آبادگارن جي حقن لاءِ نڪتل سياسي ۽ قومپرست پارٽيون

 

سنڌ جي چونڊيل نمائندن، سياسي اڳواڻن، قومپرستن ۽ آبادگارن،  ڪمند جو 182 اگهه نه ملڻ خلاف حيدرآباد باءِ سپر هاءِ وي تي ڄامشورو ٽولا پلازه ويجهو ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ شامل اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن آبادگارن کي ڪمند جو مناسب اگهه نه ڏنو ويو ته 11 فيبروري تي ٻيهر حيدرآباد باءِ پاس وٽ ساڳئي جڳهه تي ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪڏهن پوءِ به مسئلو حل نه ٿيو ته عوامي سمنڊ ڪراچي جو رخ ڪندو، جيڪو حڪمرانن کي ٻوڙي ڇڏيندو، هن ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ ڪمند کنيل هو ۽ هو شگرمل مالڪن ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪندا رهيا، ڌرڻي ۾ (ن) ليگ، مسلم ليگ فنڪشنل، ايس يو پي، جسقم، جيئي سنڌ محاذ، ايم ڪيو ايم، قومي عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي اتحاد پارٽي، سنڌ آباد گار بورڊ سميت مختلف آبادگار تنظيمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي  ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڪمند جي مسئلي تي ڳالهائڻ تان پ  پ وارن کي ڪاوڙ لڳي ٿي، اسيمبلي اندر مخالف ڌر جي ميمبرن سان خراب سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، سندن مائيڪون به بند ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي آبادگارن جي مسئلن لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته سندس وڏ وزارت جي دور ۾ فصلن جا مناسب اگهه مقرر ڪري ان تي عمل ڪرايو ويندو هو، پر پيپلز پارٽي پنهنجي ئي مقرر ڪيل ڪمند جي اگهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، هڪ مخصوص ڪمپني جي فائدي لاءِ سنڌ جي آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي. هن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪمند جي اگهه وارو مسئلو حل نه ڪيو ته وري ساڳئي هنڌ11 فيبروري تي ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪڏهن پوءِ به مسئلو حل نه ڪيو ويو ته ڪراچي جو رخ ڪيو ويندو ۽ ان کان اڳ ڪراچي ۾ زراعت جي مسئلن بابت هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. هن چيو ته اهڙي خودمختيار سنڌ نه کوي، منهن ۾ پ پ حڪمران هجي،  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن کان سندن روزي کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پ پ وارا پاڻ کي سياسي ماڻهو سڏائين ٿا، پر اصل ۾ اهي هڪ مافيا بڻجي ويا آهن. هن چيو ته ڪرپشن ذريعي زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي مٿان ظالم حڪمران مڙهيا آهن. هن چيو ته اسان آبادگارن جي ڪمند واري مسئلي تي ٿيندڙ جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، الڳ پارٽين ۽ نظرين هوندي به سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌ جي حقن خاطر اسان گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته ڌرڻو پهرين به لڳي پئي سگهيو، پر اسان چاهيو ٿي ته مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿي وڃي، پر ائين نه ٿيو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر اسماعيل راهو چيو ته سنڌ جي حڪمران پارٽي کانسواءِ سڀ پارٽيون آبادگارن سان ٿيندڙ ظلم تي احتجاج ڪري رهيون آهن، اڄ جو هي احتجاج سنڌ جي حڪمرانن  کي اهو نياپو ڏئي رهيو آهي ته خراب ڪارڪردگي سبب سنڌ مان سندن تڏا ويڙهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته 7 سالن کان وٺي سنڌ ۾ ڪا به صنعت نه لڳي آهي، پر ماڻهن کان سندن صنعتون کسيو ويون آهن. هن چيو ته سنڌ جي تعليم تباهه آهي، اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي، بلدياتي ادارن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي رهي آهي. هن چيو ته هن مسئلي تي هو مسلم ليگ (ن) جي سربراهه وزيراعظم ميان نواز شريف سان ڳالهائيندو. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر چيو ته سارين جي اگهه وارو مسئلو اڃا ختم ئي نه ٿيو هو ته مٿان وري سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو مسئلو پيدا ڪيو ويو، سارين جي اگهه تي به عمل نه ڪيو ويو. هن چيو ته شگرمل مافيا کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي آبادگارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، هاڻ وري ڪڻڪ جو فصل لهڻ وارو آهي، ان ۾ آبادگارن سان ظلم ڪيو ويندو، تنهن ڪري سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين کي جاڳڻو پوندو،  هو پنهنجي جدوجهد جاري رکن. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير جاڳڻ لاءِ تيار ناهي، اسان سنڌ حڪومت کي چين سان ويهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته وفاقي حڪومت هن مسئلي تي مداخلت ڪري. هن چيو ته ڪمند جي اگهه واري مسئلي تي عدالتن ۾ به وياسين، اسيمبلين ۾ ڳالهايو، پر مسئلو حل نه ٿيو، اڃا روڊن تي احتجاج ڪرڻ وارو پليٽ فارم موجود آهي.  جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهن ٿا، سنڌ جي ماڻهن جي روزگار تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. هن چيو ته اسان ته سدائين سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن تي رهيا آهيون، شهيد بشير خان قريشي کي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي روڊن تي ڏٺو ويندو هو، اسان جي محبت جو مرڪز صرف سنڌ آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن مٿان پ پ هڪ عذاب بڻجي وئي آهي، سنڌ جا ماڻهو جيستائين ان عذاب مان جان نه ڇڏائيندا تيستائين تڪليفن ۾ رهندا. متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر غازي صلاح الدين چيو ته اڄ جو ميڙاڪو گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، هاڻ سنڌ جي وڏي وزير کي ننڊ مان جاڳڻ گهرجي، اڃا به وقت ناهي ويو. هن چيو ته سنڌ جي غريب ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اڄ سنڌ جا اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ گڏ بيٺا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *