30 آڪٽوبر تي ڇا ٿيندو؟: واحد پارس هيسباڻي

نواز ليگ کي سياست ڪندي ٽي ڏهاڪا ٿي ويا آهن، ان دوران ايڪ کان ايڪ مخالف ساڻس ٽڪريا هوندا، ڪن هن جو اقتدار وڃايو هوندو ته ڪن جو هن اقتدار وڃرايو هوندو، اهي ڌرڻا، اهي احتجاج هن به ڪيا هوندا ۽ انهن کي منهن به ڏنو هوندو پر پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ هن سان ڪڏهن تحريڪ انصاف جهڙِي سنگت نه ٽڪرائي هوندي، جيڪا نه ته جان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ۽ نه جان ڇڏڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي! اڃا هڪڙو ڌرڻو لڳي بيهي ٿو، اڃا هڪ مارچ ٿي بيهي ٿو ته مٿان نئون پروگرام تيار آهي. اقتدار سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي نواز ليگ کي تحريڪ انصاف تاريخن مٿان تاريخون ڏيندي رهي آهي. هر تاريخ ڀيري اهي ئي دعوائون هونديون آهن ته بس هن ڀيري نواز حڪومت کي وڃڻو ئي پوندو، هاڻي کيس وڃڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي پر ان تاريخ تي ”کايا پيا، ٿوڙا گڙ گڙايا اور چل ديئي….“ واري ڪهاڻي ورجائجندي آهي. تحريڪ انصاف ته نواز ليگ کي اقتدار سنڀالڻ جي ٻئي ڏينهن کان ئي گهر موڪلڻ جو پڪو پهه ڪري ميدان تي نڪتل آهي پر اهي نواز ليگ جا ڀلا ڀاڳ چئجن يا تحريڪ انصاف جي سياسي سگهه جي ڪمزوري جو معاملا اڀي تڪ جون ڪي تون آهن…. ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف رائيونڊ مان ڌرڻو پڻ هڻي آئي آهي، جنهن بابت اهي خبرون هيون ته هي انتهائي پاور فل ڌرڻو هوندو ۽ تخت لاهور لڏي ويندو، ٻنهي پاسن کان مقابلي لاءِ باقاعدي ور به کنجيا ويا هئا، ڪي لٺين باٺن ۽ ڪنن آنن وارا جٿا به تيار ٿيا هئا پر رستي تي ٻن ملهه پهلوانن جي مقابلي واري خبر سان خير ٿي ويو، جيڪو مقابلو وري نواز ليگ جي پهلوان ئي کٽيو. رائي ونڊ ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي قائم ٿيل پنڊال ۾ عمران خان عرف عام سونامي ٻه ٽي مودي کي گاريون ڏئي موٽي آيو. ان ڌرڻي جي شاندار ناڪامي کانپوءِ ٿيڻ ته ائين کپي ها ته تحريڪ انصاف ٻه ٽي ڏينهن ساهي پٽي ها ۽ نئين تحريڪ جي نئين نموني سان پلاننگ ڪري ها، تازي ڌرڻي جي ناڪامين جا سبب ڳولي رهيل خال ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها پر روايت جيان ائين نه ڪيو ويو ۽ هاڻي 30 آڪٽوبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ان معاملي ۾ تحريڪ انصاف جي سرواڻ جو چوڻ آهي ته 30 آڪٽوبر تي ڌرڻو نه پر ڌرڻو پلس هوندو. اهو پي ٽي آءِ جي 20 سالن جي سياسي جدوجهد جو فيصلائتو ڏينهن آهي، ان وقت تائين نه رڪباسين، جيستائين نواز شريف استعيفيٰ نه ٿو ڏئي…… ٻئي پاسي نواز ليگ به هن نئين چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پلاننگ ڪري رهي آهي. امڪان اهي آهن ته ان ڏينهن تي تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏنو ويندو ڇو ته ماضي قريب ۾ هنن جو پنهنجي پڄاڻي تي نه پهچندڙ ڌرڻو حڪومت کي چڱي طرح ياد آهي ۽ ان مان هن ڪهڙي مشڪل سان جان ڇڏائي هئي ان جو به کيس پورو اندازو آهي. پر جيڪڏهن هن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني به وئي ته ان جو دائرو، ٽائيم پيرڊ وغيره باقاعدي دستاويزن تي لکرائي ۽ گڏوگڏ ڪنهن پاور فل ڌر جي ضمانت به ورتي ويندي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي ٿو ته ان سان گوڙ ضرور ٿيندو پر مان سمجهان ٿو ته اهو ايڏو گهڻو اثرائتو ان ڪري نه هوندو ته اسلام آباد کي ڊسٽرب ڪرڻ بحرحال ڪير به پسند نه ڪندو. رائيونڊ هجي يا لاهور هجي اتي ته وري به معاملا هلي وڃن ٿا پر اسلام آباد هاءِ سيڪيورٽي زون آهي جتي نه رڳو قومي اسيمبلي، سينيٽ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وزير اعظم هائوس، ايوان صدر سميت اهم هنڌ آهن پر پرڏيهي سفرتخانن سميت گهڻو ڪجهه آهي. تحريڪ انصاف جي ماضي قريب واري ڌرڻي دوران جيڪي مسئلا پيدا ٿيا هئا ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ جيڪو تاثر ويو هو ان کي ڏسندي امڪان اهي آهن ته هن ڀيري ڌرڻي کي ورجائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي پر جيڪڏهن وچان ڪي مضبوط ضامن ڌريون اچي ويون ته تحريڪ انصاف جو هي شو به نه ٿو لڳي ته لاهور يا رائيونڊ واري شو کان ڪو گهڻو مختلف هوندو. اصل ۾ مسئلو اهو آهي ته جڏهن ڪي به شيون روٽين ٿي وينديون آهن ته اهي پنهنجي اهميت وڃائي ويهنديون آهن، اهو مسئلو تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۽ مارچن سان به ٿي رهيو آهي. هر ٻئي ڏينهن هي شيون ورجائي ورجائي ڄڻ ته انهن جي اهميت هٿ سان گهٽائي وئي آهي. توهان ماضي واري تحريڪ انصاف جي اسلام آباد واري ڌرڻي جي جوش کي ڏسو ۽ تازو رائيونڊ سميت ڪجهه ٻين ڌرڻن جي جوش کي ڏسو، وڏو فرق محسوس ٿيندو. ڀلي تحريڪ انصاف سان پيار ڪندڙن ۽ وفادارن جو وڏو تعداد هجي پر هر وقت ۽ روز روز ته ڪير ايترو واندو آهي ڪونه جو جيڏانهن اشارو ڪيو هلي پئجي! تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهو 24 ڪلاڪ واندا ته هوندا ڪونه، ضرور ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ڌاڙي سان لڳل هوندا، عقيدت ۽ وفاداري پنهنجي جڳهه تي پر روز روز پنهنجا ڪم ڪار سِيڙائڻ ڪير پسند ڪندو. اصل ۾ تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ هي جيڪا ڌرڻن ۽ مارچن جي بنا اسٽاپ سيريز شروع ڪئي آهي ان خود سندس ماڻهن کي به هڪ وڏي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ انهن ۾ حصي وٺڻ جي معاملي ۾ اهي پريشان ٿي رهيا آهن. ٻيو وڏو مسئلو اهو به ٿي رهيو آهي ته هر ڀيري دعوائون ته وڏيون ٿي رهيون آهن پر نتيجو ڪوبه سامهون ناهي، جيڪا شيءِ پڻ ساک کي متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. هن صورتحال ۾ خود تحريڪ انصاف جا همدرد به ان راءِ جا نظر اچي رهيا آهن ته هاڻي هن معمول جي ڌرڻا سياست مان ٻاهر نڪري ڪجهه نئون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي نواز ليگ به هاڻي تحريڪ انصاف جو پاڻي ڪڇي وئي آهي ۽ اڳ ۾ ڪو به غلط فيصلو ڪرڻ دوران هن کي پريشر پوڻ وارو جيڪو ٿورو گهڻو الڪو هوندو هو هاڻي اهو به ناهي ۽ پنهنجي مرضي سان پاليسيون ٺاهڻ ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي، جيڪا ڳالهه سڀني مخالف ڌرين لاءِ ڳڻتي واري هئڻ گهرجي. اها حقيقت آهي ته جتي مضبوط اپوزيشن نه هوندي آهي اتي حڪمرانن جي پنهنجي مرضي واري من ماني هلندي آهي، جتي اپوزيشن مضبوط هوندي آهي، اتي ائين نه ٿيندو آهي. هاڻي بهتر ائين ئي ٿيندو ته تحريڪ انصاف سميت سمورين مخالف ڌرين کي ٿڌي دماغ سان ويهي ان تي سوچڻ گهرجي ته اهي ڪيتريون مضبوط آهن ۽ انهن جي حڪومت کي ڪيتري پرواهه آهي؟ جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪمي ڪوتاهي آهي ته ان جي سببن کي به جاچڻ کپي. پاناما ليڪس معاملو هجي يا ڪو ٻيو جيڪڏهن حڪومت ڪٿي غلط آهي ۽ مخالف ڌرين جي دانهن ڪوڪن باوجود ٽيشن نه ٿي کڻي ته ان پٺيان هڪڙو وڏو سبب مخالف ڌرين جو ورهايل هجڻ ۽ ون مين شو ڏيکارڻ واري ڪوشش به آهي. جيڪڏهن مخالف ڌريون ڪنهن به نقطي تي گڏجي بيهن ۽ گڏجي حڪومت تي پريشر وجهن، نتيجي ۾ حڪومت جي صحت تي ڪو اثر نه پوي اهو ممڪن ئي ناهي. بهتر ائين ئي ٿيندو ته ڪمپني جي مشهوري لاءِ روز نوان شو ڏيکارڻ بدران سنجيده معاملن تي سنجيده قسم جي سرگرمي ڪرڻ کپي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *