آمريت ۽ جمهويت مان درست ڪير..!

پرڏيهي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف سويلين کي ملڪ کي نقصان ڏيندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته آمرن ملڪ کي ٺيڪ ڪيو پر سويلين حڪومت ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو، ملڪ ۾ جڏهن به مارشل لاءِ لڳائي وئي هي ان وقت جي صورتحال جي گهرج هئي، ايشيا جي سمورن ملڪن ۾ جتي به ترقي ٿي آهي اتي رڳو ڊڪٽيٽرن جي ڪري ئي ترقي ٿي آهي،  آمرن ۽ سويلين حڪومت جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته ملڪ هميشه آمريتي دور ۾ ترقي ڪئي آهي، پاڪستان ۾ فوج ملڪ کي پٽڙي تي آڻيندي آهي، جڏهن ته سويلين حڪمران اچي ان کي ٻيهر پٽڙي تان لاهي ڇڏيندا آهن، ملڪ ۾ چاهي جمهوريت هجي يا آمريت عوام توڙي ملڪ کي ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته عوام کي روزگار، خوشحالي ۽ تحفظ گهرجي، حڪومت کي هٽائڻ جو اختيار عوام وٽ هئڻ گهرجي پر پاڪستان ۾ صورتحال مختلف آهي، عوام پاڻ ڀڄي ڪري فوج وٽ ايندو آهي ته اسان جي سويلين حڪومت کان جان ڇڏايو، ماڻهو موٽ وٽ اچي چوندا هئا ته اسان جي جان ڇڏايو، جنهن ڪري مون عوام جي مطالبي تي ئي اقتدار تي قبضو ڪيو هو، آئين مقدس آهي پر آئين کان وڌيڪ قوم مقدس آهي، اسان آئين کي بچائيندي قوم کي ختم نٿا ڪري سگهون پر قوم کي بچائڻ لاءِ آئين کي ٿورو نظرانداز ڪري سگهجي ٿو، نوازشريف جي ڀارت بابت پاليسي سيل آئوٽ پاليسي هئي، ڀارت بلوچستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ جيڪو به پاڪستان کي نه مڃيندو اهو ملڪي بقا خلاف هوندو ۽ ان کي مارڻ گهرجي، پاڪستان ٽوڙڻ ۾ فوج نه پر ذوالفقار ڀٽو جو ڏوهه هو، جڏهن ته ڪجهه الزام يحييٰ خان تي به اچي ٿو پر ايوب خان جي 10 ورهين جي حڪومت ۾ ملڪ ترقي جا رڪارڊ قائم ڪيا، جنرل ضياءَالحق جو دور تڪراري هو، هن ملڪ کي مذهبي انتهاپسندي طرف ڌڪيو، هن ملڪ کي اهڙي رستي طرف ڌڪيو جنهن جو اثر اڄ ڏينهن تائين آهي پر جنرل ضياءَ طالبان ۽ آمريڪا جي مدد سان سويت يونين خلاف جيڪو ڪيو اهو بلڪل ٺيڪ هو، جواب ۾ وري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وري پرويز مشرف جي بيان کي جمهوريت ۽ آئين خلاف قرار ڏنو آهي، سندس موجب ته پرويز مشرف قانوني لحاظ کان ڀڳوڙو ۽ آئيني لحاظ کان غدار آهي، مشرف جي زبان مان آئين ۽ جمهوريت خلاف بيان بازي شرمناڪ آهي، آمرن پهرين متحده پاڪستان ۾ عوام کان حق ڇني نفرت، عليحدگي جا ٻج پوکيا، آمرن پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ملڪ کي غيرن جي جنگين ۾ ڌڪيو، ڊڪٽيٽرن کي گهرجي ته اهي تاريخ مان سبق سکن،عوام کي آمريت جي قبضي ۾ رکندڙ آمر نفرت جو نشان بڻجي رهجي ويا آهن، آمرن ۽ انهن جي پيروڪارن کي پنهنجي ڪرتوتن تي شرم اچڻ گهرجي، آمرن پنهنجي دور ۾ اوڀر پاڪستان ۾ گورنر به اولهه پاڪستان مان لڳايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *