سنڌ جي ٻين ضلعن جيان دادو ضلعي اندر ڪيترائي تاريخي ماڳ آهن، جنهن سان سنڌي قوم جو گھرو تعلق آهي انهن مان ڪيترائي ماڳ مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ اڄ به جن ۾ نصير محمد ڪلهوڙو جو قديمي قبرستان رني ڪوٽ ۽ گورک هل اسٽيشن. خداآباد بادشاهي مسجد سميت ڪائي جا قديمي غار ڪائي جا قديمي غارن لاء چيو وڃي ٿو اهي غار 35 هزار سال قبل مسيح ۾ پٿر جي دور جي انساني هٿن جا تعمير ٿيل آهن جن جي سار سنڀال نه لهڻ سبب تباهه حالي جو شڪار ٿي ويا آهن ڪيترائي ماڳ حڪومت جي بيڌياني سبب پنهنجي اصلي خوبصورتي وڃائي رهيا آهن. جيڪي اڄ به اسان لاءِ ڌيان طلب آهن. انهن تاريخي ماڳن مان ڪلهوڙا دور جي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو پڻ هڪ آهي . مقبرو ميان يار محمد ڪلهوڙو دادو ضلعي جي دادو شهر کان 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي جيڪو سيوهڻ روڊ تي خداآباد کان اولهه طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪلهوڙا دور جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو آهي. ڪنهن دور ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو تخت گاهه خداآباد جو والي هو. هن کي مقامي ماڻهون ميان يار محمد ڪلهوڙو ڏنڊائي جي نالي سان ڪوٺين ٿا. ڪلهوڙن جو دور گھڻن ئي حوالن سان سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ فقيرن، بادشاهت کي مات ڏني . ميان يار محمد جي لاءِ ته اهو چيو وڃي ٿو ته هو حافظ قرآن هئو. هن جي دور ۾ هر طرف الله اڪبر جي جهونگار هوندي هئي. هن لاڙ تائين حڪومت ڪئي. ڪلهوڙا دور ۾ سنڌي ماڻهون خوشحال ٿيو. جڏهن ته نئين گاج جو پاڻي جيڪو ضايع ٿيندو هئو انهي کي استعمال هيٺ آندو ويو. ميان يار محمد نئين گاج جي پاڻي کي پڻ رٿابندي تحت زمينون آباد ڪيون.

علائقي جي عوام زمينون آباد ٿيڻ کانپوءِ خوشحال ٿيا. هن درياء واري پاڻي تي ننڍا ننڍا واهه کوٽائي غير آباد زمينن کي آباد ڪري علائقي کي سرسبز ڪري ڏيکاريو. ڪاڇي وارو علائقو جيڪو جابلو علائقو آهي اهو اڪثر ڪري تحريڪن جو مرڪز رهيو آهي ميان وال تحريڪ جا ماڻهون ان جبل ۾ اچي رهندا هئا. ڇاڪاڻ جو اتي نئين گاج جو پاڻي ملندو هئو ۽ جبلن جي سٺي پناهه پڻ ملندي هئي. هي تاريخي مقبرو هر دور جي حڪومتن جي لاپرواهي ۽ بيڌياني سبب هنڌان هنڌان ٽٽي پيو آهي. هن مقبري کي وڏا وڏا ڏار پئجي چڪا آهن.سنڌ جا ثقافتي ۽ سياحتي ڪيترائي ماڳ حڪومت جي بيڌياني عدم توجي سبب پنهنجي اصلي خوبصورتي وڃائي تباهه حالي جو شڪار ٿي ويا آهن جيڪڏهن دادو ضلعي جي جبلن جو جائزو وٺبو ته اهي به بي بها قيمتي اثاثا آهن جيڪي پڻ سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. دادو ضلعي جي جابلو سلسلن تي ڪيترن ئي قسمن جا ٻوٽا ۽ وڻ پئدا ٿين ٿا جيڪي انساني جانين جي بچاءُ ۾ ڪتب ايندڙ دوائن لاءِ ڪارائتا آهن لڪي لڳ اولهه طرف گرم پاڻي جا چشما موجود آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ان پاڻي ۾ گندرف جو اثر هجڻ ڪري خارش ۾ مبتلا مريض جلدي صحتياب ٿين ٿا اهڙي پاڻي جو ڪيمائي تجزيو ڪرائي جيڪڏهن اتي چمڙي جي بيمارين وارو مرڪز قائم ڪيو وڃي ته اهو سنڌ جي عوام وڏو فائدي وارو ٿي سگهي ٿو، سيوهڻ لڳ بڊو جبل ۽ دادو لڳ اولهه طرف گورک واري ٽڪري به ابهوا جي لحاظ کان انتهائي خوشگوار آهن سيرسياحت ۽ تفريح جي حوالي سان بڊوجبل نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ مشهور آهي، بڊوجبل سمنڊ جي سطح کان 2500 فوٽ بلندي تي آهي آبهوا جي لحاظ کان هي ٿڌو علائقو آهي بڊوجبل جهانگارا رستي کان تقريبن 22 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پڪي روڊ جي سهولت سان واڳيل آهي جتي سنڌ جي ڪيترنئي هنڌن تان سياح پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندا رهندا آهن.

Picture2بڊوجبل اتر کان ڏکڻ طرف 40 ڪلوميٽر ڊگيهه ۾ ٿاڻي بولاخان تعلقي جي حد ۾ ختم ٿي وڃي ٿو گرمي جي جون جولاءِ جي گرم ترين مهينن ۾ به هتان جي موسم نهايت ئي ٿڌي ۽ وڻندڙ آهي بڊوجبل پري کان مڇي جي ڪنڊي جهڙي شڪل رکي ٿو ۽ الف انب جي ليڪ جيان ڏيک ڏئي ٿو بڊوجبل اسٽيشن تي اڳواڻي وزيراعلي! سنڌ سيد عبدالله شاهه ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا جيڪي پائيه تڪميل تي نه پهچي سگهيا حڪومت وڃڻ بعد بڊي جبل وارا منصوبا اڌ ۾ رهجي ويا. بڊي جبل ۽ گورک تي جيڪڏهن ٽي بي اسپتالون قائم ٿي وڃن ها ته اهي ٽي بي ۾ ورتل مريضن کي شفا ڏئي سگهن پيون. افسوس ترقياتي اسڪيمون اڄ تائين رولڙي جو شڪار آهن ۽ اتي پئدا ٿيندڙ ڄانڱري ٻيرن ۽ پيرون جي واڌ لاءِ زراعت کاتي کي ڪم سونپيو وڃي ته اتان جي ماڻهن جي روزگار ۽ پيٽ پالڻ ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي . اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه هن ڏس ۾ ڪافي جاکوڙ ڪئي هئي ۽ ڄانڱري ٻيرن جي ڦهلاءُ لاءِ رٿا به شروع ڪئي هئي پر اها حڪومت جي خاتمي سبب اڳتي وڌي نه سگهي پر هاڻ به وقت ناهي ويو موجوده حڪومت به اهو ڪم وڌائي سگهي ٿي.انهي سان گڏ بڊو کي تعلقو بڻائڻ جو خيال ظاهر ڪيو جيڪو نه ڪيو ويو هو بڊوهل اسٽيشن سنڌ جو پرڪشش اثاثو آهي جيڪڏهن بڊوجبل تي ڌيان ڏنو ويو ته سنڌ حڪومت کي ڪيتروئي ناڻو ڪمائي ڏئي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته سياحت ۽ معدنيات جي لحاظ سان مالامال آهي هتي تيل ۽ گئس جي ذخيرن کي هٿ ڪيو ويو آهي ۽ سنگ مرمر پٿر جون کاڻيون پڻ هٿ آيون آهن لوهه ٽامو ميٽ ۽ سون وغيرن به اوڳاڇيندو چون ٿا ته بڊوجبل تي سڀ کان پهرين آمريڪي هنٽ ڪمني 1965ع ڌاري گاڏي جو ڦيٽو رسايو ۽ ڪيترائي جڙين ٻوٽين جا ڳولائو سنياسي جوڳي فقير بڊوجبل جو رخ ڪندا آهن.

هتان جو پنير ۽ ٻير مشهور هئا تاريخ جا ڄاڻو چون ٿا ته سنڌ ۾ سمنڊ مان پهرين بڊوجبل نڪتو بڊوجبل بابت ڪيتريون ئي ڌندڪٿائون ٻڌندي اچن ٿيون چون ٿا ته بڊو مٿس نالو موسم جي ڪري پيل آهي ڪي چون ٿا ته بڊو نالو بڊاڻي قبيلي سبب پيو ڪن ماڻهن جو اهيو به چوڻ آهي ته هڪ خطرناڪ شينهن سان مقابلي جي سبب ڪنهن بهادر شخص کي مڙس ته ڪو بڊو آهين جو لقب ڏنو ويو هو،مختصر ته هن جو پراڻو ايامن کان نالو ئي بڊو آهي بڊو جبل بنيادي طور تي کيرٿر جبل جي شاخ آهي هن جا ڇيڙا ڀڳو ٽوڙهو ۽ بت جبل سان ڳنڍجن ٿا هتي هر هڪ ٻوٽي ۽ هر هڪ کاهي جو الڳ الڳ نالو رکيل آهن هتان جا دوزان لڪ ۽ قبولي لڪ مشهور آهن بڊوجبل جي چوٽي مٿان ڪيترن ئي هنڌن تي هموار آهي.

جنهن جي ويڪرا 6 ڪلوميٽر ٿيندي بڊوجبل جي چوٽي تي ڪيترن ئي ڳوٺن کان علاوه بڊو جبل جي ٻنهي پاسن هيٺ به ڪيترائي ڳوٺ واقع آهن بڊوجبل جي چوٽي تي گائيچا ۽ سهتاڻي قبيلن جا ننڍا وڏا ڳوٺ آهن ڳوٺ بڊو جبل جي ڳوٺاڻن تيل ڪمپني پاران کين روڊ گئس تعليم ۽ صحت جون سهولتون نه ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن سماجي ورڪر سيد حيسن شاهه لڪياري محمد بخش سهتاڻر ستار رضا محمد ۽ عرس گائيچو ۽ ٻين وقت به وقت احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي ڳوٺاڻن الزام هڻندي دانهيو آهي ته بڊو جبل مان گئس ۽ تيل ڪڍندڙ ڪمپني روزانو ڪروڙين رپين جو تيل ۽ کئس ڪڍي رهي آهي پر اسان بڊي جبل جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم آهيون ڳوٺاڻن چيو ته وڏي تعداد ۾ گئس ۽ تيل نڪرڻ باوجود اسان ڳوٺاڻن سوئي گئس جي سهولت کان محروم آهيون ۽ گهرن اندر اڄ به ڪاٺين تي رڌ پچاءِ ڪري رهيا آهيون.

Picture4جڏهن ته نه اسڪول آهن ۽ نه وري صحت جون سهولتون ڏنيون پيو وڃن هنن چيو ته قدرتي سونهن رکندڙ بڊو جبل جيڪو گرمي جي موسم ۾ ٿڌو هوندو آهي ۽ ٻاهريان ماڻهو تفريح لاءِ هتي ايندا آهن پر نجي ڪمپني جي ناانصافي سبب قدرتي سونهن رکندڙ بڊو جبل ڏانهن ويندڙ روڊ تباهه ڪري ڇڏيو آهي ڪمپني جو ڳرو وزن کڻي گذرندڙ گاڏين روڊ کي زبون حال بڻائي ڇڏيو آهي ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن کان طالبو ڪيو ته بڊو جبل ڏانهن ويندڙ روڊ تعمير ڪرائي اسان ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج ۽ ڏرڻن جو سلسلو جاري رکيو ويندو بڊوجبل جي پاسن جي ڪيترنئي هنڌن تان پيادل واٽون آهن چون ٿا ته ڪنهن پراڻي زماني ۾ ايراني بادشاهه پنهنجي قافلن سميت شڪار ۽ سيرتفريح لاءِ بڊوجبل ۾ ديرو ڄمائيندا هئا

**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *