعظم نريندر مودي سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر باراڪ اوباما قومي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي رڪنيت جي حمايت جو اعلان ڪيو. پريس ڪانفرنس جي شروعات باراڪ اوباما ۾ هنديءَ ۾ کيڪاريندي ڪئي. هن پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ چيو ”ڀارتي قوم کي نمستي ۽ پيار“ پنهنجي پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ آمريڪي صدر باراڪ اوباما چيو ته ڀارت کي قومي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر بڻائڻ جي حمايت ڪريون ٿا.  هن چيو ته منهنجو استقبال هالي ووڊ اسٽار جيان ڪيو ويو. جنهن تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته گذريل ڪجھه سالن دوران آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ واپار 60 سيڪڙو وڌيو آهي. واپاري ۽ اقتصادي سهڪار سان عوام جي زندگي بهتر بڻائينداسين. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين تي ڀارت جو موقف انتهائي اهميت رکندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان. ٻئي ملڪ عظيم جمهوريتون آهن.  آمريڪا ۽ ڀارت دفاعي شعبي ۾ سهڪار وڌائيندا، جڏهن ته سول ايٽمي شعبي ۾ به ڀارت سان سهڪار وڌايو ويندو.  آمريڪا شمسي توانائي جي منصوبن تي ڀارت کي مالي مدد ڏيندو.افغانستان ۾ اعتماد جوڳو اتحادي چاهيون ٿا  هن چيو ته يوڪرائن جي مسئلي تي روس کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. روس جي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ جو ڪو منصوبو ناهي. يوڪرائن جي عوام سان گڏ آهيون، انهن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته يمن دنيا جو خطرناڪ ملڪ آهي ڪوشش آهي ته اتان جي عوام کي محفوظ بڻايون.  يمن ۾ القاعده تي دٻاءُ جاري رکنداسين. باراڪ اوباما وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا جو جنگي مشن ختم ٿي چڪو آهي. ڀارت آمريڪا ۽ افغانستان جو مضبوط اتحادي آهي.  ڀارت ۽ آمريڪا ٻئي دوستي جي نئين دور لاءِ پر عزم آهن. سول ايٽمي سهڪار لاءِ اڳڀرائي جاري آهي. هن چيو ته عالمي امن لاءِ ڀارت جو ڪردار اهم آهي. اڄ ڀارتي قوم کي ريڊيو ذريعي خطاب ڪندس. هوڏانهن ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ سول ايٽمي معاهدي جو تڪرار ختم ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪا ڀارت جي ايٽمي هٿيارن جي نگراني تان هٿ کڻي ويو آهي.ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا هاڻي ڀارت جي ايٽمي هٿيارن تان ٽريڪر هٽائڻ تي راضي ٿي ويو آهي. جنهن معاهدي تي جلد عمل شروع ٿي ويندو.  جڏهن ته ڀارت جي وزير اعظم نريندر مودي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ڀارت جي پارٽنرشپ دنيا ۾ امن لاءِ ضروري آهي. خطي ۾ دهشتگردي جهڙا مسئلا آهن، ڪنهن به ملڪ کي دهشتگردي خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون ڪرڻ گھرجن. آمريڪي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نريندر مودي چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت دهشتگردي خلاف گڏيل جدوجهد ڪندا. عوام کي ۽ ايندڙ نسل کي ڪجھه ڏيڻ چاهيون ٿا اهو پريشر هر ملڪ جي سربراهه تي هجڻ گھرجي.  ڀارت آزاد ملڪ آهي. اهو ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندو آهي. دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ ڪنهن ملڪ کي ڪو فرق نه رکڻ گھرجي. هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ نريندر مودي چيو ته اوباما سان اڪيلائي ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون اهي پردي ۾ رهڻ ڏيو، منهنجي ۽ اوباما جي ڪيمسٽري ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجھو آڻيندي. هن چيو ته ڪيميرا کان پري اوباما سان ڳالهين دوران ساڻس دوستي ٿي وئي. اوباما سان هاڻي ڪافي گھاٽا لاڳاپا ٿي چڪا آهن ان سان کِل ڀوڳ ٿيندي رهندي آهي. ان کان اڳ آمريڪا جو صدر باراڪ اوباما ٽن ڏينهن جي دوري تي ڀارت پهچي ويو آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر کي راشٽر پتي ڀون ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي گهرواري سان گڏ نئين دهلي ايئرپورٽ تي پهتو ته ڀارتي وزيرعظم نريندر مودي سندس آڌرڀاءُ ڪيو.  آمريڪي صدر باراڪ اوباما ٻيون ڀيرو ڀارت جي دوري تي پهتو آهي باراڪ اوباما جي آمد دوران نئين دهلي ۾ 80 هزار سڪيورٽي لاءِ اهلڪار مقرر ڪيا ويا،  جڏهن ته شهر ۾ 15 هزار سڪيورٽي ڪئمرائون لڳايون ويون هيون.  آمريڪي صدر باراڪ اوباما دوري دوران ڀارت سان ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ ڪندو. صدر اوباما تاج محل جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اوباما ڀارتي دوري کي مختصر ڪندي چئن ڏينهن جي دوري کي 2 ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *