Long Way! ڇا پاناما ليڪس واٽر لو ثابت ٿيڻ پئي وڃي؟: وينگس

پاڪستان جي سياست ۾ جيتري گرماگرمي ۽ جستجو اقتدار کي بچائڻ لاءِ نظر اچي ٿي، اوتري مشڪل سان عوام لاءِ نظر ايندي درحقيقت عوام لاءِ ڪڏهن آواز اُٿاريو ئي ناهي، انهن کي درد ۽ ڏک صرف ان وقت ياد ايندا، جڏهن ڪجهه سالن جي حڪومت هٿن کان نڪرندي نظر ايندي. جمهوريت جو کوڙو ڳايو ويندو ته عوام کي جمهوريت جي ضرورت آهي، عوام جي تڪليفن جو حل صرف جمهوريت ئي آهي، بيشڪ جمهوريت ئي سڀ ڪجهه آهي، پر اسان جي پياري ملڪ ۾ جمهوريت عوام جي درد جي دوا نه پر اميرن جي مفادن کي ٻيڻو ڪرڻ جو رستو بڻائي وئي آهي.

جڏهن به عوام پنهنجي تڪليفن لاءِ آواز اُٿاريو ته ان کي ڪنهن ٻڌو…؟

عوام جي درد تي چيو ويو ته هي صرف ٻين جي چوڻ تي روڊن تي اچن ٿو، اسان ملڪ جي ترقي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهيون. انهن کان ڪير اهو پڇي ته هيل تائين سواءِ اميرن جي ٺيڪن کي وڌائڻ لاءِ ميگا پراجيڪٽس وٺڻ کان اعلاوه ٻيو ڇا ڪيو ويو؟ ان جو فائدو عوام کي ڪيترو مليو؟ ان ڪري جمهوريت جو کوڙو ٻڌائڻ سان جمهوريت نه اچي ويندي، ان جي لاءِ نيت جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.

مسلم ليگ (ن) پنهنجن گذريل حڪومتن جي وڃڻ تي ماتم ڪندي نظر پئي اچي، پر انهن کي اهو سڀ ڪجهه ياد ڇو ناهي ته مسلم ليگ (ن) کي اڄ تائين ڪنهن به پارٽي مهم هلائي ڪيرايو ناهي، جيئن انهن پاڻ مهم هلائي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرايو، پر انهن جي خلاف ڪير به اڳيان نه آيو. هاڻي جيڪڏهن عمران خان ڪجهه وقت ڌرڻا هنيا، پر ان سان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ختم نه ٿي، ان کي بچائڻ ۾به سياسي پارٽين اهم ڪردار ادا ڪيو. مطلب ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن کي ختم ڪرڻ ۾ سياسي پارٽين ائين ڪردار ادا ناهي ڪيو جيئن خود مسلم ليگ (ن) ڪندي رهي آهي.

مسلم ليگ (ن) جو چوڻ آهي ته انهن پيپلزپارٽي کي حڪومت ڪرڻ ڏني، مسلم ليگ (ن) ان وقت به ائين زور لڳايو جيئن عمران خان اڄ لڳائي رهيو آهي ته حڪومت ختم ٿئي، ڇا يوسف رضا گيلاني کي هٽائڻ ۾ ميان نواز شريف پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو هو؟ ان وقت جي سپريم ڪورٽ سوو موٽو نوٽيس جنهن انداز سان ورتا، ان ۾ خوش مسلم ليگ (ن) نظر نه آئي؟

ميمو گيٽ تي مسلم ليگ (ن) ڪيتري نه جذباتي ٿي وئي هئي، سڀ ڪجهه آن دي رڪارڊ تي آهي. ائين ناهي ته پيپلز پارٽي عوام کي جنت ڏني هجي، پر هتي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کي ڪوڊ ڪرڻ جو مقصد ته ٻنهي مان ڪنهن ڪيترو هڪٻئي جي خلاف قدم کنيا ۽ ڪنهن هر وقت مسلم ليگ (ن) کي بچائڻ لاءِ سمجهوتا سياست ڪئي.

پاناماليڪس ۽ سمجهوتا سياست!

پاناما ليڪس جي عالمي رپورٽ ۽ دنيا جا اڳواڻ ان ۾شامل آهن، پاڪستان جا اڳواڻ ڀل بهتر فهرست ۾ شامل هجن يا نه پر ڪرپشن جي ڪيسن جي فهرست ۾ ٽاپ تي ايندا، ان ۾ ميان نواز شريف به شامل آهي، غير ملڪ جي عوام جو امير وزيراعظم ميان نواز شريف. پاناماليڪس مان جيڪڏهن نواز حڪومت بچي وئي ته پوءِ هڪ ڳالهه طئي ٿي ويندي ته هن سياست مان اخلاقي سياست مري چڪي آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن پارٽي اگر مگر جي پاليسي اختيار ڪري سمجهوتا سياست ڪئي ته اها به اوتري ئي ڪرپشن ۾ برابر جي شريڪ ٿي سگهي ٿي، جيتري مسلم ليگ (ن) پاناما ليڪس ۾ آهي.

پاناما ليڪس تي ڪميشن جوڙي واضح ڪيو ويو ته ڪير درست ۽ ڪير غلط ڳالهائي رهيو آهي! معاملي کي دٻائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، جڏهن ڪرپشن جي الزامن تي ماضي ۾ ٻين جون حڪومتون جهٽ پل ۾ ڪيرايون ويون ته پوءِ هڪ پاناما ليڪس عالمي رپورٽ، جنهن ثبوتن سان ٻڌايو آهي ۽ خود وزيراعظم جا پٽ انٽرويوز ۾ اڻ سڌا اقرار ڪندا رهيا آهن، ان کان وڌيڪ ميان نواز شريف پاڻ قوم کي خطاب ڪري ٻڌايو ته سندس پٽن وٽ ڪيتري عمر ۾ جائيداد ۽ سرمائيڪاري ڪندڙ هئا ۽ بي بي سي جي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم نواز شريف جو پٽ اهو چوندي ٻڌو ويو ته هڪ شاگرد جي حيثيت سان ان وٽ ڪجهه به ناهي.

جيڪڏهن ان وٽ ڪجهه به نه هو ته پوءِ فيڪٽريون ڪيئن لڳايون؟ ڳالهه صرف هڪ پاناما ليڪس جي ئي ناهي پر ان کانپوءِ جنهن انداز سان ڳالهيون خود نواز خاندان ڪندي نظر آيو آهي، ان تي پاناما ليڪس تي هڪ وڏي ڪميشن جوڙڻ گهرجي ۽ ان جو رڪارڊ سرد خاني ۾ موڪلڻ بجاءِ عوام آڏو پيش ڪيو وڃي ته آخر ڪنهن ڇا ڪيو؟

پاناما ليڪس تي سياسي پارٽين کي سمجهوتا سياست نه ڪرڻ گهرجي، ڇو جو هي معاملو ڪرپشن ۽ غلط بياني جو به آهي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن ڪٿي سمجهوتا سياست ڪئي ته پوءِ اها سياسي طور تي پاڻ کي گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيندي ۽ اهڙي سياسي ڪمزوري کي ختم ڪرڻ مشڪل هوندو، پيپلز پارٽي ڪنهن به غير سياسي قدم جي سپورٽ نه ڪري ۽ نه ئي سمجهوتا سياسي ڪارڊ استعمال ڪري.

ملڪي سياست سمجهوتا سياست جيڪا صرف ڪجهه خصيص مفادن خاطر اختيار ڪري سياست کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، ها جيڪڏهن سمجهوتا سياست عوام جي مفادن ۾ هجي ته ڳالهه به سمجهه ۾ اچي پر هتي سمجهوتا سياست صرف امير اڳواڻن کي محفوظ رستو ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي. عوام ۽ جمهوريت جي نالي تي مذاق اڏايو ويو آهي. ايترو عوام کي بيزار نه ڪريو جو سڀاڻي عوام حقيقي آواز تي به اڳيان نه اچي. هاڻي ڏسون سياسي پارٽيون ڪهڙي پاسي بيهن ٿيون، لنڊن ياترا سياست جي ٽيبل تي سمجهوتا سياست جا ڪارڊ آڻيندي يا هن ڀيري جمهوري رستو اختيار ڪندي پاناما ليڪس تي ايمانداري سان فيصلو اڳيان ايندو.

پاناما ليڪس پاڪستان ۾ واٽر لو جي شڪل اختيار ڪندي!

جيڪڏهن پاناما ليڪس تي ايمانداري سان فيصلو اڳيان آيو ته پوءِ پاناما ليڪس واٽر لو جيان ثابت ٿيندي، جنهن ۾ نواز ليگ حڪومت کي ختم نه ٿيندي، ان سان گڏوگڏ ڪيس هلندا. خير اسان وٽ آرٽيڪل ڇهه تحت جڏهن آمر پرويز مشرف ٻاهر وڃي سگهي ٿو ته پوءِ نواز خاندان تي ڪيس ڪهڙو نتيجو ڏيندا؟ پر ان دوران حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي.

ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ صرف الزامن تي حڪومتون ختم ڪيون ويون، پوءِ هڪ رپورٽ جنهن جي نتيجي کان پوءِ حڪومت وٽ اخلاقي جواز ڪهڙو بچندو؟ ان ڪري موجوده سياسي ماحول ۾ پاناما ليڪس اڳتي هلي واٽر لو وانگر شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي، اهو ان وقت ٿيندو، جڏهن پاناما ليڪس تي سمجهوتا سياسي ڪارڊ استعمال نه ٿئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *