گوڙاڻي ڊيم وارو معاملو حل ڇو نه پيو ٿئي…؟: سجاول بجير

ٿرڪول بلاڪ ٽو جي ڪوئلي کي ڪڍڻ لا۽ کاڻ جي پاسن کان ٽيوب ويلن ذريعي نڪرندڙ پاڻي کي اينگرو ڪمپني بلاڪ ٽو کان 35 ڪلوميٽر پري ڳوٺ گوڙاڻي ۾ ڳوٺاڻن جي سخت اعتراضن دانهن ڪوڪن احتجاجن ۽ عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هجڻ باوجود اتي تڪراري ڊيم ٺاهي پاڻي ڇڏي رهي آهي گوڙاڻي کان اڳ۾ ڪمپني پاران گوڙاڻي کان پري ڌڪڙڇو ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو پر اتي ڊيم ٺاهڻ بدران گوڙاڻي وٽ قدرتي پيالي ٽائيپ زمين ڏسي راتورات جي پيٽ ۾ اتي ٽپڙ لاهي ڳوٺاڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا زوري زبردستي ڪم شروع ڪري ڇڏيو جنهن بعد سال اڳ۾ ان وقت ڳوٺاڻن سخت اعتراض ڪري هتي ڊيم جي مخالفت ڪرڻ سان گڏ ٻارين ٻچين عورتن سميت اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڪئمپ قائم ڪري احتجاج شروع ڪيو اهو احتجاج عورتن مردن سميت ٻارڙن جوهڪ هفتو جاري رهيو ته سنڌجي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي هدايتن تي صوبائي صلاحڪار کٽومل جيوڻ پريس ڪلب پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري ڊيم وارو مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪندي هفتي جي مهلت ورتي ۽ احتجاج ختم ڪرايو پر انهي کٽومل جي واعدي کي هڪ مهينو گذري ويو پر کٽومل مسئلو حل ڪري نه سگهيو جنهن بعد مختلف وقتن تي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ايم اين اي شيرمحمد بلالاڻي سينيٽر انجنيئر گيانچند ۽ ٻين احتجاجي ڪئمپ تي پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائڻ جون منٿون ڪيون پر ڳوٺاڻن ڊيم جو هنڌ تبديل ٿيڻ کانسو۽ احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري احتجاج جاري رکيو ۽ ٻئي پاسي 11 ڳوٺاڻن ان وقت سنڌ ها۽ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ڊيم خلاف پٽيشن داخل ڪرائي جيڪو ڪيس هلي رهيو آهي.

انهي کانسوا۽ ڪافي دفعا اينگرو جو سي اي او سمش الدين شيخ به ميڊيا ۽ احتجاج جي پريشر بعد مجبورن احتجاج ڪندڙن وٽ آيو پر هن سمورن دورن دوران ڳالهين وقت سجينده ڳالهيون نه ڪيون ڳالهيون بهتر انداز ۾ نه ٿيڻ ڪري مسئلو حل ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌنڌو رهيو اهڙي نموني مسلسل پنج مهينن تائين مردن سان گڏ عورتون به پريس ڪلب آڏو احتجاج تي ويٺل رهيون پر اينگرو سي اي او جي رڪوسٽ تي گوڙاڻي واسين عورتن کي گهر موڪليندي مردن احتجاج جاري رکيو جيڪو اڄ به جاري آهي.

گوڙاڻي ڊيم جو مسئلو انهن ڏينهن ۾ حل ٿي وڃي ها جيڪڏهن سنڌ حڪومت اينگرو ڪمپني ۽ چونڊيل نمائيندا مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها پر سمورن ڌرين اناجومسئلو بڻائي احتجاج کي هڪ ٻن ڳوٺاڻن سان سلهاڙي مسئلي کي حل ڪرڻ بدران ويتر تنقيد جو نشانو بڻايو حڪومت به چيو ته صرف ٻه ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ ڪمپني پڻ چيو هو ته صرف ٻن ماڻهن جو مسئلو  آهي جن جون ڊيم ايريا ۾ زمينون نه ٿيون اچن گوڙاڻي ڊيم وارو مسئلو اسلام ڪوٽ کان ٿيندي اسلام آباد  بعد انٽرنيشنل اشوز بنجي ويو جنهن بعد ڪمپني ۾ آيل اينگرو جي پريس ترجمان محسن ٻٻر احتجاج کي ناڪام بڻائڻ لا۽ روزاني من پسند صحافين جون لوڌو گهرائيندو رهيو ۽ انهن کي صرف اهي جايون ڏيکاري ائين محسوس ڪرايو ويو ڄڻ هتي گوڙاڻو ڊيم ٺهندو به نه هجي صرف ٿرڪول بلاڪ ٽو واري مائننگ جا دورا ڪرائي ڪوئلي جي ڪم بابت بريفنگ ڏيئي صحافين کي روانو ڪري اشوز کي ختم ڪرڻ جا حربا استعمال ڪيا پر سنڌي ميڊيا کي سلام آهي جنهن اڄ به حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي احتجاج ڪندڙ غريب ڳوٺاڻن جي ڪوريج کي نه روڪيو آهي هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود گوڙاڻو اشوز کي اڇلايو ناهي ويو گوڙاڻي ڊيم اشوز جي آڙھ ۾ ڪيترائي ٿر توڙي سنڌ مٿان جان قربان ڪرڻ جون دعوائون ڪندڙ پڻ وڪجي وڃي ڪمپني جي غلامي قبول ڪيائون اينگرو ڪمپني ٿوري مخالفت ڪندڙن سان رابطو ڪري انهن کي نوڪرين ۾پڻ لڳايو جڏهن کان ميڊيا ترجمان محسن ٻٻر ڪمپني ۾ لڳو آهي انهي به ايندي ئي پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪندي من پسندن کي نوڪرين تي لڳائي اينگرو جي ميريٽ وارين دعوائن کي سچو ثابت ڪري ڇڏيو  هن پهرين ڊيوٽي تي لڳندي پاڻ کي مليل گاڏي تي لڳل هڪ مسڪين ڊرائيور جيڪو مقامي بجير هو انهي کي ڪڍي پنهنجي رشتيدار ڊرائيور کي نوڪري تي لڳائي پنهنجا نواز پالسي کي واضع ڪيو جنهن بعد اڳتي هلندي وري هن ميريٽ جي لتاڙ شروع ڪندي ڪم کي اڳتي وڌايو گوڙاڻي ڊيم واري هلندڙ اشوز جي گنگاگنگا ۾ ڪيترن ئي پاڻ کي اديب ليکڪ صحافي سڌائي عوام جي درد جو راڳ آلاپيندڙن ۾ هٿ ڌوتا گوڙاڻي ڊيم جي اشوز جي آڙھ ۾ روزاني سوين اسلام آباد سميت ٻين شهرن جي صحافين کي گهرائي وڏو خرچ ڪري سنڌ حڪومت ۽ ڪمپني جي خزاني کي نقصان ڏنو جيڪو خرچ لکن ۾ ٻڌايوپيو وڃي پر انهي جي جانچ ناهي ٿي سگهي هاڻي ڳالھ ڪجي اصل اشوز جي ته گوڙاڻي ڊيم وارو مسئلو اڄ به حل ناهي ٿي سگهيو سگهيو.

گوڙاڻي 342 ڏينهن کان اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي انهي سلسلٿر۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کوٽائي دوران نڪرندڙ پاڻي کي ڇوڙ ڪرڻ لا۽ ٺاهيل تڪراري گوڙاڻي ڊيم جي هنڌ تبديل ناهي ٿي سگهي جنهن سبب مسئلو جتي هو اتي پيل آهي گوڙاڻي ڊيم جو پاڻي گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي جنهن سبب روزاني پاڻي پوکيل فصل ٻوڙهي اڳتي وڌي رهيو آهي جنهن سبب هن وقت تائين 30 پوکيل ٻنيون پاڻي هيٺ اچي چڪيون آهن  انهي سلسلي ۾ رهواسين انور لوڍو عبدالله  چوهاڻ غلام مهراڻپوٽو ملهوڪولهي دارسي ڪولهي دوست علي حجام ڀاڻجي ميگهواڙ سوڀو ميگهواڙ ميوو ميگهواڙ صالو ميگهواڙ مڪيش ميگهواڙ لڇمڻ ميگهواڙ ملوڪ ميگهواڙ پرکو ميگهواڙ کنگهار ميگهواڙ ۽ٻين  ڊيم ۽ اينگرو ڪمپني خلاف اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪندي ڊيم جو هنڌ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ڳوٺاڻن چيو ته اينگرو ڪمپني جا سمورا ڪوڙ ۽ پول پڌرا ٿي پيا آهن ڪمپني جو ڪيس عدالت ۾ ڪمزور ۽ اسان جو ڪيس مضبوط آهي اينگرو ڪمپني غيرقانوني ڊيم ٺاهي رهي آهي جنهن وٽ ڪي به قانوني گهرجون پوريون ناهن نه وري ڪاغذ موجود آهن جنهن سبب اڄ ظاهر ٿي ويندو ته ڪمپني غيرقانوني ڪم ڪيو آهي اسان کي عدالت سڳوري تي مڪمل اعتماد آهي فيصلو حق ۽ سچ جي بنيادن تي ٿيندو فتح اسان جي ٿيندي اسين ترقي جا مخالف نه پر حامي آهيون پر اينگرو ڪمپني رڳو ڪوڙ ڳالهائي سڄي ٿر تي قبضو ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي اسين ڪوئلي ۾ حصيدار ٿيڻ چاهيون ٿا پر هتي ڪم ابتو هلي رهيو آهي ڪمپني زوري ڏنڊي جي زور تي گوڙاڻي ۾ ڊيم ٺاهي پئي منظوري صرف ڌڪڙڇو ڊيم جي مليل آهي

گوڙاڻي وٽ قدرتي ڀٽون هجڻ ڪري ڪمپني پئسا بچائي اسان جون زرخيز زمينون تباھ ڪري رهي آهي اسان زمينون وڪرو ناهن ڪيون پر ڪمپني اسان جي زمينن تي زوري قبضو ڪري ورتو آهي ٻنين ۾ پاڻي ڇڏي فصل تباھ ڪيو ويو آهي چئن ورهين جي ڏڪارن بعد پوکيل فصل ڊيم جي پاڻي سبب ٻڏي ويا آهن،اسان شروع کان ئي دانھون ڪري رھيا ھئاسين ته ڳوٺ گوڙاڻي وٺ ٺھندڙ ڊيم جا ڪي به دستاويز ناھن پر اسان جي نه ته چونڊيل نمائندن ڪا ٻڌي نه ئي وري ڪنھن ڪمپني عملدار انھي معاملي کي سنجيده ورتو ڇو ته گوڙاڻو ڊيم معاملو صرف گوڙاڻي واسين جو ناھي انھي ٺھندڙ ڊيم جي ڪري سڄي ٿر جو ماحول خراب ٿيندو ۽ آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻھو پنھنجي زمين  ۽ پنھنجي مال متاع کان  محروم ٿيندا اسان به پنھنجن گھرن ۽ اجھن کي بچائڻ لاء مسلسل يارھن مھينن کان دانھون ڪري رھيا آھيون جنھن کي ڪنھن به چونڊيل نمائندي يا ڪمپني عملدار نه ورنايو ھاڻي سڄومعاملو عدالت سڳوري ۾ آھي جنھن مان اسان کي انصاف جي اميد آھي جتي غريب ماڻھن جون دانھون ٻڌيون وڃن ٿيون ۽ حق رسائي ٿئي  ٿي ۔ٿر جيان ھر قدرتي معدنيات نڪرندڙ علائقن ۾ ڪمپنيون پنھنجن مفادن خاطر ڪم ڪنديون آھن پر مقامي ماڻھن کي ھر ڪمپني نظر انداز ڪيو آھي ھتي به اينگرو ڪمپني جو مقامي ماڻھن سان رويو اڍنگو آھي جنھن خلاف ٿر جا ٻيا به ماڻھو دانھي رھيا آھن۔ڪمپني ۾ ڪجھ مفاد پرست ماڻھن جي ھجڻ ڪري سڄا معاملا ٿي رھيا آھن جيڪي پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ قابل ۽ سمجھندار سمجھن ٿا پر کين اھا خبر ناھي ته ٿر جا ماڻھو روپلي ڪولھي جا اصل وارث آھن انھن انگريزن کي ھن نموني مات ڏني انھن اڳيان توھان جي ڪا به حيثيت ڪجھ به ناهي،هوڏانهن ٻئي پاسي  ڊيم خلاف مسلسل سال کان احتجاج ڪندڙ غريب پورهيت بيروزگار ٿي ويا گهرن ۾ کاڌ خوراڪ کٽي ويئي مسڪين سيٺين کان وياج تي سامان کڻي قرضي ٿي پيا آهن جنهن سبب سخت پريشاني جو شڪار آهن احتجاج تي ويٺل بيروزگار ٿي وڃڻ ڪري گهرواسي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن احتجاج رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو يارنهن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڳوٺاڻن جي احتجاج کي ڪمپني جا حربا جهڪو ناهن ڪري سگهيا متاثرين جا حوصلا اڄ به بلند آهن هو ڏينهن ۽ رات پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري گذارين ٿايارنهن مهينن کان احتجاج هلندڙ هجڻ باوجود اينگرو ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت مڪمل طور خاموشي سان تماشو ڏسي چپ ٿي ويون اينگرو ڪمپني مختلف وقتن تي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جا واعد ڪرڻ بعد انهن واعدن تان فري ويئي آهي ڪمپني احتجاج تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو جڏهن ته ساڳئي نموني سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندا به خاموش تماشائي بڻيل آهن گوڙاڻي ڊيم خلاف جاري احتجاج رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو يارنهن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڳوٺاڻن جي احتجاج کي ڪمپني جا حربا جهڪو ناهن ڪري سگهيا متاثرين جا حوصلا اڄ به بلند آهن هو ڏينهن ۽ رات پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري گذارين ٿايارنهن مهينن کان احتجاج هلندڙ هجڻ باوجود اينگرو ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت مڪمل طور خاموشي سان تماشو ڏسي چپ ٿي ويون اينگرو ڪمپني مختلف وقتن تي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جا واعد ڪرڻ بعد انهن واعدن تان فري ويئي آهي ڪمپني احتجاج تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو جڏهن ته ساڳئي نموني سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندا به خاموش تماشائي بڻيل آهن ڳوٺاڻا صرف هڪ وقت ماني کائين ٿا ڏينهن جو هو بکئي پيٽ احتجاج ڪندي گذارين ٿا رات جو ماني نصيب ٿئي ٿي متاثرين رات جو پٽ جي سمهي گذارين ٿا جن جو ڪنهن کي به قدر ناهي ضلعي ڪائونسل پاران گوڙاڻي ڊيم جي مسئلي جي حل لا۽ جوڙيل ڪميٽي ڪوبه ٻوٽو ناهي ٻاريو ڪجھ مهينا اڳ۾ ضلعي چئيرمين غلام حيدر سميجي وائيس چئيرمين ڪنور ڪرني سنگھ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي هئي جنهن دورو ڪري مسئلا ٻڌا هئا ڪميٽي پاران اينگرو ڪمپني کان ڪجھ تفصيل طلب ڪيا هئا پر ڪمپني اڄ ڏينهن تائين ڪميٽي کي گهربل ڪاغذات ناهن ڏنا جنهن سبب جوڙيل ڪميٽي فائيلن ۾ بند ٿي ويئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *