ڪرپشن ۽ منشيات جي وبا ۾ جڪڙيل سنڌ :اصغر ملاح (دادو)

عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي ملڪن ۾ سياست ۽ حڪومت ملڪ جي ترقي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي بهتري لاءُ ڪئي ويندي آهي اسان جي ملڪ ۾ سياست ملڪ جي ترقي قوم جي خدمت بجاءَ اڪثر حصول اقتدار رهي آهي اسان جي ملڪ ۾ ڪي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ته ڪي وري پيسن ڪمائڻ لاءِ پريشان آهن جنهن ملڪ ۾ پئسو ڪمائڻ زندگي جو مقصد بڻجي وڃي ته پوءَ عوام کي حق ڪٿا ملندا. ملڪ جي تاريخ کي ڏسجي ٿو ته بهتر حڪمراني عوام لاءِ هڪ خواب بڻيل رهيو آهي. هڪ اهڙو خواب جيڪو ملڪ جي قيام کان وٺي هڪ وقت تائين پنهنجي ساڀيان ماڻي نه سگهيو آهي. حقيقت ۾ حڪمراني جو مقصد ئي هر وقت جي حڪمرانن کي پنهنجي عوام آڏو جوابده هجڻ آهي جنهن عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ اچن ٿا اسان جي ملڪ ۾ هن وقت تائين جيڪو به طرز حڪمراني رهيو آهي ان ۾ عوام گهٽ ڏٺو آهي.ته وقت جا حڪمران پاڻ کي عوام آڏو جوابده سجهن. هن تيز ترقي واري سائينسي دور ۾ دنيا ۾ حيرتناڪ تبديليون اچي چڪيون آهن پر افسوس ته اسان جي سنڌ جو هي خطو نه بدليون آهي نه ئي عوام جي حالت بدلي آهي اڄ به سنڌ جو عوام ترقي ۽ خوشحالي واري دڳ کان گهڻو پري آهي سرڪاري مختلف   ادارن ۾ سرڪاري فنڊن جي ڀينگ ٿي وئي آهي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جتي اڄ به بنيادي انساني سهولتون ميسر نه آهن سنڌ جا شهرا کنڊر بنجي چڪا آهن. اڪثر روڊ، رستا ۽ شاهراهون ٽٽل ڦٽل ۽ تباهه لڳا پيا آهن ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ صفائي سٿرائي لاءَ ايندڙ بجيٽ بنا ڊپ ڊاءَ جي ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ۾ هڙپ ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جون سرڪاري اسپتالون تباهه برباد ٿي ڪٻاڙ خاني ۾ تبديل ٿي ويون آهن ڪا به اسپتال اسپتال نه ٿي لڳي ڪو به سرڪاري اسڪول معياري يا مثالي نه آهي.

پاڪستان انهي غريب عوام ٺاهيو آهي جنهن جي پگهر جي پورهئي جي رقم ٽيڪس تي اڄ به هلي ٿو ان عوام کان وفاقي ۽ صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف سرڪاري کاتن ۾ عوام کان جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءَ صحيح جي رقم وصول ڪئي وڃي ٿي، مقرر ٿيل ڪامورن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سندن صحيح سان عوام جا سوين مسئلا حل ٿين ٿا پر ادارن جا انچارج اڪائونٽنٽ عملو صحيح جي رقم عوام کان وصول ڪري سندن جائز مسئلا حل ڪن ٿااسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اتي اسان سان گڏ هڪ لعنت رشوت به رهي ٿي ملڪ جي ڪنهن به سرڪاري اداري ۾ ڪنهن به ڪم سان وڃبو ته ان رشوت کي به ساڻ وٺي وڃبو جيڪر رشوت ساڻ نه هلي ته جائز ڪم به نه ٿيندو. جيڪا سڀني کي خبر آهي .رشوت لفظ شايد ڪنهن وقت ۾ خراب سمجهيو ويندو هو. اڄڪلهه ماڻهو ان کي پنهنجي اصل نالي سان سڏڻ جي بدارن ٻين مختلف نالن سان سڏين ٿا. ڪي ماڻهو ان کي بخشش ونڊ ڪميشن ۽ ٻين ڪيترن ئي نالن سان سڏين ٿا. اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته وفاقي صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف سرڪاري کاتن جا ڪامورن ڪلارڪن کي پنهنجي پگهارن کان وڌيڪ رشوت وٺڻ ۾ دلچسپي هوندي آهي پئسو اها شي آهي جنهن سان انسان پنهنجي زندگي جون بنيادي گهرجون جهڙوڪ کاڌ، خوراڪ، ڪپڙو، گهر، دوائون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون حاصل ڪري سگهندو آهي پراڻي دور ۾ نه ٽي وي نه وي سي آر نه ڪيبل نه ڪار نه موبائيل فونو هيون هاڻي انهن شين جي ايجاد ٿيڻ سان ماڻهن جي خرچن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي،

بنيادي گهرجون پوريون ٿيڻ کان سواءِ ڪوبه انسان سڪون سان نه ٿو رهي سگهي جيڪڏهن ڪنهن انسان وٽ ايترو پئسو نه آهي جو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ته پوءِ اهو غلط طريقا استعمال ڪري پئسو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اهو ئي سبب آهي .سرڪاري ادارن ۾ رشوت عام ٿي وئي آهي. ڪو به ادارو پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اسلام مطالق رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن. پر اسان مسلمان ٿي ڪري دوزخ ۽ جنت جي وجود کان سڌي يا اڻ سڌي طرح انڪاري بڻجي ويا آهيون عوام وقت به وقت احتجاج ڪري دانهيو آهي ته هتي سدائين اهو رواج رهيو آهي سفارش عيوض ڪامورن کي مقرر ڪيو ويندو آهي جن اڄ ڏينهن تائين عوام کي عوام نه سمجهيو آهي سدائين پنهنجن ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني آهي ڪهڙي کاتي جي ڳالهه ڪري ڪهڙي کاتي جي ڳالهه ڪجي انڌيهر لڳو پيو آهي ٽريزري آفيس ، نيشنل بينڪ، پراونشل روڊس، ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، بلڊنگس،ميونسپل آفيس، روينيو آفيس، حسڪو آبپاشي صيحت تعليم ۽ زڪوات آفيس سميت ٻين سرڪاري کاتن ۾ رشوت ۽ ڪرپشن انتها تي پهچي وئي آهي مقرر ٿيل ڪامورا جيڪو عوام سان ورتاءُ ڪن ٿا اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه آهي عوام جو ڪوبه جائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته پرويز مشرف جي دور جي پڄاڻي کانپوءِ 2008ع کان 2016ع تائين جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي، ان ۾ ٿلهي ليکي ڪو وڏو فرق واضح نظر نٿو اچي پاڪستان ۾ رشوت مالي بدعنواني ۽ بدانتظامي ڪا نئين ڳالهه ناهي اسان جي ملڪ ۾ بدعنواني ۽ بدانتظامي رشوت کي روڪڻ لاءَ هر حڪومت پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪرڻ جي دعوي! ته   هر دور ۾ ڪندي رهي آهي. پر   اڌ صدي گذرڻ باوجود .وريو ڪجهه به نه آهي اسان وٽ هر سطح تي آڊٽ جو شعبو قائم آهي جيڪو آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کان ويندي صوبائي آڊيٽر آءَ جي صورت ۾ موجود آهي انهن ادارن جون آڊٽ رپورٽون ايتريون ته ڇرڪائيندڙ هونديون آهن جو جيڪڏهن انهن جي آڌار تي ڪاروائي ٿئي ته ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي وڃي آڊيٽر جنرل پاران ملڪ جي وفاقي صوبائي کاتن جي ماتحت ادارن کي ۾ ٿيندڙ ڪرپيشن جي خاتمي ۽ لٽيل رقم جي واپسي لا هر وقت جي سرڪار ۽ حڪمرانن کي سفارش ڪئي ويندي آهي پر افسوس اهڙين سفارشن رپوٽن تي عمل ڪرڻ بجاءِ نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي ته ڪرپشن زور وٺندي هڪڙي پاسي صورتحال اها آهي جو سنڌ ۾ بيروزگارن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.

پڙهيل لکيل نوجوان ڊگرين جا سٿا ساڻ ڪري آفيسن ۽ چونڊيل نمائيندن جي اوطاقن جا ڌڪا کائڻ تي   مجبور آهن جيڪر نوڪريون ملن ٿيون ته مخصوس عهديدارن يا مخصوس طبقي جي ماڻهن کي ملن ٿيون غريب هاري مزدور جو نوجوان پٽ ننڍي هوندي کان ڌڪا کائي گريجوئيشن پاس ته ڪن ٿا اهي بيروزگار نوجوان اڪثر نوڪرين کان محروم بڻيل رهيا آهن بي پهچ بي بيروزگار نوجوان لاءَ سدائين فارملٽي پوري ڪرڻ لاءَ نوڪرين جو ايڊو ٽائيز ڪري انهن کي امتحانن ۾ ويهاري پرپٺ پنهنجن ماڻهن جون لسٽون تيار ڪيون وڃن ٿيون جيڪا سڀني کي خبر آهي جيڪر ڪنهن وڏيري ايم اين اي ايم پي اي جي سندس وٽ سفارش آهي ته نوڪري ملي ٿي نه ته نوڪري لاءَ به لکين رپيا گهرجن جيڪا غريب جي وس جي ڳالهه نه آهي ڪي نوجوان وري. پئسن عيوض نوڪرين سان فيضياب ٿي رهيا آهن پئسا ته اميرن ڪبيرن جو اولاد وٽ جام آهن باقي هاري ۽ مزدور جو اولاد جيڪو راتيون جاڳي پيٽ بکيو ڪري تعليم حاصل ڪري ٿو جيڪي ميرٽ تي اچن ٿا ميرٽ نه هئڻ سبب کيس پنهنجو جائز حق به نه ٿو ملي بيروزگاري کان تنگ ٿيندڙ نوجوان وري ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ منشيات جو سهارو وٺن ٿا جنهن کانپوءِ اهي عادي موالي بڻجي وڃن ٿا اهڙيون ڪيتريون ئي نشيدار شيون استعمال ڪندا رهيا آهن جيڪي انساني صحت کي تمام گهڻو نقصان رسائين ٿيون انساني جانين کي نقصان رسائيندڙ شيون شراب، ڪچو شراب، گٽڪا، 2100 سوپاريون ۽ ٻين نشي آور شين واپرائڻ سان نوجوانن کي وقتي طور ته لطف محسوس ڪرائين ٿيون. منشيات واپرائيندڙ نوجوان پنهنجي موج مستين آڏو مجبور ٿي وڃن ٿا پوءِ در در ڀٽڪندا رهن ٿا جيڪي ڪنهن منزل جي ماڻڻ جي قابل نه رهيندا آهن اڪثر ڏٺو ويو آهي ته بيروزگار نوجوان نسل منشيات جي ور چڙهي صرف پنهنجي نشي جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندو آهي ته گهر جو خرچ هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي منشيات زهريلو شراب جي گهڻي واپرائڻ سبب اڪثر بيروگار نوجوان موت جو شڪار ٿي زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن نشي واري ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ايڪسائيز کاتو اينٽي نارڪوٽيڪس کاتو ۽ ان کانسواءِ نشي جي سوداگرن کي سزا ڏيڻ لاءِ اينٽي نارڪوٽيجس ڪورٽون پڻ موجود آهن جڏهن ته هر شهر ۾ موجود پوليس ٿاڻا ۽ پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪيل آهن جيڪي پڻ منشيات جي ڏوهارين کي سوگهر ڪري کين عدالتن آڏو پيش ڪن ٿيون. منشيات کي روڪڻ لاءِ جيتوڻڪ حڪومتي سطح تي ڪيترائي ادارا موجود آهن ليڪن جيترا وڌيڪ ادارا جوڙيا وڃن ٿا منشيات جو ڪاروهنوار اوترو ئي چوٽ چڙهندو وڃي ٿو.

منشيات خلاف روزانو احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا لڳندا رهن ٿا پر سنڌ سرڪار لاڳاپيل انتظاميا جي اهڙي لاپرواهي خلاف ڪير به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي منشيات ڪير به روڪڻ لاءِ تيار ڪونهي،پوليس جي سرپرستي کانسواءِ منشيات جو ڪڌو ڪم نه ٿو هلي سگهي ۽ جڏهن وڏو وزير پاڻ ئي اعتراف ڪري ٿو ته پوليس کاتي ۾ ڪاريورن رڍون موجود آهن جيڪي ڏوهارين کي هٿي ڏين ٿيون ته آخر انهن ڪارين رڍن خلاف قدم ڪير کڻندو آهي جڏهن قانون جو موجود هجڻ باوجود ان تي عمل درآمد نه ٿئي ته وڌيڪ براين جا بنياد پوندا رهندا ملڪ جو عوام چاهي ٿو ته ملڪ مان دهشتگردي بيروزگاري مهانگائي منشيات رشوت ختم ٿئي جيڪا ختم ٿيڻ ته پري جي ڳالهه اهي پر ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *