52 هين سالياني عرس جي مناسبت سان قلب جي شمع روشن ڪندڙ صوفي بزرگ پير مٺا سائين:ۡ عبدالفتاح عباسي

سنڌ جي سونهاري سرزمين هر دور ۾ عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي ۽ سنڌ پنهنجي خطي جي اندر بزرگان دين اوليا الله، ڪامل هستين، درويشن، صوفي بزرگن خلق خدا جي حوالي سان شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، لازوال خوبين جي مالڪ اوليا الله بزرگن سنڌ جي سرزمين جي اندر ڀٽائي سرڪار جي شعر جي تشريح جيان پوري عالم جي لاءِ دعاگو بڻجي جيڪو بي مثال ۽ شاندار تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو جنگين جي فاتحن کان به ڏٺو وڃي ته ان حوالي سان منفرد ۽ انوکو آهي، ڇوته هڪڙا ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ تلوار ۽ تير سان جنگيون فتح ڪن ٿا، پر اهي شخص جن جي شخصيت جي سحر سان انسانيت جي اندر واري قلب جي اندر جيڪا روحانيت جي شمع روشن ٿئي ٿي ۽ اسم اعظم الله جون برڪتون ڇائنجن ٿيون، ان جو ڪو مثال نٿو ٿي سگهي، قلبي ذڪر جي تنوار عاشقن جي عظيم خوراڪ آهي ۽ هي جيڪي ذڪر ۾ فنا في الله، فنا في الرسول ﷺ، فنا في الشيخ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، انهن جا درجا، انهن جون محنتون، انهن جون ڪاوشون ۽ انهن جو مقام اعليٰ درجي تي رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي نفس کي مارين ٿا ۽ زندگي جي عيش و عشرت زندگي جي رونقن بجاءِ پنهنجي رب ڪريم جي رضامندي لاءِ جهر جهنگ وستي واهڻ نگر نگر ۾ انسانيت جي خيرخواهي ۽ ڀلائي جي پرچار ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ نڪري پون ٿا ۽ اهي صوفي ازم جي حقيقي فلسفي تي عمل ڪندي جيڪو دڳ وٺن ٿا، اهو نهايت ئي انسانيت امن، پيار، محبت، اخوت، ڀائيچارو ۽ پريت جو پيغام آهي ۽ ان ۾ ئي انسانيت جي بقا ۽ سلامتي آهي، اوليا الله، درويشن، بزرگن ۽ صوفين رب تعاليٰ جي رضامندي لاءِ ۽ پنهنجي محبوب حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي خوشنودي لاءِ جيڪي ڪشالا ڪاٽين ٿا ۽ منزلون طئي ڪن ٿا، اهي بظاهر ڪن ماڻهن لاءِ ڀل جو ڏکيون هجن ۽ سفر اڻانگو هجي، پر انهن اولياءِ الله ڪامل هستين، صوفي بزرگن لاءِ ڏينهن توڙي رات عشق الاهي ۾ جيڪا زندگي بسر ٿئي ٿي، اها هڪ کليل ڪتاب جيان رهي ٿي، سماج جي اندر هي تڏي تي ويهندڙ ۽ راتين جو رب پاڪ تعاليٰ جي عاجزي انڪساري نياز نوڙت ۽ نه صرف پنج وقت نماز بلڪه انهن جون راتين جون راتيون تهجد کانپوءِ سڏڪن جا آواز لازمي طرح پنهنجي لاءِ نه ٿا ٿين. بلڪه اهي پنهنجي حلقاءِ احباب، امت جي خيرخواهي ۾ جاري ٿين ٿا ۽ انهن جو روئڻ ٻاڏائڻ ۽ رب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ هڪ مثالي محنت آهي، ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي ته:

طالب ڪثر سونهن اي رومي جي رهاڻ،

پهرين وڃائي پاڻ، پسڻ پوءِ پرين جو. (شاهه لطيف)

يعنيٰ سڀ کان پهرين پاڻ کي وڃائڻو آهي معنيٰ دنيا جي بي رنگيءَ مان پاڻ کي آزاد ڪرائيندي صرف ۽ صرف رب العالمين جي رضا تي راضي ٿيڻ کي پنهنجو مقصد حيات بڻائڻو آهي ۽ پوءِ جيڪو رب تعاليٰ جو پسڻ ٿئي ٿو، اهو نهايت رحمت، بخشش ۽ عنايتن جو کليل ثمر ٿئي ٿو. سنڌ جي اندر جيڪڏهن ڏسجي ته پير جو ڳوٺ حضرت سورهيه بادشاهه رحه، هالا وارا بزرگ مخدوم محمد سرور نوح رحه ۽ حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي فضلي رحمت الله عليه (لاڙڪاڻو رحمت پور) سنڌ جون اهي گاديون آهن، جيڪي سڀ کان وڌيڪ هزارين لکين مريدن، عقيدتمندن، زائرين جو مرڪز ۽ محور آهن، انهن بزرگن جا مريد نه صرف سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير ۾ آهن، پر جاپان، آمريڪا، برطانيه، ايران، عراق، شام، جرمني، ڪوريا، ڀارت، بنگلاديش توڙي ٻين ملڪن ۾ بيشمار تبليغي سفر جاري رکندا پيا اچن.

حضرت پير مٺا سائين رحه جي والد گراميءَ جو اسم مبارڪ يار محمد نقشبندي رحه هيو، جيڪي شريعت ۽ طريقت ۾ جامع علم و عمل جا مجمع البحر هئا، سندن جي مادري زبان سرائيڪي هئي ۽ پاڻ اصل پراڻي سنڌ جي ملتان جي ڀرسان ڳوٺ جلکال پور پير والا ضلع ملتان جا رهواسي هئا. سندن جي ادبي روحاني شاعري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ۽ پاڻ حمد، نعت، منقبت سميت مختلف صنفن تي لازوال شاعري ڪئي آهي، سندن اکر موتين جا داڻا هئا. حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه تصوف جي واٽ وٺندي ۽ انهي سنڌ کانسواءِ هند ۾ به اجمير، دهلي، بمبئي، احمد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ جيڪي اسلام جي پرچار ڪئي ۽ لکن جي تعداد ۾ عقيدتمند مريدن خدمت ۾ رهيا، اهي اسم اعظم جي نعمت سان مالا مال ٿيا، الله تعاليٰ جي رضا جي انهي دڳ ۾ هن ڪامل هستي ڪيترائي مريد بڻايا ۽ پاڻ سلسله عاليه نقشبنديه ۽ قادريه ۾ پڻ سبق درس ڏيندا رهيا، زندگي جي معاملات ۾ هر وک تي شريعت ۽ طريقت جي معرفت سان مالا مال زندگي گذري، پاڻ سچا پڪا عاشق رسول ﷺ هئا ۽ سندن جي سموري زندگي عشق رسول ﷺ سان ڀرپورگذري. حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رح 8 شعبان المعظم 1384هجري بمطابق 12 ڊسمبر 1964ع تي هن فاني دنيا مان حقيقي مالڪ ڏانهن راهي ٿيا. سندن اولاد ۾ حضرت خواجه خليل الرحمان نقشبندي غفاري رحمت الله عليه هئا، جيڪي به وقت جا عظيم ديني عالم ٿي گذريا ۽ سندن جو وصال 7 ذوالقعد 1396 هجري بمطابق 21 آڪٽوبر 1976ع تي ٿيو، جنهن کانپوءِ صاحبزاده سائين محمد مظهر جان جانان رحمت الله عليه گادي نشين جون خدمتون ڏيندا رهيا ۽ انهن جي وصال کانپوءِ سندن صاحبزادو سائين محمد عبدالغفار ثاني درگاهه سان وابسته  رهن ٿا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *