ڳالهه هڪ تاريخي چٿر جي!: نسيم بخاري

اها ڳالهه انتهائي حيرت ۽ افسوس جوڳي آهي ته 25 سيپٽمبر 2016ع تي اڳوڻي آمر 73 سالا پرويز مشرف جي پنهنجي گهرواري صبا پرويز سان ڀائيٽي جي شاديءَ واري خوشيءَ جي موقعي تي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ڀرپور ڊانس واري وڊيو منظرعام تي اچڻ باوجود نه ته حڪومتي سطح تي نه ئي وري مخالف ڌر پاران ڪو ردعمل آڏو آيو آهي. پرويز مشرف بيماريءَ جو بهانو ڄاڻائي ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ واسطي عدالت ۽ حڪومت پاران اجازت ملڻ بعد ويو هو. هتان ته هو ايئرپورٽ کان جهاز تائين به ويل چيئر تي ويو هو، پر جڏهن دبئي ايئرپورٽ تي جهاز تان لٿو هو ته ڊوڙندي ڏاڪڻن تان لٿو هو. هن جا اهي جڏهن فوٽو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڏيکاريا ويا هئا، تڏهن ئي ان جي بيماري ۽ معجزاڻي طور تي چاڪائيءَ بابت اڻ ڳڻيا سوال اٿاريا ويا هئا، جنهن جي ردعمل ۾ حڪومت معاملو عدليه جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي ۽ عدليه اهو چئي وفاقي سرڪار جو ڀانڊو ڦاڙيو هو ته اهو تاثر غلط آهي ته پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ واري اجازت عدالت ڏني آهي. حقيقت اها آهي ته عدالت کان حڪومت فقط راءِ طلب ڪئي هئي، عدالت ان جي جواب ۾ اهو چيو هو ته پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ سرڪار جي صوابديده آهي، ان ڪري ان اختيار جي استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو به خود سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي.

پرويز مشرف کي ڊاڪٽر امتياز جهانگير جي اڳواڻي ۾ يارنهن پروفيسرز ڊاڪٽرن جي ٽيم بيمار قرار ڏنو هو ۽ اها رپورٽ ئي پرويز مشرف جي پرڏيهه ياترا جو پروانو ثابت ٿي، جنهن ۾ سڌن ۽ چٽن لفظن ۾ چيل هو ته جنهن عارضي ۾ هو مبتلا آهي، ان جو علاج پاڪستان ۾ نه پر پرڏيهه ۾ آهي، ان ڪري ضروري آهي، پرويز مشرف پرڏيهه مان علاج ڪرائي.

پرويز مشرف 17 مارچ 2016ع تي دبئي هليو ويو.

پرويز مشرف 2007ع تائين اوج تي هو، پر مارچ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري افتخار محمد سان ٽڪراءَ هن جي قسمت جي ڪايا پلٽجڻ شروع ڪري ڇڏي، جنهن 30 جون 2009ع تي ملڪي تاريخ ۾ طويل مدت واري چيف جسٽس جو تعارف حاصل ڪيو ۽ پرويز مشرف سان باقاعده ٽڪراءَ ۾ آيو. ان آمر جي حڪمت کان انڪار سبب معاشري ۾ وڏي مڃتا ماڻي، ان ئي ڏوهه ۾ کيس عهدي تان جبري طور فارغ به ڪيو ويو ۽ اتان ئي پرويز مشرف جي قسمت ٽُٽڻ لڳي.

پرويز مشرف 28 نومبر 2007ع تي وردي ڇڏي. يونيفارم لاهڻ کانپوءَ هن جي طاقت سياست ۽ ڀرم ڪمزور ٿي ويا. شوڪت عزيز لنڊن هليو ويو ته وري واپس نه موٽيو. چوڌري شجاعت اينڊ ڪمپني مسلم ليگ (ق) تي قبضو ڪري ورتو. فوج جي ڪمانڊ جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي حوالي ٿي وئي. ايوان صدر ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري خالي ڪرائي ڇڏيو. هو مهاجر بڻجي ايم ڪيو ايم جي طرف وڌيو ته الطاف حسين هن کي مهڻا ۽ ميارون ڏيندي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. آمريڪا، برطانيه، يو اَي اِي ۽ سعودي عرب شروع ۾ پنهنجي پراڻي ساٿيءَ جو ساٿ ڏنو، پر پوءِ اهي به هڪ ٻئي پويان هن مان هٿ ڪڍندا ويا. هن آخري ڪوشش طور تي پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي، پر جيڪا پاڇي بچيل هئي، ان تي به فواد چوڌري قبضو ڪري ورتو. پرويز مشرف ٿڌو ساهه بڻجي رهجي ويو. ميان نواز شريف 2013ع ۾ اقتدار ۾ آيو ته آئين جي آرٽيڪل 6 جي آڌار تي پرويز مشرف کي سبق سيکارڻ جا جتن ڪرڻ لڳو. هو پرويز مشرف کي هر صورت ۾ سزا ڏيڻ جي حق ۾ هو. چيف آف آرمي اسٽاف هن سڄي صورتحال ۾ غير جانبدار هو، پر پوءِ جنرل راحيل شريف آرمي چيف جي ڪمانڊ سنڀالي، جنهن جي شهيد ڀاءُ ميجر شبير شريف جي پرويز مشرف سان ويجهڙائي رهي هُئي، جنهن ڪري کيس رليف ۽ رعايتون مليون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو معاملو حڪومت ۽ فوج ۾ اختلافن جا جواز پيدا ڪري ٿو. فوج پرويز مشرف کي آرمي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو هو، پوءِ عمران خان ۽ طاهرالقادري جا ڌرڻا لڳا. حڪومت ڪمزور ٿي، جنهن جو فائدو جنرل پرويز مشرف کي پهتو. سرڪار هن مان هٿ ڪڍڻ تي آماده ٿي وئي ۽ ان طرح سان پرويز مشرف پنهنجي مصروفيتن ۾ رات ڏينهن گذارڻ لڳو.

مارچ 2016ع ۾ هن جي بيمارين جون خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڇپجڻ لڳيون، هو ڪراچيءَ جي هڪ پرائيوٽ اسپتال ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر جي بورڊ ريڙهه جي هڏي ۽ کٻي پير ۾ تڪليف جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي علاج لاءِ سندس ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو ويو، ان ڪري هن جو نالو اِي سي ايل مان هٽايو ويو ۽ همراهه آسانيءَ سان وڃي پرڏيهه جا وڻ وسايا.

هو گذريل ڇهن مهينن کان لنڊن ۽ نيويارڪ ۾ زندگيءَ کي انجواءِ ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ عدالتن پاران هن جي ملڪيتن جي ضبط ڪرڻ وارا اعلان آڏو اچي ويا آهن. پاڪستان ۾ هن جي گهرن تي حڪومتي نوٽيس لڳي رهيا آهن، پر ان کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي ته هن جي بيماري واري ڊرامي جو پسمنظر ڇا هو ۽ ڇا جي ڪري هن کي ڪوڙ ڳالهائي پرڏيهه وڃڻ جي ضرورت پيش آئي.

1988ع ۾ مشرف منگلا جو ڪور ڪمانڊر هو، هن جي رٽائرمينٽ ويجهي هئي، هو پنهنجا ٽپڙ ويڙهي گهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته شهباز شريف ۽ چوڌري نثار هن جي سفارش ڪري سينئر جنرلن کي به نظرانداز ڪندي ميان نواز شريف کان چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڏياريو، پر اڳتي هلي مسلم ليگ (ن) جي ڀاري مينڊيٽ جو جيڪڏهن ڪنهن مڻڪو ڀڳو ته اهو ڪو ٻيو نه پرويز مشرف ئي هو، جنهن 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.

سعودي عرب، آمريڪا ۽ برطانيه نواز شريف سان ساڻ هئا. آمريڪي صدر بل ڪلنٽن 25 مارچ 2000ع تي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پاڪستان آيو. صدر رفيق تارڙ سان مليو ته ان جي سامهون ويٺل جنرل پرويز مشرف تي اک ئي نه ٻڏي. هن ان ڏانهن هڪ سيڪنڊ لاءِ نهارڻ به مناسب نه سمجهيو. سعودي سفير به نئين چيف ايگزيڪيوٽو سان ملاقات جي لاءِ تيار نه هو. برطانيه به پاڪستان کان ڪافي پري وڃي چڪو هو، پر پرويز مشرف جي ڀاڳ ڦيرو کاڌو، 9 سيپٽمبر وارو ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهيءَ وارو واقعو پيش آيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پرويز مشرف دنيا جي اک جو تارو بڻجي ويو، پوءِ پرويز مشرف جنهن هوڏ ۽ هٺ سان اڳتي وڌيو، اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾ جيڪا مڳي ڏيکارڻ لڳو، تنهن دنيا کي نِت نون بحثن جا جواز بخشيا. اها تاريخ جي رڪارڊ واري ڳالهه آهي ته هو بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کان شديد نفرت ڪندو هو، هو ڪنهن به صورت ۾ ٻنهي اڳواڻن جي پاڪستان واپسي جي حق ۾ نه هو. هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي ته (ن) ليگ ۽ پ پ جون پاڙون پٽجي وڃن. هنن ٻنهي پارٽين جو هتي ڪو نانءُ نشان به نه هجي، نه ئي وري پاڪستان ۾ هنن پارٽين ۽ شخصيتن جو ڪو نانءُ کڻڻ وارو هجي.

هن نواز شريف کي عبرت جو مثال بڻائڻ پئي گهريو، هن ضياءُ الحق جي تاريخ ورجائڻ پئي چاهي، جنهن کي عربن جي ياري بچائي وڌو ۽ راتو رات سزا يافته مجرم کي پوري خاندان سميت سعودي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. ان کانپوءِ پرويز مشرف ۽ محترمه بينظير ڀٽو وچ ۾ مفاهمت ٿي. پرويز مشرف بابت محترمه بينظير ڀٽو جي اها اِي ميل به رڪارڊ جو حصو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته پرويز مشرف نه ٿو چاهي ته مان پاڪستان اچان ۽ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار ٻين سان گڏ پرويز مشرف به هوندو، ڇو ته مون کي ان مان خطرو آهي. پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي محترمه  جڏهن ڪراچي آئي ته هن مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، بمن جا ڌماڪا ڪرايا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ محترمه معجزاڻي طور بچي وئي، پر ڏيڍ سؤ کان وڌيڪ پ پ ڪارڪن حياتيون وڃائي ويٺا، جن کي اڄ به ”جانثاران بينظير“ چيو وڃي ٿو.

پيپلز پارٽي 2008ع ۾ عام چونڊن کانپوءِ اقتدار ۾ آئي، جنهن وڏي عزت ۽ احترام سان ايوان صدر ۾ پرويز مشرف کي گارڊ آف آنر پيش ڪري ٻاهر وڃڻ لاءِ راهه هموار ڪئي. ان کانپوءِ هو جهڙيءَ ريت پنهنجون سرگرميون جاري رکندو آيو آهي، ان مان اهو تاثر وڏي پئماني تي ملي ٿو ته هو اڄ به انتهائي طاقتور ترين ماڻهو آهي. هن جو ڪوبه وار ونگو نه ٿو ڪري سگهي. هو ڪنهن به قانون ۽ آئين جي جڪڙ ۾ نه ٿو اچي سگهي. هن جي 25 سيپٽمبر 2016ع تي زال سان ڊانس واري وڊيو ڪلپ به هڪ طرح سان جمهوري حڪمرانن مٿان تاريخي چٿر آهي، جنهن جي ذريعي هو دنيا کي ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هو ڪيڏو بي خوف ۽ دلير آهي. هن کي ڪنهن جي ڪا پرواهه نه آهي، هو ڪنهن کان ڊڄي نه ٿو، نه ئي ڪو هن کان آڏي پڇا ڪرڻ وارو آهي. هو اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته پاڪستاني حڪمران ۽ سياستدان هن جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿا سگهن.

هو انهن سڀني کان مٿانهون ۽ اتم آهي. هو پ پ ۽ (ن) ليگ جي احساسن کي ڪنهن کاتي ۾ نه ٿو آڻي. هن ملڪ سان جيڪا ڪار ڪئي، آئين جا جيڪي بکيا اڊيڙيا ۽ پنهنجي اقتداري مڳيءَ دوران جيڪو ججن ۽ وڪيلن توڙي انساني حقن جي تنظيمن، عام ماڻهن يا سياستدانن سان جيڪو ظالماڻو رويو رکيو، مظلوم قومن ۽ انهن جي اڳواڻن سان جيڪي ڪِيسَ ۽ ڪلورَ ڪيا، انهن جو حساب ڪتاب هن کان ڪير وٺندو؟ هي سزا ۽ جزا جي عمل کان مٿانهون آهي ڇا؟ هو نه رڳو چوري پر سينا زوريءَ واري تاثر سان به آڏو آيو آهي. هن جي وڊيو ڪلپ ان جو ثبوت آهي، جنهن جي آڌار تي انهن سڀني خلاف به ڪارروائي ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪي هن کي پرڏيهه پهچائڻ جا سهولتڪار ثابت ٿيا آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي ڪنهن قانون جي ڪٽهڙي ۾ به ايندا؟

naseembukhari44@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *