ھڪ قبائلي جي قتل تي گوڙ، سوين سنڌين جي قتل تي حڪومت خاموش آخر ڇو..؟؟!!: عاليه جوڻيجو/لاڙڪاڻو

سنڌ جي گاديء واري شھر ڪراچيء ۾ جڏھن بدامني عروج تي ھئي جڏھن وھشت عام ھئي ۽ جڏھن روز بيگناھ قتل ٿيندا رھيا ڪڏھن جعلي مقابلا ڪڏھن انڪائونٽر ڪڏھن کنڀي مارڻ ته ڪڏھن ٻوري بند لاش پر ايتري ڪنھن ب ڪيس ۾ اڳڀرائي ناھي ٿي نه ئي ڪئي وئي ۽ ڪنھن ب ڪيس کي سنجيدگي سان ورتو ويو ايئن لاش ڪرندا رھيا ڄڻ ڪوس خانو ھجي ۽ پوء ڪنھن کي به نوٽيس وٺڻ جي زحمت نه ٿي ، ڄڻ قتل ٿينڌڙَ انسان ئي نه ھيا يا وري ھنن کي انسان سمجھيو ئي نه ويو، جيتري قدر .ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل نقيب الله محسود جي قتل تي گوڙ ڪيو ويو ۽ ڪميشنون ڪميٽيون جوڙي انڪوائريون شروع ڪيون ويون ، سڄي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري سڪون ۾ زندگي گذاري رھي آھي مٿس لڏپلاڻ يا وري ڪڍڻ جو ڌٻآء ڪونھي پوء به ڪالھ ڪراچيء ۾َ قبائلين سان زيادتين جي ڪي پي ڪي وزيراعلى پرويز خٽڪ دانھن ڪئي،  پر پرويز خٽڪ شايد اھو ن ٿو ڄاڻي ت قبائلي جيتري قدر ڪراچي ۾ خوش زندگي ۽ محفوظ زندگي گذاري رھيا آھن پنھنجي علائقي ۾ ب محفوظ ۽ خوش ناھن پوء ب ڪراچي ۾َ ھڪ قبائلي جي قتل تي گوڙ يا وري ڪراچيء ۾ قبائلين سان زيادتين جا تعنا انھن کي اھو ن ٿو جڳائي ت اسان جي ڪئي ڪمائي ت اوھان مھربانيون ڀلائي پاڻي فيري ڇڏيو، اڪثر ڪري ڏٺو ويو آھي ت سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ قبائلين کي افغانين کي جيترو وفاقي يا صوبائي تحفظ پروٽيڪشن پروٽوڪول حاصل آھي اوترو تحفظ سنڌ جي سنڌي ماڻھن کي ب حاصل ناھي جو ايترو ڪميشنون ايتريون انڪوائريون ايترا نوٽس يا وري ايترو شور شرابو ھيء ايترو جلدي نوٽيس ڪو وزيراعظم صدر وفاقي وزير يا وري ھيء ڪورٽ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ڪنھن ھڪ سنڌي جي بيگناھ ماوراء عدالت قتل ڪيس يا ڪوڙن مقابلن ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ڳوٺاڻن جو قتل يا وري مڌو ڳوٺ جيان ڪوڙن مقابلن جو ورتو ھجي ,,

يا وري پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ َاچي ڪنھن ھڪ سنڌيء جي بيگناھ قتل تي انھن جي وارثن سان ھمدردي طور اچي ,, جھڙي قدر ڏٺو ويو سھراب ڳوٺ ۾ جنگ جو ميدان بڻائڻ ۾ ڪردار اتي پھتل اڳواڻن جو ھيو جن کي سنڌ حڪومت سان ذاتي اختلاف ھيا يا وري ڪراچيء جي امن تباھ ڪرڻو ھيو جو ھنگامي کي ڪنھن جاني نقصان کان بچائڻ ۽  منتشر مظاھرين کي صبر تحمل کان ڪم وٺڻ ۽ وري مذاڪرات بجاء انھن جي غيرقانوني مداخلت توڙ ڦوڙ گاڏين تي پٿراء ۽ روڊ بند ڪري ھنگامي آرائي ڪرڻ تي نعرا لڳائي ڄڻ ت حوصلا افزائي ڪندا رھيا ھنن جو ان وقت تي اچڻ ۽ اھڙي ھنگاما آرائي واري مرحلي ۾ دبنگ انٽري ئي ان ڇڪتاڻ جي وجھ بڻيو-

نقيب الله محسود جيڪو ڪراچي ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو ان جي تفصيل يا ان تي ايف آء آر ڪنھن ڪرمنل سرگرمي بابت ڪو رڪارڊ بظاھري ھٿ ن آيو آھي پر ملير ايس ايس پي رائو انوار طرفان ان کي پابندي مڙھيل تنظيم جو رڪن ڄاڻائي مٿس مقابلي ۾ ماريو ويو نقيب الله محسود جي قتل کانپوء ڪراچيء جي ستل سول سوسائٽي جيڪا ڪراچيء ۾ سنڌين اردو ڳالھائيندڙن ۽ بلوچن جي ماوراء عدالت قتل ڪيس ٽارگيٽ ڪلنگ يا وري ڪنھن مظلوم جي قتل تي خاموش تماشائي بڻيل رھي ۽ ستل رھي سا به قبائي ڪنھن ھڪ فرد جي قتل تي ٽپو ڏيئي اٿي پئي ان کي ان قتل ٿيل فرد سان محبت يا وري تڪڙي شھرت يا مٿس ٽئين چال چئجي….!!!

ڪراچيء ۾ عرصي کانپوء ان اھڙي قسم جي واقعي تي سياسي جماعتن کي موقعو پڻ فراھم ٿيو تنقيدي اشتعال انگيزي ۽ بجاء بھتري جي راء ڏيڻ وري الٽو ان معاملي کي ڪنھن رنگ ۾ ٻوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي ,,

نقيب الله محسود جو قتل ھجي يا وري ڪراچيء ۾ ڪنھن ڪي پي ڪي يا پنجاب جي علائقي واسي جو مبينا قتل ھجي يا ڪو ڪرمنل سرگرمي ڪندي ماريو ويو ھجي را بيڏوھيء ، ان سڀني معاملي تي ھڪ طرف ڪي پي ڪي حڪومت اڇلندي اڏندي ۽ سرحد پار رڪاوٽ جيڪا سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ اچي ٿي ان کي ڀڀڪيون ڏيندي ڪراس ڪندي آئي ۽ وري پنجاب حڪومت پڻ ان معاملي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ جيڪو شخص ڄمڻ کان وٺي اڻ واقف ۽ ڪراچيء ۾ ڄايو ھجي ان کي ب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جو رھائشي ڄاڻائي ان جي قتل تي سياست ڪندي نظر آئي پر اھو انھن ٻنھي ن پر سڀني جو وڙ رھندو آيو آھي ڪنھن جي قتل تي بجاء ان جي وارثن سان ھمدردي طور پيش اچڻ يا وري ان قتل مان سبق سکڻ جي ان قتل تي شھرت حاصل ڪئي وئي ۽ قتل کانپوء ان جي وجوھات ان جي ڪرمنل سرگرمي ۽ دھشتگردي ۾ ملوث ھجڻ جي جاچ پڙتال ڪرڻ بجاء ان کي عالمي معصوم بڻايو ويو ۽ ان جي ڪردار کي ڪيلن چٽ ڏني وئي !!!

مان ڪنھن جي ڪردار تي آنڱر نه ٿي کڻان نه ئي وري ھر ڪنھن قبائلي افغاني ۽ پنجاب واسيء کي ڪراچيء ۾ بگڙيل صورتحال يا ڪنھن ٻي ڪرمنل سرگرمي ۾ ملوث جي ڳالھ ٿي ڪريان پر انھن مان ڪي اھڙا به آھن جيڪي انھن سرگرمين ۾ ملوث رھيا آھن جن خلاف آپريشن ڪرڻ تي حڪومت کي ان علائقي ۾ ان ھڪ جي سھولتڪارن خلاف پڻ ڪريڪ ڊائون ڪرڻو پيو آھي ۽ ان پورو علائقي جو سرچ آپريشن ڪري انھن مان شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي جن تي مختلف قسمن جا ننڍا وڏا ڪيس پڻ نڪتا برحال مان ڳالھ ڪئي ته پنجاب مان ڪمائڻ لاء آيلن ڪنھن ڪراچيء ۾ ويھي پنھنجو حلال جو روزگار ڪمائي پنھنجو ۽ پنھنجي گھر وارن جو پيٽ گذر ڪيو ..۽ سنڌ ۽ ان جي عوام جي پڻ ڀاء واري رشتي ادب لحاظ طور پيش آيو ويو پر انھن مان ڪي اھڙا به آيا جن لوٽ مار ڪئي جيڪي ڪراچيء ۾ ڦرلٽ جي ڪيسن ۾ پڪتا ويا ان ڪري بي اعتمادي جو دائري ۾ وڌي ويو ۽ ھر ٻي صوبي مان آيل شخص کي گھڻي تباھي کانپوء ان شڪي نگاھ سان ڏٺو ويو,,

ضرب عضب آپريشن کانپوء وزيرستان ۽ قبائلي ماڻھن جڏھن لڏپلاڻ شروع ڪئي ته انھن کي پوري پاڪستان ۾ دارلا امان سنڌي ئي نظر آيو عالمي يتيم خانو سنڌ ئي نظر آيو جو باقي صوبا ڇڏي ھتي اچي خيما اڏيا باوجود سموري قومپرست جماعمتن جي اعتراضن کانپوء انھن قبائلي ماڻھن کي پنھنجي ثقافتي ادب لحاظ سان ڀليڪار ڪري سنڌ حڪومت انھن کي ڪراچيء ۾ مھمان نوازي طور رھايو ويو ۽ ان معاھدي تحت رھايو ويو ت قبائليء علائقن ۾ آپريشن ختم ٿيڻ کانپوء ھنن جي واپسي يقيني بڻائي ويندي ۽ پوء انھم سڀني لڏپلاڻ ڪنڌڙن کي پورو پاڪستان ۾ صرف ڪراچيء جي راڄڌاڻيء واري شھر ۽ عالمي روزگار خانو سمجھي وينڌڙ شھر ۾ ترسايو ويو ۽ اسين انھن کي ڀائري واري رشتي سان قبوليو پر انھن قبائلين گھڻن ئي سنڌ کي ماء سمجھيو ۽ سنڌين جو شڪر ادا ڪيو ۽ سنڌ ۾ پنھنجو حلال واري روزگار کولي مزدوري ڪري پيٽ گذرڻ ڪرڻ لڳا گھڻا وري ڪيترن ئي دھشتگردي واري ڪيسن ۾ پڪڙيا ويا ۽ ڏٺو ويو ت ڪراچيء ۾ دھشتگردي وڌڻ جو سبب ئي ڌاري آباڪاري رھي، ۽ گذريل پندرھن سالن ۾ جيتري قدر ڌاري آبادڪاري وڌندي وئي اھڙي گذريل عرصي ۾ ن وڌي اھو ئي سبب آھي جنھن وجھ سان سنڌ حڪومت کي ڌاري آباڪاري کي ڳڻڻ ۽ ان جو تعداد جو ڪاٿو لڳائڻ ۾ مشڪلاٿ ٿي ۽ اڄ ڏينھن تائين لکين ڌارين کي صرف چند ڪري ظاھر ڪيو ويو آهي

ڪراچيء ۾ نقيب الله جو قتل ھڪ قبائلي شخص جو قتل اھو ٿي سگھي ٿو يا ت ھو واقعي ڪنھن ڪرمنل سرگرمي ۾ ملوث رھيو ھجي يا وري انھن جي دوستي اٿي ويٺي اھڙن سان ھجي جيڪي ڪراچيء جي بدامني ۾ ملوث ھجن پر اھو تعصب ڏيڻ غلط آھي ت ڪراچيء ۾ رڳو قبائلي قتل ٿين ٿا اھڙو تعصب ڏيڻ وارن بيشرمن کي بيضميرن کي سنڌ ۾ اردو ڳالھائينڌڙن سرائيڪين ۽ باقي ٻين قومن جي ماڻھن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ماوراء عدالت قتل ڪيس ۽ مبينا مقابلن تي ب اک پٽڻ گھرجي ڇا اھي واقعا ان وقت اوھان کي نظر ڪو ن آيا جڏھن ڪراچيء کي عالمي ڪوس خانو عالمي قتل گاھ عالمي مقتل گاھ بڻايو ويو ۽ روزاني جي بنياد تي سنڌين بلوچن سرائيڪن اردو ڳالھائينڌڙن جو قتل عام ڪيو ويو ۽ سوين تعداد ۾ سنڌين جا قتل ڪيا ويا بلديا ٽائون ۾ 300 مزدور ساڙيا ويا ۽ بيگناھ ڪٺا ويا ڪڏھن ٻوري بند لاش ڏنا ويا ڪڏھن ھڪ گھر جا سڀ ڀاتي ڪٺا ويا ڪڏھن عالمي وھشت خانو بڻايو ويو ت ظا انڌن بيضميرن بيغيرتن کي ان وقت انسانيت جو قتل نظر ن آيو ڇا سنڌي بلوچ اردو سرائيڪي انسان ن ھيا ڇا اھي ڪنھن ماء جا پٽ ن ھيا ڇا ان وقت ملڪ جو عدالتون بند ھيون يا وري وزيرن مشيرن جا منھن بند ھيا ڇا ان وقت ان حليم عادل شيخ جو وات بند ھيو يا وري ان ڪوس خاني ۾ خوش ھيو ڇا ان وقت وزير مشيرن کي قياس ڪو ن آيو يا وري سڀ بت بڻيا ھيا ڇا ان وقت نوٽس وٺڻ وارا سڀ مري ويا ھيا يا وري نوٽيس وٽڻ جي اجازت ڪنھن ٻئي ھندان پئي ملي ڇا انصاف جي ديوين کي روڊن تي دولت جي بازار ۾ وڪاميو ويو يا بي حيائي واري بازار ۾ انھن جو بيرحماڻو قتل ڪيو ويو ڇا ڏاڍن جي ڏوھ ۾ ايترو ڌم ھيو يا انصاف جا تقاضا ڪو ن پورا ٿيڻ جوڳا ھيا,,,

جيڪڏھن ھن وقت ھڪ قبائلي جي قتل تي ايترو شور شرابو مچايو ويو آھي ته روزاني ڪراچيء ۾ قتل ٿيندڙ ڇا انسان ناھن يا وري ڄاڻي واڻي ڪراچيء ۾ ڌاري آبادڪاري کي ھٿي وٺرائڻ ۽ باقي قومن کي اتان تڙي ڪڍي انھن کي آباد ڪرڻ جو پلان ھيو ڌرتي ڌڻين لاء تنگ ڪئي وئي ۽ ڌارين لاء سڪون خانو بڻائي وئي ,,

ايترو گوڙ ڪرڻو ھيو جيڪڏھن واقعي ايس ايس پي رائو انوار ڪوڙا مقابلا ڪري بقول ڪي پي ڪي حڪومت ۽ اپوزيشن جي ماڻھو ماريا ته پھريان اھڙن ڪيترن ڪيسن جون ڪميشنون جوڙي انڪوائريون ڪيون ويون ڪيتريون جانيون ويون ڪيترا انصاف جا تقاضا پورا ڪيا ويا پھريان ڪير پڪڙيو ويو ڪير معطل ڪيو ويو ۽ ھاڻ ان معاملي ۾ ڪير ملوث نڪتو ڪنھن کي فاھي چاڙھيو ويو ت جئين اڳتي اھڙا واقعا رونما ن ٿين,,

نقيب الله محسود جي قتل تي اھي سوال ٿو پيدا ٿئي جيڪڏھن اھڙو قتل واقعي ماوراء عدالت قتل آھي پوء ٻڌايو وڃي مڌو ڳوٺ جي جعلي مقابلي جي ذميوارن کي فاھيء ڇو ن چاڙھيو ويو ۽ ان وقت اڄ جي نوٽيس وٺنڌڙ عدالتن کي اھو قتل ماوراء عدالت قتل ڇو ن نظر آيو ۽ سنڌ حڪومت جون اقتدار جي انڌي نشي ۾ ٻوٽيل اکيون ڇو ن پٽيون ۽ حليم عادل شيخ جيڪو ڀڀڪيون ڏيندي ڪالھ ڪراچيء ۾ سھراب ڳوٺ واري احتجاج ۾ نظر آيو ان کي اھو واقعي ڇو ن نظر آيو ۽ وزيراعظمن جيڪي ڪالھ سنڌ حڪومت کي مٿان تان کڻي زمين تي اڇلايو ان وقت ڪنھن کي روڪيو ويو اھڙي واقعي تي اکيون ڇو ن کوليون ويون ۽ پوء سنڌي ميڊيا جيڪا اڄ نقيب الله جو خبرون ۽ اردو ميڊيا جيڪا نقيب الله ڪيس کي بار بار ورجائي آسمان تائين پھچايو ۽ قتل جي حقيقت خبر ن ھجڻ باوجود ب ان کي بيگناھ ۽ معصوم قرار ڏنو ويو ت ان وقت جڏھن سنڌي ميڊيا وارن ۽ اردو ميڊيا وارن بار بار ان چئن مڌو ڳوٺ ۾ قتل ٿيل سنڌين کان  طالبان ڇو ڄاڻايو اھا ڪھڙي وجھ ھئي جو ھفتي کانپوء وڃي حقيقت ظاھر ڪئي وئي ۽ انھن کي جعلي مقابلو پوء ٻڌايو ويو ان وقت ڪو ڌٻاء ھيو يا پنھنجي بي حيائي ,,, ۽ ان جعلي مقابلي کانپوء جيئن اڄ سڀ رقيب الله قتل ڪيس تي جاڳيا آھن ڇا ان وقت اھي سڀ ستا پيا ھيا ?? ۽ اھي ھڪ واقعو ن آھي اھڙا ڪيترائي سنڌ ۾ واقعا پيش آيا آھن جن ۾ بيگناھ سنڌين سرائيڪن بلوچن کي ٽارگٽ ڪيو ويو آھي پوء ان وقت اسانيت ڪاڏي وئي ھئي ان وقت نوٽيس ڇو ن ورتا ويا يا وري ان جعلي مقابلي خلاف جيڪڏھن ڪنھن پرامن احتجاج ب ڪيو ت ڇا پرامن پوليس رھي يا وري انھن مٿان ب تشدد وارو رستو اختيار ڪيو ويو…

ڪراچيء واري واقعي تي اھي ڪھڙيون سازشون ھيون جن سھراب ڳوٺ ۾ مشتعل ماڻھن جي ڀرپور سپورٽ ڪئي ۽ انھن کي ڪجھ ب ن چيو ويو ۽ انھن جي حوصلا افزائي ڪجھ سياسي ماڻھن نعري ذريعي ڪئي ,,,

نقيب  الله جو قتل بيگناھ يا ڪنھن جرم ۾ ٿيو اھا ڳالھ اڃا پڌري ناھي ٿي پر سوال ان کانپوء پيدا ٿينڌڙ صورتحال جو آھي ت ڪٿي ائين ت ن ھيو ان واقعي کي ھٿ سان ڪرايو ويو ۽ وري ڪراچيء جو امن ھٿ سان بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ,, ڪٿي ائين ت ن ھيو ان قتل کانپوء ڪراچيء ۾ سموري قبائلي ماڻھن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش يا پلاننگ ڪئي وئي ,,, ڪٿي ائين ت ناھي ان وقعي جي آڙ ۾ دھشتگرد تنظمين جا ڪجھ اثر رسوخ ھيا ,,, ڪٿي ائين ت ن ھيو ان احتجاج کي رنگ ڏنو ويو ۽ ڪجھ طاقتن طرفان انھن جي طاقت انھن جو ھوڏ برقرار رکڻ لاء انھن کي روڊن تي گذرنڌڙ گاڏين مٿان پٿراء تشدد واري رستي , ھنگاما آرائي ۽ امن بگاڙڻ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي . جتي سنڌ جي باقي ٻين علائقن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن جا جٿا باھ ٻاري ڏيندا آھن جتي ڪراچيء ۾ استادن ۽ ڪمند جي آبادگارن مٿان پوليس باھ ٻاري ڏني ۽ انھن جي واجب ۽ پرامن احتجاج مٿان تشدد وارو رستو اختيار ڪيو ويو اتي ھن واقعي جي ڇا اھميت ھئي جو ان مظاھرو ڪرڻ وارن ھنگامو ڪرڻ وارن ۽ گاڏين مٿان پٿراء ڪرڻ وارن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي جيڪا بعد ۾ سنگين صورتحال ادا ڪري وئي ۽ بعد ۾ حڪومت جاڳي ان واقعي تي ڪنٽرول ڪيو,,,

سنڌ ۾ نقيب  الله جي قتل کي جيترو رنگ ڏنو ويو ان جي وجوھات يا ت قبائلين جي ھمدردي وڌائڻ ھوندي يا وري ان قبائلين کي مضبوط ڪرڻ جي سازش ھوندي يا ت ان واقعي جي احتجاج کي ميڊيا تي وڏو اشو بڻائڻ ڪو ٻيو واقعو ڪرڻ جي چال ٿي سگھي ٿي برحال جيڪڏھن ڪراچيء ۾ قتل ٿينڌڙ جعلي مقابلن وارن سان ھمدردي يا ان سان يڪجھتي ڪرڻي آھي ت پوء ھر قتل ٿيندڙ تي نوٽيس ورتو وڃي ۽ قاتلن کي انجام تائين پھچايو وڃي ۽ اسين سنڌي ھر قتل ٿينڌڙ بيگناھ قتل ۽ جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن سان ھر ڏک جي گھڙي ۾ گڏ آھيون پر ڪنھن ھڪ جي قتل تي سڀني قبائلين سان سنڌ ۾ زيادتي جي ڳالھ ڪري اسان جي قربانين تي پاڻي ن فيريو وڃي پختون سنڌي بلوچ سرائيڪي اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائرن وانگي آھيون پر زيادتين واري ڳالھ ڪري ڏکايو ن وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *