آدم شماري ۾ دير جوخدشو…

ملڪ جي ترقي لاءِ معيشت ۽ سياست کي الڳ رکيو وڃي رضاڪراڻي ٽيڪس اسڪيم مان پارليمينٽ ميمبر فائدو نه وٺي سگهندا. آدم شماري لاءِ گهربل انگ ۾ فوج نه ملڻ تي ڪجهه عرصي لاءِ پوئتي ٿي سگهي ٿي ڪائي قيامت نه ايندي، پي آءِ اي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ملڪ جي معيشت صحيح دڳ تي هلي چڪي آهي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن ڊسمبر تائين روينيو جا حدف حاصل ڪيا ويا مالياتي خسارو 4.3 سيڪڙو تائين آڻڻ جو هدف آهي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو تائين مٿي آڻڻ چاهيون ٿا تيل جي قيمتن ۾ لاٿ سان حاصل ڪيل آمدني جو 63 سيڪڙو صوبن ڏانهن وڃي ٿو، گذريل ڇنڇر تي ايف بي آر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير محمد اسحاق ڊار چيو هورضاڪراني ٽيڪس اسڪيم مان پارليمينٽ ميمبر فائدو نه وٺي سگهندا. موجوده حڪومت گذريل حڪومتن جا 4.42 ارب رپيا قرض ادا ڪيو آهي بيروني قرضن جي حوالي سان وڌيڪ شرح جي ڳالهه صحيح نه آهي بيروني قرضن جي سراسري شرح 3.3 سيڪڙو آهي ۽ پاڪستان کي ملندڙ گرانٽس شامل ڪري هي شرح وڌيڪ گهٽجي 3.03 سيڪڙو ٿي ويئي آهي. عالمي سطح تي ڊيزل جي صارفين لاءِ سراسري قيمت هڪ ڊالر پنج سينٽ ۽ پاڪستان ۾ 79 سينٽ آهي جڏهن ته گيسولين جي عالمي سطح تي سراسري شرح هڪ ڊالر 19 سينٽ جڏهن ته پاڪستان ۾ 73 سينٽ في ليٽر ٿئي ٿي عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ کان پوءِ صارفين کي جزوي طور تي رليف ڏيئي رهيا آهيون باقي رليف روينيو نقصان پورا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي اين ايف جي تحت 63 سيڪڙو رقم صوبن ڏانهن وڃي ٿي جڏهن ته دهستگردي خلاف جنگ لاءِ هڪ سيڪڙو خيبرپختونخواهه ڏانهن وڃي ٿو جيڪڏهن ڪوئي صوبي پنهنجي حصي جي قرباني ڏيڻ چاهي ٿو ته پنهنجي حصي جي رقم صارفين کي ڏيئي سگهي ٿو.

سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي واري  صلاحڪار مولابخش چانڊيو پاران وفاقي حڪومت طرفان مارچ جي مهيني ۾ ٿيندڙ مردمشماري کي ممڪنه طور تي دير ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مارچ ۾ ٿيندڙ مردمشماري ۾ وڌيڪ دير ناقابل برداشت عمل آهي. هن چيو ته گڏيل مفادات ڪائونسل جي فيصلي تحت وفاقي حڪومت مردمشماري کي مقرر وقت تي صاف ۽ شفاف ۽ منصفانه انداز ۾ ڪرائي وڃي، ڇو ته هر 10 سالن کانپوٰءِ مردمشماري آئيني تقاضو آهي جنهن ۾ پهريان ئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. مردمشماري جي حوالي سان سنڌ صوبي ۽ بلوچستان صوبي  جي عوام ۾ خدشا ۽ تحفظات کي به دور ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي حڪومت گهرشماري 6 مهينن ۾ڪرائي هئي ان لاءِ 3 ڏينهن ۾ مردمشماري ڪيئن ممڪن آهي. مردمشماري کان اڳ نادرا ذريعي جاري ڪيل شناختي ڪارڊز جي به تحقيقات ڪرائي وڃي ته جيئن نقلي شناختي ڪارڊن جي به نشاندهي ٿي وڃي. وفاقي خزاني واري وزير اسحاق ڊار جو هي چوڻ ته مارچ ۾ مردشماري نه ٿي ته آسمان نه ڪرندو هڪ غير سنجيده ۽ غير ذميدارڻه بيان آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان مردمشماري ۾ دير ڪرڻ، سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرائڻ، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٻين معاملن ۾ عدم دلچيسپي ۽ ٽال مٽول سان ڪم وٺڻ سان صوبن ۾ احساس محرومي جنم وٺندي. وفاقي حڪومت طرفان مردمشماري ڪرائڻ جا انتظام مڪمل آهن ته پوءِ دير ڪرڻ وارا حربا ڇو استعمال ڪيا پيا وڃن. شماريات کاتي ۾ صوبن جي نمائندگي ڏئي جلد کان جلد تحفظات دور ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *