۽ نيٺ برف پَگھِرجڻ لڳي ؛ارشاد ڪاغذي

ايران جو ايٽم بم ٺاهڻ امريڪا، اسرائيل، يورپ ۽ عالمي طاقتن لاءِ خطري جي گھنٽي وانگر هو ۽ آهي. امريڪا ۽ اسرائيل ايران جي ايٽم بم ٺاهڻ جي منصوبي جي خلاف پروپيگنڊه ڪندو رهيو ۽ ٻئي ملڪ حملي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. نار جي جنگ، پابنديون، ناڪابندي ۽ تيل ۾ گھٽتائي ۽ هر قسم جي ارهه زورائي ۽ زبردستيءَ جي باوجود ايران ايٽمي پروگرام تي ڄمي مقابلو ڪندو رهيو. امريڪا 1950ع ۾ جوهري امن پروگرام تحت ننڍڙو ريسرچ ريڪٽر شاهه رضا پهلوي جي حوالي ڪيو. يورپ جا ٻيا ملڪ پڻ وقت بوقت مدد ڪندا رهيا. ايران ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کانپوءِ آيت الله خميني جوهري هٿيارن جي پروگرام کي انسانيت جي قتلام برابر قرار ڏيندي ان کي حرام ڪوٺيو ۽ هي منصوبو بند ڪري ڇڏيو. اسلامي انقلاب کان وٺي اڄ ڏينهن تائين امريڪا ۽ ايران هڪٻئي جا سخت دشمن هئا، پر هاڻي دوستي رکڻ جا خواهشمند آهن. لڳي ٿو ته ٻئي هڪ پيج تي آهن. مرگ بر امريڪا جا نعرا گونجندا يا ياري جا دهل دهمام وڄندا.

نئين دور جو آغاز شروع ٿيڻ وارو آهي. امريڪا ۽ ايران دوستي جي معاهدي جي ويجهو پهتا آهن. جوهري پروگرام تي ٻئي ملڪ ٺهي ويا آهن. ٻنهي ملڪن جي سربراهن هڪٻئي ڏانهن پريم پتر موڪلي راضپي جو اعلان ڪيو آهي.

سڌ سماءَ جي معتبر ۽ مشهور ذريعن وال اسٽريٽ جنرل امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ائٽمي مامري تي ٿيندڙ معاهدي جا تفصيل پڌرا ڪيا آهن. امريڪا جي پرڏيهي وزير جان ڪيري ۽ ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف جي جنيوا ۾ گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن ايران جي جوهري پروگرام جي ڊگھي مدت واري مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بند ڪمري ۾ ٿيل ڳالهين کي ظاهر ڪندي وال اسٽريٽ لکيو آهي ته امريڪا، ايران کي 10 سالن تائين جوهري پروگرام کي ملتوي يا مُنجمند ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي. ايران يورينيم جي رچاءُ کي محدود يا مُنجمند رکڻ بابت ابتدائي طور ڳالهين ۾ حصو ورتو. معاهدي جي مختلف ٽيڪنيڪلي پهلوئن تي اعليٰ سطحي وفد ڳالهين جي ميز تي ويهي غور ۽ ويچار ڪيو. امريڪا پاران انرجي جي وزير ارنسٽ مونز ۽ ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم جي ڊائريڪٽر علي اڪبر صالحي صلاح مصلحت ڪئي. سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق يورينيم جي افزودگي کي ڏهن سالن تائين منجمند ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن جي بدلي ۾ ايران کي راحت ۽ رليف، پابنديون هٽائڻ ۽ جهجهي تعداد ۾ پئسا ڏوڪڙ ڏيڻ جو امريڪا آسرو ڏنو آهي.

وال اسٽريٽ جنرل هڪ ٻيو انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله علي خامنائي هڪ ڳجهو خط امريڪا جي صدر باراڪ اوباما ڏانهن لکي موڪليو آهي. ان خط ۾ امريڪا سان سٺا لاڳاپا رکڻ ۽ ٻين معاملن تي سهڪار ڪرڻ لاءِ چيو آهي. وال اسٽريٽ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صدر اوباما طرفان گذريل سال لکيل خط جي جواب ۾ ايران جي روحاني اڳواڻ ”سٺن عزت ۽ احترام جي لفظن ۾ جواب ڏنو آهي“. ايران جو اعتدال پسند صدر حسن روحاني امريڪا سان جوهري ٺاهه جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هي خط صدر روحاني جي حمايت ۽ همت افزائي کي ظاهر ڪري رهيو آهي. مائيڪل سنگھه مئنيجنگ ڊائريڪٽر واشنگٽن انسٽيٽيوٽ جي بقول: ”هو (خامنائي) سمورو ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ گھري ٿو، اهو ته جيڪڏهن سودو ٿئي ٿو ته تمام سٺو ۽ جيڪڏهن نٿو ٿئي ته هو پاڻ کي ڏِٺو ڪرڻ نٿو گھري“. تنهن ڪري وچٿرا، سفارتڪاري جي ادب آداب جي ستر پردن ۾ ويڙهيل خيال، ويچار ۽ لفظ چونڊي صدر اوباما ڏانهن خط جي ذريعي موڪليا آهن. هي امريڪي صدر ڏانهن ايران جي روحاني رهنما جو ٻيو خط هو. وائيٽ هائوس ۽ اقوام متحده ۾ ايران جي مشن ذڪر ڪيل خط تي تبصري ۽ تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وائيٽ هائوس جي ترجمان جوش ارنسٽ ڏهه سالن جي ڊيل جي ترديد ڪئي آهي. جڏهن ته اسرائيل ۽ امريڪا جي وچ ۾ ناراضگي چوٽ چڙهي ويئي آهي ۽ گرما گرمي وڌي ويئي آهي. اسرائيل جو وزير اعظم ان تجويز کي امن عالم مڊل ايسٽ ۽ خطي لاءِ هاڃيڪار ڪوٺي ٿو. امريڪا جي ڪانگريس جي ميمبرن جيڪي اسرائيلي لابي طور مشهور آهن، انهن نيتن ياهو کي ڪانگريس کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. ان ڪارڻ اوباما سرڪار چڙي پئي آهي. اوباما جي قومي سلامتي جي مشير سوسن رائيس چيو ته ”نيتن ياهو جي ڪانگريس ۾ تقرير ڪرڻ سان تعلقات ڇيتيون ڇيتيون ٿيڻ جو انديشو آهي“. جڏهن ته اسرائيل جي مخالف ڌر وزيراعظم کي ان حرڪت کان باز اچڻ جو زور ڀريو آهي.

ياد رهي ته سال 24 نومبر 2013ع تي ايران ۽ پنجن عالمي طاقتن 1+5 امريڪا، چين، روس، فرانس، جرمني ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن ۽ سفارتڪارن ۽ ايران جي وچ ۾ پنجن ڏينهن تائين جاري مذاڪرات ۽ مشاورت جي نتيجي ۾ جنيوا ۾ هڪ عارضي ٺاهه ٿيو، جنهن کي سرڪاري طرح ”Joint Plan of Action“ سڏيو ويو. هن معاهدي تحت ايران پنهنجو ايٽمي منصوبو رول بيڪ ڪندو. ايران يورينيم جو پنج سيڪڙو کان وڌيڪ رچاءُ (Enrichment) نه ڪندو. ايران پنهنجا ايٽمي ٺڪاڻا عالمي معائني لاءِ هر وقت کليل رکندو. ايران ڳوري پاڻيءَ وارو منصوبو ختم ڪندو. ايران تي ڇهن مهينن تائين ڪابه پابندي ڪونه لڳندي ۽ ٻيون پابنديون هٽايون وينديون. اقتصادي ۽ معاشي ترقي لاءِ ست ارب ويهه ڪروڙ ڊالر جو پيڪيج ملندو. امريڪا ۽ ايران ڇهن مهينن کان ڳجهي نموني ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ 1+ 5 جي ڪوشش سان ايران راضي ٿيو. اڳوڻي صدر نزادي ۽ موجوده صدر روحاني جي قسم کڻڻ کان پوءِ اومان جي شاهه قابوس جي ميزباني ۽ ٽياڪڙي ۾ ڳجهي نموني ڳالهيون ٿيون. سلطان قابوس ايران وڃي صدر روحاني سان پڻ مليو هو. انهن لڪل ڳالهين کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وقت بوقت وائکو ڪندي رهي. پر ايران، امريڪا ۽ اومان ترديد ڪندا رهيا. لڪيل ۽ بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي نتيجي ۾ امريڪا ۽ ايران پنهنجي ضد ۽ هوڏ ڇڏي ۽ سخت موقف تان دستبردار ٿي وچٿرو ۽ نرم رويو اختيار ڪري ٺاهه تي راضي ٿيا. امريڪا انهن ڳالهين کي ڳجهو رکيو ۽ پنهنجي اتحادين کي سُڻسَ ملڻ نه ڏني، پر اسرائيل جي وزيراعظم کي صدر اوباما اعتماد ۾ ورتو هو ته جيئن هو خاموشي اختيار ڪري پر نيتن ياهو سخت مذمتي بيان جاري ڪري امريڪا لاءِ پريشاني پيدا ڪئي هئي. هن ٺاهه کي ”تاريخي غلطي“ سڏيو هو. سعودي عرب هن معاهدي کي دنيا ۽ امن جي شڪست سان مشابهت ڏني هئي. جڏهن ته پاڪستان هن جي آجيان ڪندي تاريخي ٺاهه ڪوٺيو هو. معاهدي ٿيڻ کان پوءِ امريڪا ۽ ايران پنهنجي پنهنجي موقف جي فتح قرار ڏئي رهيا آهن. ان معاهدي ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته آئنده به ڳالهيون جاري رکبيون.

هي نئين ڊيل جنهن جو تذڪرو ٿي رهيو آهي، تنهن بابت گھڻو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي. امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون تن کي سڌ سماءَ جي ذريعن پڌرو ڪيو آهي جنهن مطابق ايران ڏهن سالن تائين انتظار ڪندو ۽ ڊگھي مدت واري معاهدي جي ايران پاسخاطري ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو آهي. ان جي بدلي ۾ امريڪا ۽ يورپي ملڪ پنهنجا خزانا ايران جي حوالي ڪندا. امريڪي پرڏيهي وزير ڳالهين جي پٺڀرائي ڪندي امريڪي سينيٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي چيو: ”ايران هڪ قابلِ قبول ۽ معقول پلان تي متفق ۽ راضي ٿيو آهي“.

الجزيره ۽ دي گارجين جي رپورٽ مطابق اسرائيل جو وزيراعظم ايراني ايٽمي پروگرام تي تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ هو پڪ سان چوي ٿو ته ايران ايٽم بم تيار ڪري ورتو آهي. هن 2012ع ۾ اقوام متحده ۾ تقرير ڪندي پوري وثوق سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ايران وٽ ايٽم بم آهي. جڏهن ته اسرائيل جي انٽيليجنس ايجنسي موساد ايران جي ايٽمي قوت بابت لاعلمي ظاهر ڪئي هئي. جڏهن ته سي آءِ اي ايران ۾ ايٽمي مواد بابت پنهنجي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو هو ته ايران سويلين مقصد تحت جوهري مواد کي استعمال ڪري رهيو آهي، ان وٽ موتمار جوهري هٿيار ڪونه آهن.

تاريخ جي ستم ظريفي تي روئڻ ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اڄ ۽ ڪالهه جي قصن ۽ حقيقتن ۾ هڪجهڙائي ۽ مطابقت جي ڪري هڪ اهڙي المئي کي ورجايو ويو آهي، جنهن تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي. ڪالهه جي ڳالهه آهي ته صدر بش عراق تي ان لاءِ حملو ڪيو ته سندس خيال مطابق اتي جوهري هٿيار ۽ مواد موجود آهي پر اتي ڪجهه به نه هو. مشهور ليکڪ سيموئر هرش چواڻي: ”ايران تي حملي جا امريڪي انتظاميا جا عملدار هاڻي ان ڪري به مونجهاري جو شڪار آهن جو امريڪي سي آءِ اي طرفان ڪيل تحقيقات ۾ وائيٽ هائوس طرفان ايران وٽ ايٽمي هٿيارن جي دعويٰ کي چئلينج ڪيو ويو آهي. سي آءِ اي کي تحقيق دوران اهڙي ڪا به شاهدي نه ملي آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿي سگھي ته ايران وٽ سولين مقصدن جي استعمال کان سواءِ ڪا ايٽمي ٽيڪنالاجي آهي. حالانڪه اهڙي معلومات ايران انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي کي به ڏئي چڪو آهي… سي آءِ جي اها رپورٽ سيٽلائٽ وسيلي حاصل ڪيل فني معلومات تي ٻڌل آهي. ان کان سواءِ پاڻي جا نمونا ۽ پاور پلانٽس مان هٿ ڪيل معلومات ۽ ايران جي نيوڪليئر ويجهو گذريل هڪ سال کان موجود پنهنجي مخبرن جي ڏنل اطلاعن کان پوءِ سي آءِ اي ان نتيجي تي پهتي آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي موجود ناهي“. (تاريخ جو مقتل گاهه، سنڌيڪار: همسفر گاڏهي)

موساد به امريڪي سي آءِ جيان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن جو خفيه معائنو ڪيو ۽ ظاهر ڪيو ته ايران وٽ ايٽم بم يا خطرناڪ هٿيار ناهن. اهي خبرون اخبارن ۾ به شايع ٿيون. وائيٽ هائوس ۽ امريڪي انتظاميا وانگر اسرائيلي وزيراعظم ۽ سندس سرڪار موساد جي رپورٽن کي رد ڪيو ۽ ايران جي ڪاهي ڪڍ پيو آهي. اسرائيل جو وزيراعظم نيتن ياهو مارچ ۾ امريڪا جي دوري تي اُسهندو. اسرائيل ۽ امريڪا جي لفظي ويڙهه ڪٿي دنگ ڪندي؟ ڇا هو ڳالهين ۾ ٺهي ويندا يا پري وڃي پوندا؟ امريڪا جي ڪوشش آهي ته اسرائيل تي هٿ رکجي ۽ کيس ٿڌو ڪجي. اسرائيل ۾ عام اليڪشن مارچ 2015ع ۾ ٿي رهي آهي. نيتن ياهو جو هي دورو اهميت جو حامل آهي. هو کلي عام ڳالهائڻ گهري ٿو. پنهنجا پتا کيڏڻ چاهي ٿو. امريڪا ان اليڪشن تي حاوي ٿيڻ جي موڊ ۾ آهي ۽ اهو دارومدار نيتن ياهو جي رويي تي آهي ته هو معاملن کي درست ڪندو يا وري ٽِمجهَڻِ مچائي اوباما جي مٿي ۾ سور وجهندو!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *