2050ع تائين ڀٽائي جو تر نه رهندو : سرواڻ چانڊيو

سنڌ جيڪا سدائين ڏکن جو ڏيهه رهي آهي، جتي عزتن کي ڪارو ڪاري جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. ورهاست جي ويڙهه ۾ پنهنجن رت جي رشتن کي چکيا تي چاڙهيو وڃي ٿو ۽ پنهنجن معصوم ٻارن کي ڪنهن چيلي جي فرمائش تي ڪهي ٻلي ڏني وڃي ٿي ۽ ڪيترائي ڪيس ٿين ٿا. هجرن ۾ نياڻيون ڪٺيون وڃن ٿيون ۽ مذهب جي آڙ ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي گناهن کي ڌرتيءَ جي سيني ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو، پر اها سنڌ ئي آهي جنهن ڪيترن ئي گناهن جو بار کنيو آهي ۽ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا ڏسڻ باوجود ڪيترن کي ئي اجهو فراهم ڪيو آهي ۽ ڪيترائي درد دل ۾ سانڍي سدائين سکائتي رهي آهي، پر هاڻي لڳي ٿو ته سنڌ تي وڏا ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن. سنڌ ته ان وقت به ڀرپور طريقي سان پنهنجي وجود کي بچايو هو، جڏهن کيس ٻه اڌ ڪرڻ جي لاءِ واڪا ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي سندس ٻيٽ به وڪڻي ڇڏيا. ساحلي پٽيءَ تي وڏيون وڏيون خوبصورت عمارتون ٺاهڻ شروع ڪيون پر سنڌ ان وقت به منهن ۾ سر نه وڌو ۽ سدائين اڏول رهي، شايد کيس خبر آهي ته هو ڪڏهن به ختم ٿيڻ واري نه آهي، ڇو ته سنڌ سدائين رهڻ جي لاءِ ٺهي آهي ۽ سدائين رهندي.

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀني پاڻي توڙي ماحولياتي ماهرن ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ته 2050ع تائين ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين نه رهندا ۽ اهي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا. اها ڳالهه واقعي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي. ڇو ته هيستائين بدين ۽ ٺٽي جو ڪيترو ئي حصو سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي پر اڃا به دودي سومري جي مزار سمنڊ سان جهيڙي رهي آهي ۽ لهرن کي روڪي رهي آهي، پر دودي وانگر هاڻي اها به جهوني ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ لهرن جي سٽ سهڻ جي منجهس سگهه نه رهي آهي ۽ سمنڊ بادشاهه آهستي آهستي دودي جي مزار کي کائيندو ڪنهن مست هاٿيءَ وانگر اڳيان ڌوڪيندو اچي ۽ هاڻي ته واضح طور تي اعلان ٿي ويو آهي ته بدين، ٺٽو ۽ سنڌ جي دل ڪراچي 2050ع تائين نقشي تي موجود نه رهندا، جيڪا واقعي ڇرڪائيندڙ ڳالهه آهي.

ٺٽو ۽ بدين اهو علائقو آهي، جيڪو ڀٽائيءَ جو تر آهي. ڀٽائي سدائين بدين تان ڦيرو ڏنو ۽ بڙ جو ڍورو اڄ به شاهد آهي ته ڀٽائي ڀٽ کانپوءِ جيڪڏهن ديرو ڄمايو ته اهو لاڙ پڇاڙي هئي ۽ هاڻي جيڪڏهن خطرو آهي ته ڀٽائي جي تر کي آهي ۽ هاڻي پريشاني ان جي لاءِ به آهي ته هي حملو ڪنهن ڌرتيءَ جي غدار پٽ کان نه پر سمنڊ کان آهي ۽ اها هڪ قدرتي آفت آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اها ئي ڪوشش ڪرڻي پوندي جيڪا ان آفت کي پوئتي موٽائي يا ان جو سائنسي طريقي سان مقابلو ڪري. ڇو ته ماڻهوءَ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر سمنڊ بادشاهه کي منهن ڏيڻ مشڪل آهي. اسان ان جو نظارو 1999ع ۽ 2004ع جي طوفانن ۾ ڏسي چڪا آهيون ۽ ان کانپوءِ به سمنڊ بدين ۽ ٺٽي تي ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر الائي ته ڇو سگهه ساري نه سگهيو ۽ رڻ ڪڇ تي ڪاهه ڪري اتي وڏي تباهي ڪئي.

ملڪ ۾ اهي سڀ شيون دير سان سمجهه ۾ اينديون آهن، جيڪي وڏي تباهيءَ جو سبب بڻجنديون آهن. ڪو وقت هو جو اتر سنڌ جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي لاءِ ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (ايل بي او ڊي) جو منصوبو جوڙيو ويو ته ان وقت سنڌي انجنيئر غلام محمد سومرو ان جي سخت مخالفت ڪئي ۽ واضح ڪيو ته اهو هڪ ناڪام منصوبو آهي ڇو ته سمنڊ جي سطح مٿانهين آهي ۽ پاڻي ان رفتار سان ان ڏانهن ڇوڙ ٿي نه سگهندو ۽ اهو نالو هنڌان هنڌان ٽٽي ويندو پر ڪجهه پرمتڙين ماهرن سنڌي انجنيئر کي چريو قرار ڏيندي ان منصوبي کي اهم ڄاڻايو ۽ ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ وقت شاهد آهي ته ايل بي او ڊي جهڙي تباهي ٻي ڪنهن به شيءَ ناهي آندي. ڪيترن ئي ضلعن جي زمين مڪمل طور تي کاري ٿي وئي، جر جو پاڻي زهر ٿي ويو ۽ زمينون تباهه ٿي ويون. ان کانپوءِ ماهرن کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته واقعي اهو هڪ ناڪام منصوبو هو، جنهن کي ٺاهڻ ئي نه گهرجي ها.

هاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پڻ پاڻي ڇڏڻ جي حوالي سان ڪيترن کي ئي اختلاف آهي. هڪ طرف سنڌ جا ماهر آهن جيڪي ان ڳالهه تي پير کوڙي بيٺل آهن ته جيڪڏهن ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ويو ته پوءِ سمنڊ مٿي چڙهي ايندو ۽ حيدرآباد کي پڻ خطرو لاڳو ٿي ويندو ۽ ٻئي طرف ارسا ۽ ٻيا اسلام آبادي ماهر آهن، جيڪي چون ٿا ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي زيان ٿي رهيو آهي ۽ ان کي بچائڻ جي لاءِ ڪالاباغ يا ٻيو ڪو اهڙو منصوبو ٺاهيو وڃي جو هڪ ڦڙو به پاڻيءَ جو ڪوٽڙي کان هيٺ نه وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه جو پڻ اعتراف ڪيو ويو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري دريائي وهڪرا متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سمنڊ آهستي آهستي مٿي چڙهي رهيو آهي ۽ هيستائين لکين ايڪڙ زمين ڳيهي ويو آهي ۽ ان کي روڪڻ جي لاءِ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ ضروري آهي.

سنڌ سان الائي ڇو هر حوالي سان مٿئين سطح تي ٻه اکيائي ڪئي وئي آهي، پوءِ اها روزگار جي ڳالهه هجي يا انساني زندگي جي لاءِ اهم شيءَ پاڻي هجي پر جڏهن به سنڌ جي ڳالهه اچي ٿي ته ڪيترن ئي کي تڪليف ٿيڻ لڳي ٿي ۽ اهي نه ٿا چاهين ته سنڌ ڏانهن پاڻي جو ڪو ذرو به وڃي. اها ته رب جي مهرباني آهي جو سنڌو درياهه جو ڇوڙ سنڌ کان ٿيندو سمنڊ ۾ آهي جيڪڏهن اهو رستو نه هجي ها ته پوءِ سنڌ سموري ٿر جو ڏيک ڏي ها ۽ سڀني جون اکيون اڀ ۾ هجن ها ته ڪڏهن ٿي مينهن ڦڙي پوي ۽ ڪڏهن ٿيون پوکون پوکجن.

ڀٽائي جنهن سنڌ سميت سڄي دنيا کي آباد هجڻ جي دعا ڏني پر هاڻي سنڌ ڇا پر سندس تر کي ئي خطرو ورائي ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته سمنڊ هاڻي ڀٽائي جي ڀٽ تائين پهچي وڃي ۽ اڳتي لهرون ئي لهرون هجن جنهن ۾ سندس گنج ٻڏندو ۽ ترندو رهي پر سندس بيت ورجائڻ وارو ڪو به نه هجي، بڙ جو ڍورو به ختم ٿي وڃي، ٺٽو به ختم ٿي وڃي ۽ سنڌ جي ڪراچي به ٻڏي وڃي، نه مورڙو رهي ۽ نه ئي وري ڪلاچي جو ڪن رهي. پر هر طرف اڇ ئي اڇ هجي، جتي مانگر مڇ ئي ڊوڙندا رهن ۽ ڀٽائي صرف ڏسندو رهي ۽ پنهنجا تر ڳوليندو رهي، نه رحمڪي بازار جون پراڻيون ڳليون هجن ۽ نه ئي وري لنواري جي لال جو مقبرو هجي، نه شاهه قادري جو مقام هجي، نه وري سمن سرڪار جو ڪڏهن ميلو لڳي. سانوڻ فقير جا نڙ بيت به سدائين جي لاءِ خاموش ٿي وڃن ۽ هر طرف صرف سمنڊ جون لهرون هجن، جيڪي سڀني کي ڳيهي وڃن.

ان سڄي صورتحال ۾ پريشاني صرف انهن جي لاءِ آهي، جن جو ڪو به اجهو نه آهي، باقي سرنديءَ وارا ته اتان کان لڏي ڪنهن ٻي جاءِ تي پهچي ويندا ۽ انهن جا محل به اڳ کان وڌيڪ بهتر هوندا، جن تي خوبصورت چٽسالي ڪيل هوندي پر نه رهندو ته مير محمد لنڊ جو خاندان، جيڪو ٻيهر ڪڏهن بوڙينڊو وڄائيندو ۽ نه ئي وري خالد قمبراڻي جو اهو خوبصورت آواز هوندو جيڪو هو غربت هوندي پيٽ پالڻ جي لاءِ اڄ به ڪوئلن جي استري هلائي ماڻهن کي گيت ٻڌائي ٿو، ۽ نه ئي وري ڪنڀارن جا اهي دلا هوندا، جيڪي آرهڙ جي ڏينهن ۾ ماڻهن کي ٿڌو پاڻي ڏين ٿا ۽ اڃ لاهين ٿا پر سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. سونهن ختم ٿي ويندي هر طرف اجاڙ ئي اجاڙ هوندي ۽ نه وري سرنهه جا پيلا گل هوندا، نه وري ڪوئل جي ڪا لات هوندي، نه وري ڍنڍون ڍورا هوندا، پر جي هوندي ته صرف ويراني هوندي ۽ برباديءَ جا ڏيک پڻ سمنڊ جي لهرن هيٺ اچي ويندا ۽ ڪو به اهڃاڻ نه رهندو.

ان جي لاءِ سنڌ جي ڏاکڻي پٽي جيڪا ڀٽائي جو تر آهي، ان کي بچائڻ جي لاءِ هينئر سان ئي ڪي هيلا ڪرڻا پوندا، ان جي لاءِ ڪي سائنسي قدم کڻڻا پوندا، ڇو ته هي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش نه آهي پر هڪ قدرتي حملو آهي ۽ ان کي صرف هٿ تي هٿ رکي ويهڻ سان ٽاري نه ٿو سگهجي، پر ان جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ۽ حڪومت کي سنڌ جي ان خطي کي بچائڻ جي لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا ۽ جيڪو ڪوسٽل هاءِ وي جو منصوبو جڙيل آهي، ان تي ٻيهر ڪم شروع ڪرڻو پوندو، ڪي ٽي بندر کي بحال ڪرڻو پوندو ۽ علي بندر رٿا کي پڻ عملي جامو پارائڻو پوندو. جيڪڏهن اهي ڪوششون ڪيون ويون ۽ منصوبا مڪمل ڪيا ويا ته پوءِ ڀٽائي جو تر بچي پوندو، دودي جي مزار به باقي رهندي ۽ بڙ جي ڍوري ۾ به ڀٽائي جا گيت ۽ وايون گونجنديون رهنديون.

***************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *