ڪيٽو فلٽر پاناما ۽ حڪومتي پنڪچر سازي: شوڪت لوهار

طبقاتي حصن ۾ ورهايل هن دنيا ۾ جتي ماڻهو کي ان جي حيثيت ۽ اوقات مطابق سمجهيو ۽ سوچيو وڃي ته ان حاصلات مطابق کيس عزت ۽ مان ملندو آهي. اِهو سواءِ ڪجهه مهذب ملڪن کي ڇڏي جتي ڪٿي ساڳيو ئي وهنوار هلي ٿو. ماڻهوءَ جي ته نفسيات تي اِها ڳالهه سوار آهي ته فلاڻو ڪيترو دولتمند ۽ ڪيترو اثر رسوخ وارو آهي نه ڪي ڪيتري قابليت ۽ اورچائي ان جي نشانبر آهن.

آمريڪا ۾ اسان جي ملڪ جو ڪو سربراهه وڃي ٿو ته اُتي هوائي اڏي تي اچي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي ملڪ جو ڪو قونصل سربراهه ۽ انهيءَ سان گڏ ڪو هلڪو ڦلڪو آمريڪي آفيسر هوندو. ساڳيو ئي حال ٻين ملڪن ۾ پڻ آهي. خدانخواسته ڪو يورپي يا آمريڪي سعودي عرب يا وچ اوڀر جي ملڪ هليو ويو ته ان لاءِ قانون ٻيو ۽ الله نه ڪري اهڙي غلطي ڪنهن غريب ملڪ يعني پاڪستان يا ڪنهن آفريقي ملڪ جي رهاڪو کان ٿي ته ٻيو جيل ۾ سڙندو. سو اِها طبقاتي هيٺ مٿانهين صرف هڪ هنڌ ناهي پر ماڻهو جي ميڄالي ۾ موجود آهي ۽ پوءِ اِها سماجن جي اهڃاڻن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.

گذريل ڪجهه ئي مهينن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي حالتون ايتريون ته تڪڙيون تبديل ٿيون آهن جو هر هڪ واقعي کي تڪڙو جنم ڏنو آهي، ان سان ٿئي ائين ٿو ته عوام جا اصل مسئلا، عام ماڻهو جي حقيقي روزاني زندگي، جنهن ۾ کيس ٻن ويلن جي ماني، ٿوري بجلي، جسم تي اوڇڻ ۽ پناهه لاءِ پناهگاهه کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ڪو نه آهي، پر هو انهن بنيادي ضرورتن جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪمند جي چڪي يا گهاڻي جهڙي هن سماج ۾ اهڙو ته پيڙهجي ٿو جو آخر ۾ نه ان کي اٽو هٿ ٿو اچي، نه لٽو هٿ ٿو اچي ۽ اجهي کان محروم ئي رهجي وڃي ٿو. هن جي داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونهي. هن جي مسئلي کي فوڪس ڪرڻ وارو ڪير آهي. عام ماڻهو جي زندگي جو ڏيئو ڀل ڪنهن وڏيري جي کريل اولاد جي ٽائرن جي گاڏي هيٺيان اچي اجهامي وڃي، پر ان جي خبر کي بريڪنگ نيوز جهڙي اهميت ملي، اها ڪارپوريٽ ميڊيا جي اخلاقيات جي خلاف آهي.

سنڌ ۾ بهترين حڪمراني ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جا ڀاشڻ آلاپيندڙ حڪومتي سلطانن کي اها خبر ڪو نه ٿي ڇرڪائي ته ميندي رتن هٿن واري لال ڪنوار خانزادي لاشاري ڪهڙي جرم جي پاداش ۾ پنهنجي سهاڳڻ جوڙي ۾ ڪُٺي ويئي؟ آخر هن جو ڏوهه ڪهڙو هو. غيرت جي غليل ۾ بلور بڻجندڙ جاهل ۽ اڏوهي کاڌل ذهنن جي مالڪ قلندر بخش کي ڪير سمجهائيندو ته هڪ نينگر جيڪا سترنهن بهارون تنهنجي نالي ڪري عروسي جوڙو پائي تنهنجي امانت ٿي ته ان کي تو ڪهڙي ُڪُڌي ۽ مڪروهه سوچ جي ڪني ڪُن ۾ اڇليو ۽ آخر ۾ کيس ڪاري جو ٽڪو ان جي کير جهڙي اڇي پيشاني تي تو منڌيئڙو ڪري هنيو. ڇا هي سنڌ سماج جي انتهائي پسماندگي، لاقانونيت ۽ بربريت لاءِ هڪ ڪيس اسٽڊي نه آهي؟ ڪنهن جي عظمت ۽ لڄ لٽڻ جي قيمت فقط ٽيهه مڻ مقرر ڪندڙ انهيءَ فيصلائتي پنجائت جي مُکي کان اهو پڇجي ته ڇا پنهنجي نياڻي لاءِ تون اهو فيصلو ڏيئي سگهندي؟

انهيءَ واقعي اندر ۾ ڊرل مشين ڊوڙائي ڇڏي ۽ سچ پڇو ته لکڻ جي باوجود مون پنهنجي لکڻي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. جڏهن حالتون اهڙي نهج تي پهچي وڃن جو توهان جو قلم توهان جو ساٿ نه ڏيئي ۽ اکر لفظ ۽ جُملا اوهان آڏو ٻاڏائي زاري آزاري ڪن ته پوءِ ڪهڙو لکڻ ۽ ڪهڙو پڙهڻ؟ ڇا بهترين حڪمراني لاءِ فقط ڪچي شراب ۾ مرندڙ سوين جانيون کوڙ ناهن ته قانون جي نڪ جي هيٺ هلندڙ زهريلي شراب جون بٺيون آخر ڪيستائين سنڌ جي نوجوانن کي نشي جي نيري ڄار ۾ ڦاسائي انهن کان زندگيون کسينديون رهنديون، جتي نوجوان ڪتبخانن ۽ درسگاهن جي زينت هجڻ گهرجن، اُتي اُهي ڪچي شراب جي گٽر ۾ لڙهن پيا، ڇا اِها حڪراني چئجي؟

سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر هڪ اهڙي سوچيل سمجهيل سازش تحت امتحاني سرشتي ۾ فٽ ڪئي ويئي آهي، جيئن پاليسي ساز اهو چاهين ٿا ته هي ماڻهو تنقيدي شعور ۽ للڪار کان پاسيرا رهن ۽ فقط ”لڙهندڙ نسل“ وڌندو ويجهندو رهي، جيڪو مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ خود مسئلا بڻجندو رهي. هڪ لکڻي لکڻ کان پهرئين هڪ ريڙهي واري کان پُڇا ڪيم ته توکي ”پاناما ليڪس“ جي خبر آهي؟ جنهن تي هُن کِلي چيو ته سائين ڳوٺ ۾ اڳي پاناما نالي سگريٽن جي ته خبر آهي پر پاناما ليڪس کان مان اڻ واقف آهيان. ڇانهين وڪرو ڪندڙ کان پڇيم ته تنهنجو پاناما ليڪس جي باري ۾ ڇا خيال آهي ته ان جواب ڏنو ته سائين بس مان ته ايترو چوندس ته منهنجيون هي ڇانهيون گرمي ۾ ليڪ نه ٿين ۽ شام سمي مان پنهنجي ٻچڙن لاءِ روزي روٽي وٺي وڃي سگهان، وڌيڪ خبر ناهي….

جتي دنيا ۾ پاناما پيپرز گهڻن ئي گرناڙين کي خشڪيون ڏياري ڇڏيون آهن ۽ دنيا جا وڏا وڏا ٿنڀ ۽ ٿوڻيون لڳيون آهن اُتي اهڙي پاناما ليڪس کان عام ماڻهو اوترو ئي اوپرو ۽ اڻ واقف آهي. بهرحال ڪارپوريٽ ميڊيا ۾ هن نين انڪشافن گهڻن ئي دولت ۽ مسڪين ماڻهو جي رت ست مان ٺاهيل مال جي حوارين جي چهرن تان زاهدي ۽ پرهيزگاري جا ماسڪ لاهي ڇڏيا آهن. جرنلزم جي دنيا جو هي هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ اسڪينڊل آهي، جنهن تحت کوڙ اهڙا سياسي کيڏاري، ٽي وي ۽ فلم جا وڏا وڏا ڪردار وضاحتون ڏيڻ ۾ پورا آهن.

ملڪي حوالي سان جيئن ته پاناما ليڪس پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن ۽ حڪومت مخالف پارٽين کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ سگهارو موضوع ملي ويو آهي. پاناما ليڪس اصل ۾ آف شور يعني پرڏيهه ۾ ٺاهيل ۽ هلندڙ اهڙين هٿ ٺڪيل ڪوڙين ڪمپنين جو مجموعو آهي، جيڪي ڪاري ناڻي يا بليڪ مني مان جوڙيون ويون آهن. ڪاري پئسي تي ٺاهيل هي مکڻ جون ماڙيون انهيءَ جو چٽو ثبوت آهن ته سياست جي ڪاروبار ۾، اداڪاري جي حرفتن ۾، راندين جي سرگرمين ۾ جيڪو مال ميڙيو وڃي ٿو، اهو پنهنجي وطنيت کان ڪيئن اوجهل ٿي مني لانڊري ۾ ڌوپجي ڪرپٽ ماڻهن کي ڪيئن ٿو حب الوطن ۽ وائيٽ ڪالرز کي پرهيزگار بڻائي، جنهن سان غريب غريب پيو ٿئي ۽ امير امير پيو ٿئي. هي پاناما ليڪس ڪو پهريو تهلڪا خيز انڪشاف ڪو نه آهي، پر انهيءَ کان پهريان به ڪئين اهڙيون ”ليڪس“ آهن، جن گهڻن جا پول پڌرا ڪيا آهن، جڏهن هڪ خانگي چينل جيڪو اڃا شروع به ڪو نه ٿيو هو، ان جا وکا پڌرا ڪيا ويا ته هو جعلي ڊگريون ڏيڻ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو جعلي ادارو آهي، جنهن مڊل ايسٽ، آفريقا توڙي اتر آمريڪا جا ماڻهو ٺڳيا آهن ۽ ان جون خبرون قومي ميڊيا جي نر گهوڙي ۽ خيران جي سر ڏي خير هجي جهڙي چينل چوويهه ڪلاڪ ڪاڪڙو ڦاڙي آواز ۾ پيئي هلرايون ته اسان سڀ اهو پئي سمجهيو ته وڏو ڪو انقلاب اچي ويندو پر کوٽيون سين پهاڙ ۽ نڪتو ڪوئو. ٿيو ڪجهه ڪو نه! انهيءَ چينل تي هن وقت تائين ڪجهه ثابت ڪو نه ٿيو آهي، رهندو ڪئين نالي ناليوارا بڻجي رهجي ويا. لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا. ان کان به اڳ وڪي ليڪس ڇا ڇا نه ليڪ ڪيو، اهي ڳجهه ۽ راز جيڪي ڪڏهن ڪنهن جي هٿ لڳي به ڪو نه سگهن ها، اهي اخبارن جي زينت بڻيا.

هن وقت نواز حڪومت ۽ نرگسيت ۾ ورتل وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس پٽ اڇي، ڪاري نيري پئسي کي پنهنجي پرهيزگاري جي پينٽ لڳائڻ ۾ پورا آهن پر معاملو وزيرن جي وس کان مٿي آهي. پنجاب جي قانوني وزير راڻا ثناءُ الله پاناما ليڪس کي شيطاني ليڪس قرار ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪا آڱر پاڻ ڏانهن اُٿي ته اِها شيطاني آهي، جيئن ته عام ماڻهو ۽ خلق خدا کي پاناما ليڪس جي انڪشافن جي ڪا خبر ناهي، تنهن ڪري انهيءَ صورتحال ۾ حڪومت مخالف پارٽين پي ٽي آءِ کيس ڪيترو ٽف ٽائيم ڏيئي سگهي ٿي، اِهو ته وقت ٻڌائيندو. ڌرڻو ٿيندو يا ڌرڻي ٿيندي، ڪجهه ڏينهن ۾ تڪڙا واقعا متوقع آهن. جهڙي نموني حڪومتي وزير پنهنجي هٺ ڌرمي ڪري مشهور آهن، اهڙو ساڳيو جملو خان صاحب لاءِ پڻ فٽ اچي ٿو. وچ ۾ جهڙي نموني پي ٽي آءِ جو گراف ڪريو آهي، ان ۾ خان صاحب جي پنهنجي غلطين جو ڪيتو آهي، باقي خورشيد شاهه صاحب ويڪنڊ تي تاجپوشي ڪرائڻ کانپوءِ هڪ وفادار سپاهي طور دما دم جاري رکيو پيو اچي، ان ۾ ڪيترو منطق ۽ قابليت آهي، اهو اسان سڀ ڄاڻون ٿا.

ماڊل ٽائون ۾ ماريل بي گناهه ماڻهن جو لهو قاتلن جي مسلسل تلاش ۾ آهي ۽ لاهور اقبال ٽائون بم ڌماڪي کانپوءِ فيوڊل لارڊ فيم تهمينا دراني جيڪا پنجاب جي خادم اعليٰ جي وني آهي، ان طرفان اهو چوڻ ته شريف زادن کي قوم کي پئسا واپس ڪري ڪاري ناڻي تي معافي وٺڻ گهرجي. اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

ڳوٺن ۾ غريب ماڻهو پاناما سگريٽ گهڻو پيئندا هئا ۽ اهي سُتت ئي غريب ماڻهن کي کنگهه ۽ اُڀي ساهي ۾ مبتلا ڪري قبرستان ڀيڙو ڪندا هئا، هاڻ پاناما ليڪس دنيا جي دولت جي ازدهائن ۽ گرڙ پکين کي ڪهڙي انجام ڏانهن وٺي ٿي وڃي، اهو به جلد معلوم ٿي ويندو. اسان وٽ لالچ ۾ مال ڀري پرڏيهه پهچائيندڙن جي حوالي سان پاناما جا پنڪچر ڪيترو ليڪ ٿين ٿا، بس ڪجهه انتظار….

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *