ڪشمير مسئلي جو حل….عالمي برادري جو مينڊيٽ؛تحرير؛ محمد صباح الدين

ڪجهه مسئلا اهڙا هوندا آهن جيڪي فوري طور تي قابل حل سمجها ويندا آهن ۽ ڪجهه مسئلا اهڙا هوندا آهن جن جو حل ضروري ته سمجهو ويندو آهي مگر ان جي حل ۾ اگر ڪجهه وقت لڳي وڃي ته غير مناسب تصور ناهي ڪيو ويندو. ۽ دير آيو درست آيو جي مثال وانگر ان حل کي قبول ڪيو ويندو آهي. پر اگر هي دير ناقابل برداشت جي شڪل اختيار ڪري وڃي ته پوءِ هي دير وڌيڪ مسئلن جو سبب بڻجي ويندي آهي. ڪجهه اهڙي ئي صورتحال ڪشمير مسئلي سان پيدا ٿيندي پئي اچي. ڪو به مسئلو پاڻ سان گڏ پنهنجو حل کڻي پيدا ٿيندو آهي جنهن کي صرف تلاش ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي مگر ڪشمير مسئلو دنيا جو اهو واحد مسئلو آهي جيڪو پنهنجو حل پنهنجي پيدائش سان گڏ ئي کڻي آيو مگر ان حل کي ڀارت پاران طاقت جو مظاهرو ڪندي دٻايو ويو آهي ۽ پنجهٽ سالن جي عرصي گذرڻ باوجود اڄ ڏينهن تائين ان کي دٻائڻ ۾ ئي ڀارت فخر محسوس ڪري رهيو آهي جنهن سان هڪ طرف پاڪ ڀارت ڪشيدگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ته ٻي طرف خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون متاثر ٿي رهيون آهن.

اڄ تائين جي حالاتن کي اگر نظر ۾ رکندي غور ڪيو وڃي ته حقيقت واضح نظر ايندي ته ڀارت ڪشمير مسئلي جي حل کي ڪڏهن اهميت ڏني ۽ نه ئي ڪا توجه ڏيڻ مناسب سمجهي آهي. حالانڪه اگر هن مسئلي جو ان جي رضامندي جي بغير ممڪن حل ناهي ته هو ڪري سگهي پيو بلڪل انهيءِ طرح جنهن طرح اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ مشرقي تيمور جي مسئلي کي حل ڪيو ويو. هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ مضائقه ناهي ته ڪشمير مسئلي جي حل ۾ جتي ڀارت جي روايتي هٽ ڌرمي ۽ طاقت جو گهمنڊ شامل حال رهيو آهي اتي ان مسئلي جي حل ۾ عالمي برادري جي عدم دلچپسي جو به خاص عمل دخل رهيو آهي. جيڪو دراصل ڀارت جي انهيءِ هٽ ڌرمي جي تقويت جو سبب به ثابت ٿيو. جنهن جو ثبوت هي آهي ته جڏهن مشرقي تيمور جو مسئلو حل ٿيڻ بعد پاڪستان پاران ڪشمير مسئلي جي حل تي زور ڏنو ويو ته عالمي برادري ان تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ مشرقي تيمور ۾ فرق کي محسوس ڪيو وڃي ۽ انهيءِ مشرقي تيمور جي مسئلي کي الڳ رکيو وڃي، جنهن سان ان عام تاثر کي به تقويت ملي آهي ته عالمي برادري به ڪشمير مسئلي جي حل ۾ خوش ناهي ۽ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪشمير مسئلي کي سرد خاني جي زينت بنايو ويو آهي ۽ امريڪه ڀارت دفاعي تعاون جو معاهدو به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي لڳي رهي آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي انهيءَ ڀارتي دوري جنهن ۾ اهيوئي دفاعي تعاون جو معاهدو ڪيو ويو جي موقعي تي ڪشمير مسئلي تي ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه ان تي ڪو اشارو به نه ڏنو، نه ئي ڀارت پاران پاڪستان جي سرحدي خلاف ورزي جو ڪو ذڪر ڪرڻ گوارا ڪيو جنهن مان به عالمي برادري جي ان سلسلي ۾ ذهني سوچ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي ڀارتي دوري دوران پاڪستان جنهن جي خطي ۾ اهميت کان ڪنهن کي انڪار ناهي کي نظر انداز ڪري جهڙي طرح ڀارت سان دفاعي تعاون جو معاهدو ڪيو ويو ان سان نه صرف پاڪستان خطي ۾ عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهو ٿو بلڪه ان سان خطي ۾ قيام امن جون ڪوششن کي به ڌچڪو لڳي سگهي ٿو.

پاڪستان شروع کان ئي ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جو حمايتي رهيو آهي ۽ ڀارت پاران ڪشميرين مٿان ڪيل ظلم تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪندو رهيو آهي بلڪه ايستائين جو انهيءِ مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي وچم جنگيون به ٿيون آهن مگر هي مسئلو هيل تائين حل طرف نه وڌي رهيو آهي. باوجود ان جي ته پاڪستان ان مسئلي جي حل لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڀارت کي ڳالهين جي دعوت به ڏني جنهن تي ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ڪيون ويون مگر ڀارت هٽ ڌرمي ۽ مان نه مڃيندس واري روش تي قائم رهيو ۽ هي مذاڪرات صرف مذاڪراتي مباحثن کان اڳتي وڌي نه سگهيا. حالانڪه پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل جو ڪوئي موقعو هٿ مان وڃڻ ناهي ڏنو ۽ حاليه سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي کي به غنيمت سمجهندي ڪانفرنس ۾ به وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ٻه طرفا تعلقات ٺاهڻ جي لاءِ مذاڪرات جو سلسلو ٻهير جوڙڻ جي دعوت ڏني ته هن ان تي مثبت اشارو ڏيندي احتراز ڪيو جنهن جي به اصل وجه اهيوئي ڪمشيري مسئلو هيو. جنهن سبب ڀارت مذاڪرات جي ميز تي اچڻ کان لهرائي رهيو آهي. مگر ان جي باوجود ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪندي پاڪستان عالمي سطح تي هي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير مسئلو مودي حڪومت جي سازشي زهنيت تحت نه پر ڪشميرين جي خواهشن ۽ يو اين او جي قراردان مطابق حل ٿيندو جيڪو ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي زنده ۽ قابل ستائش مثال آهي.

ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ جيستائين ڪشميرين، مائن، ڀينرن، ڌيئرن، ٻارڙن، پوڙهن، نوجوانن جون لازوال قربانيون ۽ بي مثال جدوجهد سان گڏوگڏ پاڪستان حڪومت جي دليرانه موقف ۽ هر طرح جي مدد ۽ تعاون جو تعلق آهي ته ان کي جيتري به خراج تحسين پيش ڪئي وڃي سا گهٽ هوندي ۽ هي پنهنجي جڳهه تي اهميت جو حامل آهي مگر ڪشمير مسئلي جي حل ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آئي سي جي ڪردار جي اهميت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. او آءِ سي جو به اهيو اخلاقي فرض آهي ته هو ان سلسلي ۾ عالمي برادري تي زور ڀري ته عالمي برادري ان مسئلي جي حل ۾ سنجيدگي اختيار ڪري ڇو ته اقوام متحده جو ڪشمير مسئلي جي سلسلي ۾ موجود قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ صرف ۽ صرف عالمي برادري جو ئي مينڊيٽ آهي جيڪو ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اهيو به ته ڪشمير مسئلي جو واحد حل به اهيو ئي يو اين او جون قراردادون آهن جيڪي ان مسئلي جو پيدائشي حل آهن.

عالمي برادري کي هاڻي هي حقيقت جيڪي خطي ۾ حاليه دهشتگردي سبب کلي سامهون آئي آهي کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير مسئلو صرف ۽ صرف زمين جي هڪ حصي جو مسئلو ناهي ۽ نه ئي پاڪستان ۽ ڀارت ٻن ملڪن جي پاڻ ۾ معاملن جو مسئلو آهي بلڪه هي مسئلو پوري خطي جي امن امان جي مجموعي صورتحال جو مسئلو آهي جنهن جا اثر مڪمل طور پوري دنيا جي امن امان جي صورتحال تي به پوندا ڇو ته جيستائين پاڪ ڀارت تعلقاتن ۾ بهتري نه ايندي ان وقت تائين علاقائي امن جي صورتحال ۾ بهتري نه ايندي ۽ جيستائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري ڪشيدگي جي اصل وجه ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو ان وقت تائين ٻنهي ملڪن جي تعلقاتن ۾ بهتري نه ايندي ۽ نه ئي پاڪستان ان مسئلي کان الڳ ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته عالمي برداري ڪشمير مسئلي جي حل ۾ پنهنجي اخلاقي مينڊيٽ جو احترام ڪندي نه صرف اقوام متحده جي قراردادن تي ڀارت کي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري بلڪه دنيا ۾ امن جي بحالي جي لاءِ ڪوششن کي ڪاميابي سان ساٿ ڏئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *