ڪردار زنده رهندا آهن: حميد رمضان چانڊيو    

جڏهن ماڻهو پاڻ ڪنهن پيڙاھ مان گذرندو آهي، تڏهن انهي کي ٻين جي پيڙاھ جو قدر ٿيندو آهي، اها فطرت آهي ته توهان جي اندر جي ڪنهن  به خاني ۾ احساس اوتيل هوندو ته توهان ازخد ٻين کي احساس جي نگاھ سان ڏسندا چاهي اهو ڪهڙي به رنگ ۾ هجي دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار آهن  جيڪي بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي مدد ڪندا رهندا آهن هنن لاءِ اهوئي سڀ ڪجھ  هوندو آهي  اهيو فطري عمل آهي جڏهن به ڪو فرد ڪنهن چڳائي طرف قدم کڻندو آهي ته انهي جي تنقيد گھڻي ئي ٿيندي آهي  ڏسجي ته تنقيد ڪاميابي جو حصو آهي

اجائي تنقيد ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن جي ڪم ته نه ايندا آهن پر جيڪي انساني خدمتن ۾ اڳڀرا هوندا آهن ته هنن کي به پنهنجي مقصد تا هٽائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جي ڪري ئي چڳا ماڻهو پٺيرا ٿي ويندا آهن

محنت ۽ انساني خدمت ضرور رنگ لاهئندي آهي بنا ڪنهن فرق جي هر وقت غريبن جي مدد ڪندڙ اقبال ولي ميمڻ  چاچا اسماعيل ميمڻ جي گھر ۾ سن 1978ع  سال جي ٻئي مهيني 23 فيبروري  تي سجاول شهر ۾ جنم ورتو اقبال ولي ميمڻ سردي گرمي چاهي ڪجهه به هجي مسڪين مظلوم بي ساراهه ماڻهن جي مدد لاءِ هر دم حاضر هوندو آهي پاڻ خد هڪ غريب گھر ۾ جنم ورتو اٿس وارڊ نمبر ڏهه جي گلين ۾ سندس بچپن گذريو آهي جواني جوڀن ۾ جڏهن پير پاتائين جنهن جو  جواني جا هزارين ڪنوارا خواب تمام گھڻيون حسرتون الهڻ جواني جا سڀ شوق ماري  سوشل ورڪر ٿي شهر واسين اڳيان ظاهر ٿيو  ته اقبال ولي جڏهن وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي سجاول ٿيو آ ته سوچيم شايد اقبال ولي اهو ساڳيو نه رهيو هجي انسان جو فطري عمل آهي جڏهن پاور ۾ اچڻ کان پوءِ ماڻهو ماڻهن  کي وساري ويهندا آهن  پر نه ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن انهي اقبال ولي سان ملاقات ٿي ته سندس طبيعت ۾ اها ئي سادگي سمايل هئي ۽ اڳوڻي کان به گھڻون انساني خدمت ۾ سرگرم نظر آيو  اهڙي چڱي انسان جي ڪردار تي لکندي  لفظ قلم  جي نوڪ مان طوفاني برسات وانگي ڪرندا ڪاغذ جي سجاوٽ بڻجدا ويا

اهڙا ڪردار تاريخن ۾ ڳڻيا ويندا آهن ا اقبال ولي چڳا ڪم ڪري رهيو آهي انهي جا ڪجهه سڄڻ ته ڪجهه دشمن ته ڪنهن وري منهن جا مٺا ۽ اندر جا ڪارا  ماڻهون به ملندا آهن جيڪي ڀائرن وانگي ڀاڪر پائي پٺيرا وار ڪندا رهندا آهن ڪنهن جي به ڪاميابي تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪجي جنهن جي عزت رب پاڪ ڪرائي تنهن کي منافقي واري سوچ رکندڙ ماڻهو ڪهڙي ذلت ڏئي سگھندا دشمن جي ته خبر هوندي آهي ته هي ظاهري منهنجو دشمن ۽ ڪنهن جي ڪاميابي کان جيلس آهي پر سچي ماڻهو کي نقصان اهي ڏيندا آهن جيڪي سچي انسان جي صفعت ۾ دوست ٿي ڪري به بزدلاڻي سوچ سوچيندڙ ئي تمام گھڻون نقصان ڏيندا آهن اهڙن دوستن جي ڪري ئي سچا انسان دل شڪستاهه ٿيندا آهن

جهڙو ڄائو تهڙو مرڻ ڪهڙي ڪم جو ماڻهون  جڏهن هن ڌرتي تي آهيو آهي ته  انهي جو مقصد اهيو هجي ته مون کي ڪجهه ٿيڻو آهي ڪجهه اهڙا ڪم ڪري مري ته دنيا به چڱن لفظن ۾ ياد ڪري مرندا ماڻهون آهن پر ڪردار هميشه زنده رهندا آهن  اقبال ولي ميمڻ کي الله پاڪ وڏي حياتي ڏي ۽ هو مسڪين مظلوم ماڻهن جي مدد ڪندو رهي رب پاڪ کيس پنهنجي مقصد ۾ ڪاميايون ڏيندو رهي ۽ اقبال ولي مسڪينن جي مدد لاءِ هميشه اڳڀرو رهي

اقبال ولي ميمڻ جو جنهن پارٽي سان تعلق آهي انهي سان سوين اختلاف آهن لازمي ناهي ته جنهن پارٽي سان منهنجا اختلاف آهن انهي ۾ ويٺل ڀلي ڪردار سان ناانصافي ڪيا سنڌي ۾ چوڻي آهي ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي اقبال ولي ميمڻ ۾ اهي صلاحيتون آهن انهيءَ ڪري  لفظن جي چونڊ ڪيم

HAMEEDRAMZANCHANDIO@GMAIL.COM

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *