1947ع کان پوءِ زيادتين جو نشانو بڻجندڙ سنڌ: اڪبر بخاري

دنيا جو گولو جڏهن اسين مختلف آفيسن جي ڀتين تي ڏسندا آهيون يا ٽيبل تي بيضوي نما ٺهيل رنگا رنگي شيشي جي ٺهيل ٽڪري کي ڏسندا آهيون ته دنيا اسان کي ڏسڻ ۾ تمام ننڍڙي ۽ محدود لڳندي آھي پر جڏهن اسان دنيا جي نقشي ۾ نظر ايندڙ ڪنهن هڪ به ڪنڊ جي جاچ ۽ انهي جي ريسرچ ڪندا سين ته اسان کي صديون گذري وينديون پر اسان انهي نظر ايندڙ زمين جي ٽڪري ۾ وڃي ڪري اتان جي ثقافت، رسمن، تهذيب، ماضي متعلق ڄاڻي نه سگهندا سين ڇاڪاڻ ته هيءُ دنيا خدا تعالي هزارين اڳ پنهنجي قدرت سان وجود ۾ آندي هئي دنيا جي جوڙ جڪ انهي جو وجود هن زمين تي تخليق ٿيل حيوانيات ۽ جيوت جي وجود بابت دنيا جا لکين سائسندان صرف پنهنجيون ٿيوريز ڏئي چڪا آھن پر يقين سان اڄ ڏينهن تائين ڪو به مفڪر يا سائنسدان دنيا جي ڪنهن به شيءِ جي مڪمل جاچ ڪري انهي چيپٽر کي بند نه ڪري سگهيو آھي بلڪي صديون گذرڻ باوجود به انهي تحقيقن تي جاچ هلندي رهي ٿي اهڙي طرح سان هن دنيا ۾ تعليم ۽ ريسرچ جو سلسلو جاري هلندو آيو آھي جيئن دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف علائقن جي مختلف حصن ۾ پنهنجي پنهنجي ثقافت، رسم، رواج، رهڻي ڪهڻي هلڻ چلڻ جو طور طريقو هلندو رهيو آھي ساڳئي طرح سنڌ امڙ جو وجود انهي جون رسمون رواج، ثقافت، تهذيب به هزارين سالن کان پنهنجي رهي آھي. پوءِ انهيءَ ۾ وقت جي گذرڻ سان تبديليون اينديون پيون اچن انهن مان ڪجهه ماضي جون شيون ختم ٿينديون پيون وڃن يا وري روز مره جي زندگي ۾ ڪافي نواڻ ايندي پئي اچي.

پاڪستان جي وجود کان اڳ ۾ هن سموري خطي کي هنڌ ۽ سنڌ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پر برٽش حڪومت جي خاتمي کان پوءِ هندستان کي الڳ ڪري هتي پاڪستان ملڪ جو نالو ڏئي ڪري اسلامي جمهوريه پاڪستان ٺاهيو ويو پاڪستاني جي آزادي هجي يا ملڪ ٺاهڻ جي تحريڪ انهي ۾ سنڌ امڙ جي هنج ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڪردار ۽ قربانيون، تاريخدانن کان لڪيل نه آھن سنڌ امڙ کي ريگستان، گئس، کير ٿر جبل جون بهارون، سنڌو درياءَ، سڪ، سرسبزي سميت خدا جي ڏنل هر نعمت آھي سنڌ کي جديد دور ۾ پڙهيل لکيل طبقو دبئي جي ڀيٽ ڪري ”سنڌ دبئي آھي“ جا به مثال ڏيندو آھي. پر ايترو سارو سنڌ کي پنهنجون نعمتون هجڻ باوجود سنڌ ۾ رهندڙ 90 فيصد ماڻهو ھن وقت بکون ڪاٽي رهيا آھيون پاڪستان جي آزادي کان پوءِ سنڌ مان مهمان نوازي، پيار محبتون ختم ٿينديون ويون جيڪي هاڻي نفرت بيزاري جي آخري منزلن تي پهچي چڪيون آھن آزادي کان اڳ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سکيو خوشحال ۽ پيار محبت سان رهندو هو شايد اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۾ هر قوم، نسل، مذهب، ذات پات جا قبيلا رهائش پذير آھن انهن کي سنڌ امڙ جي خوشبو ۾ ايترو ته مزو آيو جو هو هتي صدين کان آباد ٿي ويا آھن پاڪستان جي آزادي بعد پاڪستان جي جوڙ جڪ ۽ انهي جو قانون اهڙي ريت ٺاهيو ويو جنهن ۾ سنڌ کي برابر جا حق حاصل نه آھن پاڪستان کي ٺهندي ڪافي سارا سال گذري چڪا آھن پر ھن وقت تائين سنڌ کي پنهنجي حقن مان 50 فيصد به حق نه ڏنا ويا آھن ماضي ۾ سنڌ جنهن جي ڌرتي مان هر وقت پيار جي خوشبو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن فضائن ذريعي گونجندي هئي اڄ انهي سموري سنڌ ۾ خودڪشن حملن جا ڌماڪا شروع ٿي ويا آھن پاڪستان جي آزادي کان پوءِ ھن وقت تائين جمهوريت جا ڪوڙا نعرا هڻي ڪري سنڌ کي سواءِ لٽڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنو ويو آھي سنڌ سان ٿيندڙ انهي ناانصافي ۾ سنڌ جا سياسي اڳواڻ ملوث جيڪي پاڪستان جي وجود کان ھن وقت تائين سياسي پارٽين تي قبضو ڪري سنڌ کي لٽڻ ۾ وفاقي حڪومتن جي مدد ڪري انهن جو ساٿ ڏئي رهيا آھن.

قرآن شريف جو پهريون ترجمو سنڌي ۾ ٿيڻ ثابت ڪري ٿو ته ماضي ۾ سنڌ جا ماڻهو ڪيترا هوشيار ۽ تعليمدان هوندا هئا پاڪستان جي آزادي کان پوءِ ھن وقت تائين سنڌ جي تعليم ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندي پئي وڃي سنڌ جا 80 سيڪڙو ماڻهو پنهنجي اولاد کي پيٽ پالڻ لاءِ دڪانن، ريڙهن، بسن، هوٽلن تي ڪمرائي پنهنجو پيٽ پالي رهيا آھن نه ڪي انهن کي پڙهائي رهيا آھن پاڪستان جي سموري سياسي بحث کي ڇڏي ڪري صرف سنڌ جي سياسي منظر نامي ڏانهن ڌيان ڪندا سين ته هن جمهوري سياست سنڌ کي سواءِ بک، دهشتگردي، مهنگائي، قتل وغارت جي ڪجهه به نه ڏنو آھي سنڌ جي پيرن، ميرن، وڏيرن ئي پاڪستان جي وجود کان پوءِ سنڌ کي لٽيو آھي جيڪو سلسلو ھن وقت تائين جاري آھي. پاڪستان جي ايوانن ۾ سنڌ جي حقن جا نعرا ڪنهن به سياسي پارٽي جو اڳواڻ نه هڻندو آھي ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن وڏيري، رئيس، سردار،پير جو پٽ هوندو آھي جيڪو پنهنجي ابن ڏاڏن کان ايوانن جي ڪرسين تي قبضو ڪيون ويٺو آھي. پاڪستان جي وجود کان پوءِ ھن وقت تائين سنڌ جو هر کاتو ترقي بجاءِ تباهي ڏي وڌندو پيو وڃي امير سنڌ جا غريب ماڻهو بک بدحالي سبب ٻچن سميت واهن ۾ خودڪشيون ڪري رهيا آھن مور پکي جي حسين ٿر جي ماروئڙن جي هزارين جي تعداد ۾ معصوم ٻچڙا مري رهيا آھن سنڌ جا اسڪول تباهه ڪيا ويا آھن، سنڌ جا صحت جا ادارا تباهه ڪيا ويا آھن. سنڌ جي نوجوانن کي قلم بجاءِ هٿيار ڏنا ويا آھن اهي سڀ مهربانيون سنڌ صوبي تي ڪنهن ٻئي جون نه پر سنڌ جي سياسي اڳواڻن جون آھن جنهن ڪري اسين هن وقت ذلت ۽ رسوائي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي چڪا آھيون سنڌ جيڪا پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ٻين ملڪن جي مدد ڪندي هئي پر اڄ اها سنڌ ايتري محتاج آھي جو انهي تي رهندڙ پکي، جانور توڙي جو انسان بک مري رهيا آھن سنڌ جون بهارو پاڪستان جي ٺهڻ سان هن وقت تائين ختم ٿينديون پيون اچن ڪٿي به اڄ مهمانوازي، اعتبار، محبت واري رسم بچي ئي ڪو نه آھي سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي پنهنجي ايندڙ نسل ۽ پنهنجي سنڌ امڙ جي ثقافت، تهذيب، رسمن جي باري ۾ سوچڻو پوندو هاڻي ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته هو ڪهڙي راهه ڏانهن پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي ڌڪي رهيا آھن ڏينهون ڏينهن جيڪا بک بدحالي وڌندي پئي وڃي انهي جو ذميوار ڪير آھي آخر ڪهڙا عنصر آھن جيڪي سنڌ امڙ جي هنج ۾ رت جون نديون وهائي رهيا آھن هاڻي عوام کي سنڌ ۾ هلندڙ ڪوڙي جمهوريت جي نظام کي تبديل ڪري حقيقي جمهوريت تي هلڻو پوندو سنڌ ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون آھن انهن ۾ سڀ وڏيرا، جاگيردار آھن انهن جو ساٿ ڇڏي ٻڌي ايڪو ڪري سنڌ جي تهذيب ثقافت پيار محبت کي بچائڻو پوندو نه ته اهو ڏينهن پري ناهي ته سنڌ به ڦاٽا، ڪرم ايجنسي، اتر وزيرستان جهڙن علائقن جيان مذهب پرستي، ذات پرستي، قوم پرستي جي باهه ۾ وڪوڙجي ويندي ۽ دنيا جي نقشي تي نظر ايندڙ سنڌ امڙ جو حصو دنيا کي ڏسندي ئي اجرت ۾ وجهي ڇڏيندو ته سنڌ پهريان ڪيئن هئي ۽ هاڻي ڪهڙي بڻجي چڪي آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

1 thought on “1947ع کان پوءِ زيادتين جو نشانو بڻجندڙ سنڌ: اڪبر بخاري

Leave a Reply to Kashif Azeem Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *