آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر عاصم جي ملاقات….!!

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتحه  پڙهي. مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جو ڏينهن آهي، اسان عهد ڪريون ٿا ته قائد اعظم، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي پورو ڪري رهنداسين ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين.ميڊيا کي گذارش آهي ته اها هميشه مثبت سوچي، رڳو خبر نه ٺاهي، ميڊيا خامين طرف نظر ضرور وجهي پر مثبت انداز ۾.آصف زرداري  انور مجيد جي آفيسن تي ڇاپن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾چيو ته انور مجيد سان ڇا ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو اهو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کان پڇڻ گهرجي. انور مجيد جو معاملو عدالت ۾ وڃي چڪو آهي، ان تي ڪمينٽ ڪرڻ پري ميچوئر آهي، باقي انور مجيد سان لاڳاپن کان انڪار ناهي، انور مجيد سان تعلقات ضرور آهن.

بلاول ڀٽو جي چئن مطالبن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سندس جو چوڻ هو ته ان بابت هو 27 ڊسمبر تي ڳالهائيندو،   آئين موجب ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن پر ڪجهه ماڻهو اهڙو ماحول پيدا ڪندا آهن جو چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون آهن. ڊاڪٽر عاصم بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ عدالتن تي پورو يقين آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي انصاف ملندو. عاصم حسين جو خاندان پاڪستان ٺاهڻ وارن منجهان آهي. آئين جي مطابق عام چونڊن جي تاريخ آهي پر آئيني تاريخ کان اڳ ماڻهو چونڊن جو ماحول ٺاهي ڇڏين ٿا. منهنجو علاج لنڊن ۽ آمريڪا ۾ ٿيندو آهي، جڏهن ته فالو اپ دبئي ۾ ٿيندو رهندو آهي، اتان ڊاڪٽر سفر وغيره جي اجازت ڏيندا آهن ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر عاصم سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي، آصف علي زرداري چيو آهي ته کيس اميد آهي ته ڊاڪٽر عاصم سان انصاف ٿيندو،

رپورٽن مطابق ته ڊاڪٽر عاصم آصف زرداري کي گرفتاري دوران پيش آيل تڪليفن بابت آگاهه ڪيو. آصف علي زرداري جناح اسپتال پهچي دل واري وارڊ ۾ داخل اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي عيادت ڪئي، جنهن دوران وڏو وزير  مراد علي شاهه به موجود هو آصف زرداري  ڊاڪٽر عاصم حسين سان نويڪلائي ۾ ملاقات به ڪئي، جيڪا سوا ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملاقات دوران آصف علي زرداري ڊاڪٽر عاصم حسين کي سندس ڪيس  بهتر انداز عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ثابت قدمي تي کيس شاباشي ڏني. ڊاڪٽر عاصم آصف علي زرداري کي گرفتارين دوران پيش آيل ڏکيائين ۽ طبيعت خراب هجڻ بابت آگاهه ڪيو. آصف علي زرداري ڊاڪٽر عاصم حسين کي سندس علاج پرڏيهه ۾ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *