16هين ۽ 17 هين گريڊ جون سڌيون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي سڌو وارنسيم بخاري

قانون واري صوبائي کاتي پاران قاعدن ۾ ترميم لاءِ اماڻيل سمري وڏي وزير منظور ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هڪ اڌ ڏينهن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، جيڪو قانون تصور ڪيو ويندو. قاعدن ۾ ترميم سان پبلڪ سروس ڪميشن جي دائري ۾ ايندڙ مختيارڪارن، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايس پيز، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن آفيسرن، ليڪچرارن، ڊاڪٽر، ليبر آفيسرن، سيڪشن آفيسرن ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن سميت 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جون ڀرتيون ڪميشن کانسواءِ ڪرڻ لاءِ، سنڌ سرڪار بااختيار ٿي ويندي. 24 آڪٽوبر 2014ع تي سيڪريٽري قانون مير محمد شيخ 16 هين گريڊ جي سڌين ڀرتين ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي سمري اماڻي، جنهن تي وزيراعليٰ 17 گريڊ جي به سڌين ڀرتين ڪرڻ جي تجويز ڏني.

سنڌ سول سرونٽس (اپائنٽمينٽ، پروموشن، اينڊ ٽرانسفر) رولز 1974 جي عنوان سان سنڌ جي وڏي وزير وٽ پهتل سمري جي رول نمبر 10 (اي) موجب صوبائي حڪومت جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي دائري ۾ گريڊ 16 کان 22 وارن عهدن جي بنيادي ڀرتي ڪميشن کي امتحان يا ٽيسٽ ذريعي ڪرڻي آهي پر سمري ۾ عوامي مفاد ۾ حڪومت پاران اهڙي عمل کي جائز ۽ مناسب قرار ڏنو ويو آهي. اها سمري چيف سيڪريٽري سنڌ کي باءِ پاس ڪندي سڌو سائين قائم علي شاهه ڏانهن موڪلي وئي، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير 17 هين گريڊ جي بنيادي ڀرتي سليڪشن ڪاميٽي ذريعي ڪرڻ جي صلاح ڏني. سي ايم هائوس 28 آڪٽوبر تي اها سمري آئوٽ ورڊ نمبر 1859 لڳائي، چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه، صوبي جي گورننس سان تعلق رکندڙ هن اهم ترين انتظامي معاملي تي ڪا به راءِ ڏيڻ يا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ڪرڻ واري عمل ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جي مخالفت ڪرڻ يا انهيءَ اهم معاملي تي سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن جي کاتي وارن قانوني ماهرن ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي راءِ وٺڻ بنا، ساڳئي ڏينهن تي صحيح ڪري اها سمري سي ايم ڏانهن اماڻي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 17 هين گريڊ جي ڀرتي سڌيءَ ريت ڪرڻ جو چيو ويو آهي! جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ قانون واري سيڪريٽري کي سمري اماڻي وئي آهي. قانون واري سيڪريٽري ڊائري نمبر 10404 لڳائي 5 نومبر 2014 تي اها سمري فيصلي لاءِ ٻيهر وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي، جيڪا وڏي وزير کان منظور ٿي قاعدن ۾ ڄاڻايل ترميم جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي دفتر ۾ پهچي وئي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي فنڪشن رولز ۽ صوبائي حڪومت جي ڪجهه ٻين قاعدن ۾ به ترميمون اڻٽر آهن پر سوال اهو آهي ته آئين ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ سڀني اُميدوارن کي برابري وارو حق ڏيڻ ۽ ڀرتي وارو شفاف طريقو اختيار ڪرڻ جي ڏنل ضمانت جو ڇا ٿيندو؟ ائين ناهي ته پيپلزپارٽي 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جي سڌين ڀرتين لاءِ ڪا پهرين ڪوشش ڪئي آهي. پ پ جي اڳين حڪومتن ۾ به ائين ٿيندو آيو آهي ۽ تن ڏينهن ۾ جيڪي سفارش، رشوت يا تعلقاتن ۽ مٽي مائٽي جي بنياد تي همراهه ڀرتي ڪيا ويا هئا، سي اڄ ضلعن جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن ۽ سچ ته اهو آهي ته جن ڪرسين تي اهي ويٺل آهن، سي جيڪڏهن ساهه واريون هجن ها ته ضرور لڄي ۽ شڪي ٿين ها!

اهڙين ڪوششن جي حوالي سان ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران 11 هين گريڊ جي ڀرتين بابت به ڪميشن جي دائري کان ٻاهر سڌين ڀرتين واريون حقيقتون خلق ڏسي ۽ پسي چڪي آهي. مان سوچيان ٿو ته عوام جي مفاد ۾ جيڪا سرڪار اڄ 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جي سڌين ڀرتين واري سنجيده حڪمت عملي جوڙي آهي. انهيءَ ساڳئي سنڌ سرڪار کي سڀاڻي جيڪڏهن عوامي مفادن ۾ 18 کان 22 گريڊ تائين جي ڀرتين جو به سڌو سنئون اختيار استعمال ڪرڻ جو خيال آيو ته انهن کي ڪير روڪيندو؟ ۽ کانئن ڪير پڇاڻو ڪندو؟

ان سڄي پس منظر ۾ جيڪا اهليت ۽ انصاف جي لتاڙ ٿيندي آئي آهي، اهي لقاءُ لوڪ سالن کان ڏسندو آيو آهي ۽ صبر ڪندو آيو آهي ڇو ته انهن جي هٿ وس ڪجهه به نه آهي، اُهي سياستدانن جي ڄار ۾ اهڙا ته ڦاٿل آهن جو مجبوريون، مصلحتون ۽ بي وسيون ماڻهن کي دل جي دانهن ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت ئي نه ٿيون ڏين. اسان وٽ نوڪريون هاڻ وڪري جو اهڙو وکر بڻجي چڪيون آهن، جو ان هڪ زبردست صنعتي درجو اختيار ڪري ورتو آهي. اها جيڪا ونڊ ورڇ ٿئي ٿي تنهن خلق جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن.

سنڌ ۾ اڳ ئي نوڪرين جو وڪرو وڏي پئماني تي هر اداري، هر ضلعي ۽ هر سطح تي سامهون ايندو رهيو آهي. اهڙي حال ۾ هاڻي جيڪڏهن 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جون نوڪريون به سرڪاري گرهه بڻبيون ته پوءِ چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن وسيلي غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ ذهين ۽ باصلاحيت نوجوانن ۾ سخت اداسي ۽ مايوسي اڻٽر آهي ۽ اهو ذهين شاگردن جي لاءِ موت جي برابر آهي. ائين ناهي ته پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ورتل امتحانن ۾ ڪا سفارش يا رشوت ٿي هلي پر گهٽ ۾ گهٽ نوڪريءَ جي حاصلات جو هڪ محنت جوڳو رستو ۽ وسيلو ته موجود آهي نه؟ جيڪي پبلڪ سروس ڪميشن جا چيئرمين يا ميمبر ٿيندا آيا آهن، سي سئو سيڪڙو اهليت جي بنياد تي ناهن ايندا پر اُهي جيئن ۽ جهڙي حال ۾ ايندا ۽ هوندا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ٽڪو پئسو يا اٽي ۾ لوڻ برابر اهليت جو احساس ته ڪندا آهن ني!

اسان جي آڏو اهڙا ڪيترا نوجوان آهن، جن پنهنجي محنت ۽ جستجو سان نوڪريون حاصل ڪيون آهن ۽ انهن جي حاصلات سندن خوشحاليءَ جو سبب ته بڻي ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻين بيروزگار نوجوانن ۾ ان همٿ ۽ حوصلي جا جواز به پيدا ڪيا آهن. اهو اتساهه ۽ اها اُميد هنن کي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ وڌ کان وڌ پاڻ تي ڀاڙڻ جو احساس ۽ اعتماد ڏياريندي آئي آهي ۽ هو جيئڻ جا نوان جتن ڪندي ڏٺا ويا آهن. هنن کي هڪ دلاسو ۽ آسرو هجي ٿو ته هڪ ڏينهن هوندو، جڏهن سندن ڪوششون رنگ لائينديون ۽ هو به پنهنجي علم، عقل ۽ لياقتن جي آڌار تي سکيا ستابا ٿيندا.

پر سنڌ سرڪار جا سانباها، جيڪي چغليون هڻي رهيا آهن، انهن واضح طور تي بيروزگار ۽ باصلاحيت نوجوانن جي اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. اخبارن ۾ خالي آسامين جا ڌڙا ڌڙ اشتهار شايع ٿي رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته انهن ۾ جن قانونن، قاعدن ۽ گهرجن جي گهر ڪئي وڃي ٿي، ڇا اهڙن ضابطن جو تقدس سرڪار خود پاڻ برقرار رکي سگهندي. اسان وٽ اڳ ۾ به اهڙا اشتهار مايوس نوجوانن ۾ زندگيءَ جي نئين اُمنگ طور ڏٺا ويا آهن پر انهن خوابن سان جيڪو حشر هتي پاڻ وٽ ٿيندو آيو آهي، سو به ڪنهن کان لڪل يا ڳجهو ناهي! اسان وٽ اشتهار حقيقت ۾ پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ لاءِ ڪتب ايندا رهيا آهن. اشتهارن ۾ جيڪي تقاضا ٿيل هوندي آهي، سچائي وري ان جي ابتڙ سامهون ايندي آهي. ماڻهو هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ درخواستون جمع ڪرائيندا آهن پر نوڪريون پوءِ به ايم پي اي، ايم اين ايز يا صاحب اقتدار  پارٽي جي عهديدارن ۾ ورهايون وينديون آهن ۽ انهن جي بنگلن تي جڙيل لسٽن جي آڌار تي سرڪاري ادارا آرڊر جاري ڪندا آهن ۽ ان سڄي عمل ۾ جيڪا قائدن ۽ ضابطن جي لتاڙ ٿيندي آهي. اهڙن ڀڃڪڙين کي ڏسندي دنيا دنگ رهجي ويندي آهي. نيتجي ۾ نااهل، هڏ حرام ۽ ڪوڙين ڊگرين ۽ ڪوڙين عمرين ذريعي بدنام ڏوهاري به سرڪاري ملازم بڻجي رهيا آهن، جيڪو ماڻهو لکين روپيا ڀري نوڪري وٺي ٿو، سو گهر ويٺي پگهار ته کڻندو آهي پر نوڪري نه ڪندو آهي! ۽ ان سڄي نتيجي ۾  جيڪو ادارن جو توازن بگڙي ٿو، تنهن جا جڳ جهان اڳ ئي کٽيا کاڌيون ويٺو آهي.

سياسي مداخلت سنڌ جي بيورو ڪريسي کي يا ته بيوس ڪري ڇڏيو آهي يا وري پاڻ سان ملائي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سمورن ادارن جو تمام خراب حشر ٿيو آهي. جڏهن اسان (NTS) نيشنل ٽيسٽنگ سروس جي ويب سائيٽ ڏسون ٿا ته اُتي فقط وفاقي ادازرن جون ۽ ٻين ٽنهي صوبن جي نوڪرين جا پراجيڪٽ ڏسجن ٿا. ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ته پوليس ۾ ساهين جي ڀرتين لاءِ به اين ٽي ايس جون خدمتون ورتيون وڃن ٿيون ۽ ميرٽ جي بنياد تي اُتي ڀرتيون به ٿين ٿيون پر سنڌ ئي اهو صوبو آهي، جيڪو مٿين مڙن ئي ساراهه جوڳين سرگرمين کان بي نياز آهي.

ان کان علاوه سي ايس ايس جي امتحانن لاءِ تياري ڪندڙ ۽ ان حوالي سان تجربا ڪندڙ نوجوان جن جي من ۾ هزارين خواهشون ۽ ارادا هوندا آهن، انهن مٿان سنڌ حڪومت پاران آفيسرن جي سڌيءَ ريت ڀرتي ڪرڻ واري خبر وڄ بڻجي ڪڙڪي ۽ ڪري آهي. حڪومت جي سڌي ڀرتين واري عمل سان باصلاحيت ۽ ذهين بيروزگار نوجوانن ۾ اداسيءَ جو احساس ته وڌندو ئي وڌندو پر هاڻ سنڌ جون سرڪاري توڙي پرائيويٽ لائبريريون به ويران ٿيڻ جا اهڃاڻ ۽ جواز وڏي پئماني تي پيدا ٿي ويا آهن. ڇو ته انهن ۾ وڏو انگ انهن نوجوانن جو هوندو آهي، جيڪي اتي ويهي چٽاڀيٽي وارن امتحانن جي تياري ڪندا رهيا آهن. گڏوگڏ، پبلشنگ ادارا پڻ بند ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. جڏهن پڙهڻ وارا ئي نه هوندا ته ڪتاب ڪير وٺندو؟ ۽ جڏهن ڪتابن جي خريداري زبردست حد تائين گهٽجي ويندي ته پوءِ نوجوانن جي رهنمائي لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري تحريرون ۽ سٺا ڪتاب لکندڙ ليکڪ به ڪنهن ٻي ڪرت سان لڳندا.

نتيجو اهو ٿيندو جو زمينون به وڏيرن وٽ، ڪارخانا به انهن جا ۽ آخرڪار اهم نوڪريون به انهن جون! پوءِ ادارن جي اهڙي ڀينگ ڏسبي جيئن اڄڪلهه پاڻ وٽ بدنام زمانه بلديات واري کاتي جو حال ڏسجي ٿو، جنهن ۾ 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جون اهم نوڪريون به سڌيءَ ريت سنڌ سرڪار ورهايون هيون ۽ نتيجي طور هاڻي سنڌ جي شهرن جي روڊن رستن جا حال، جيڪي گواهيون ڏئي رهيا آهن يا جيڪا غلاظت ۽ گندگي شهرن جي زينت بڻيل آهي، اها گهڻو ڪجهه وائکو ڪري رهي آهي.

گذريل هڪ هفتي کان سڄي شهر شڪارپور سيلابي ريلن جا منظر پيش ڪري رهيو آهي، چنگچين ۽ رڪشائن وارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آهي. روڊن، رستن تان گذرڻ ماڻهن لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو بنيل آهي پر ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي!

جيڪڏهن ائين ئي ٻين ادارن ۾ نالائق، نااهل ۽ سفارشي يا رشوتي ماڻهو 16 هين ۽ 17 هين گريڊ ۾ سڌيءَ ريت ڀرتي ٿيا ته پوءِ سنڌ صوبي جو ته الله ئي واهي آهي ۽ لڳي ٿو ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ڪن ٻين صوبن يا ڪنهن ملڪ ڏانهن ڳڀي جي ڳولا لاءِ نڪرڻو پوندو. سنڌ کانسواءِ باقي مڙن ئي صوبن ۾ اتان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو واءُ سواءُ گهڻي حد تائين تسلي جوڳو ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر سنڌ ۾ ان حوالي سان ڪاري وارا ڪک آخر ڇو ڏسبا آيا آهن؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو سنڌ جي هزارين ۽ لکين بيروزگار باصلاحيت نوجوانن جي ذهن ۾ سدائين گونجندو ئي رهي ٿو پر ان جو سنڌ سرڪار اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به تسلي جوڳي جواب ڏيڻ  ۾ ڪا دلچسپي نه ڏيکاري آهي. ها ايترو ضرور آهي ته هن اهليت جي آڌار تي روزگار جي تلاش ۾ مصروف ماڻهن جون پريشانيون ضرور وڌايون آهن ۽ 16 هين 17 هين گريڊ ۾ سڌين ڀرتين واري خبر به اهڙيءَ ئي سلسلي جو تسلسل آهي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *