ڪراچي ۾ عمران خان ۽ آڪٽوبر جو انتظار : عاجز جمالي

ڪراچي ۾ آچر ڏينهن قائداعظم جي مزار جي سامهون عمران خان هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪري ويو. هي جلسو تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي اميدن کان وڏو جلسو هو. ڇو ته جلسي کان صرف هڪڙو ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم جي حامين سول سوسائٽي جي نالي تي تحريڪ انصاف جي خلاف ڪلفٽن ۾ مظاهرو ڪيو هو. اُهو مظاهرو ان ٿيندڙ ڳالهه تي ڪيو ويو هو جو تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر سنڌي ڳالهائيندڙ نادر اڪمل لغاريءَ رڳو ايترو چيو هو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ جيڪو سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندو، ان جي ڀرپور مخالفت ڪبي، پر آخر اهڙو ڪهڙو ڪمال ٿي ويو جو آچر ڏينهن صبح جو ئي ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين پنهنجي بيان ۾ عمران خان کي ڪراچي اچڻ تي ڀليڪار چئي ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادين مان وڏي انگ ۾ ماڻهو نڪري عمران خان جي جلسي ۾ پهتا. ائين 25 ڊسمبر 2011ع تي جڏهن عمران خان ڪراچيءَ ۾ جلسو ڪيو هو ته ”شهري پارٽيءَ“ ان جي ڀرپور مدد ڪئي هئي، پر هن ڀيري ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ۾ ٽڪراءُ ٿي چُڪو آهي. اليڪشن ۾ هڪ ٻئي خلاف مقابلا ڪري چُڪيون آهن. تحريڪ انصاف جي اميدوارن ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه ۾ وڏا ووٽ کنيا ۽ گذريل سڄي مهيني کان ڌرڻا به هڻن پيا، پر ايم ڪيو ايم کليل نموني ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو. اڃا به هڪ ٻي وڏي ڳالهه ڪندو هلان ته 2013ع جي اليڪشن کان اڳ ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي اهم خاتون اڳواڻ باني ڪارڪن زهره شاهد قتل ٿي وئي هئي ۽ عمران خان سڌي ريت زهره شاهد جي قتل جو الزام ايم ڪيو ايم تي هنيو هو. ڪراچي ۾ زهره شاهد جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، عام چونڊن ۾ ان قتل کي ووٽ بئنڪ لاءِ استعمال ڪيو ويو. عمران خان لنڊن تائين اهو ڪيس کڻي ويو، انساني حقن جي تنظيمن آواز اٿاريو، جنهن سبب انهن ڏهاڙن ۾ الطاف حسين تقريرن ۾ ميڊيا ۽ صحافين کي به ڊيڄاريو هو، ”ڪوئي ٺوڪ دي گا“ وارو جملو ڏاڍو مشهور آيو هو، پر عمران خان پنهنجي هاڻوڪي جلسي ۾ زهره شاهد جو ڪيس وساري ڇڏيو. هُن هڪ لفظ به نه ڳالهايو. ڪراچي ۾ چونڊن کانپوءِ عمران خان جو پهريون جلسو هو، اليڪشن وڙهندڙ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جو وڏو انگ جلسي ۾ موجود هو، کين اميد هئي ته عمران خان اليڪشن ۾ ساڻن ٿيندڙ جٺين ۽ ڌانڌلين جو ذڪر ڪندو، پر آزادي ۽ انقلاب جا نعرا هڻندڙ عمران خان هڪ لفظ به نه ڳالهايو. عمران خان پنهنجي جلسي ۾ پيپلز پارٽيءَ تي هنن لفظن ۾ تنقيد ڪئي ته ڀٽو جي نالي تي سنڌي عوام کان ووٽ وٺي غائب ٿي ويندا آهن. سنڌيو مان توهان کي وڏيرن کان نجات ڏياريندس. ان وقت سندس ساڄي پاسي کان بيٺل مخدوم شاهه محمود قريشي مسڪرائي رهيو هو، جيڪو وڏو گادي نشين آهي. سنڌ ۾ سندس هزارين مريد آهن. عمران خان جلسي ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ته نشانو بڻايو پر ايم ڪيو ايم تي هڪ لفظ نه ڳالهايو. هُو پاڻ کي هر وقت عوام جو سچو ليڊر ظاهر ڪندو آهي. مزيدار ڳالهه ته عمران خان ڪراچي ۾ تقرير ڪري رهيو هو، هُن نون صوبن ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف پڻ هڪ اکر ڪونه ڳالهايو، نه ته عمران خان جي جلسي ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪابه شرڪت نه هئي، اها ڳالهه ته اڳي به ڪيترائي ڀيرا لکي چُڪو آهيان ته اسٽيبلشمينٽ جي هن سڄي راند ۾ سنڌي عوام شامل ناهي، اهو جمهوريت جي ڪمزور ٻيڙيءَ کي به ٻڏڻ کان هميشه بچائيندي آهي. نئين پاڪستان ۾ سنڌ ڪٿي به ناهي نه ڪي سنڌي ماڻهو آهن. سياست ۾ هاڻي ڪجهه پارٽيون صوبن ۽ قومن جي ڪري سُڃاپجڻ لڳيون آهن. جڏهن پنجاب تي تنقيد ڪرڻي هوندي آهي ته مسلم ليگ (ن) جو نالو ورتو ويندو آهي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو نالو ورتو ويندو ته اها تنقيد سنڌين تي ٿئي ٿي ۽ عمران خان به پنهنجي تقرير ۾ باقاعده پڪاريو ته ”سنڌيو“ ۽ جڏهن مُهاجرن تي تنقيد ٿيندي ته اها ايم ڪيو ايم ڏانهن سمجهي ويندي. سو عمران خان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ تي ته تنقيد ڪئي پر ايم ڪيو ايم جو نالو ڪو نه ورتو، سندس ان رمز کي ڇا چئجي؟

بلاول ڀٽو چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي ٽيسٽ ٽيوب ليڊرن کي هُو آڪٽوبر ۾ جواب ڏيندو ۽ عمران خان جو خيال آهي ته هاڻي آڪٽوبر ۾ تبديلي ايندي. نجم سيٺيءَ چواڻي اسٽيبلشمينٽ اسلام آباد ۾ ڦاٿل عمران خان کي ڪراچيءَ ۾ سهارو ڏياريو ۽ عمران خان به روايتي سياستدانن وانگر ايم ڪيو ايم جي باري ۾ نه ڳالهائي ثابت ڪيو ته هُو نه اسٽيٽڪو جي خلاف آهي، نه سندس چيل ڳالهيون درست آهن. وفاقي وزير پرويز رشيد چوي ٿو ته عمران جو ڪراچي ۾ جلسو عمران خان ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڏي وٺ (مُڪ مڪا) جو نتيجو هو. هِن جلسي واري ڏينهن تي جنرل اسلم بيگ جو اُهو خطرناڪ بيان به سامهون آيو، جنهن ۾ هُن لنڊن پلان جي تصديق ڪئي ۽ هن چيو ته جنرل راحيل شريف ان سازش کي ناڪام بڻايو آهي. هن سازش مطابق عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ جو آسرو هو. اسلم بيگ مطابق هي عالمي سازش هُئي، جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڪئنيڊا ۽ ايران به شامل هُئا. جيڪڏهن اهڙي سازش هوندي ته اها وري ڇهن مهينن کانپوءِ ڪر کڻي بيهندي. شايد نئين منظرنامي ۾ ڇهه مهينا کن وڌيڪ لڳندا، پر جنگ سڄي وري به پنجاب ۾ وڙهي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري به شايد پنجاب مان سياست جي شروعات ڪندو. عمران خان ۽ قادري به اتان شروعات ڪئي پر ڪراچي به غير اهم ناهي. ڪراچيءَ ۾ عمران خان جو اسلام آباد کان به وڏو جلسو اِهو ٻڌائي ٿو ته ڪراچيءَ تي به اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي. ملڪي سياست ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪردار اڃا به اهم رهيو آهي. قيادت جي تبديليءَ جون هوائون، اندريان بحران، وفاقي سرڪار ۾ عدم شرڪت ۽ ٻيا به کوڙ مسئلا آهن. ان کان به وڏي ڳالهه عمران فاروق ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٻه ملزم (ڇوڪرا) هي سڀ ڪجهه اڄ به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ ئي آهن. ان ڪري شهري ڌر اسٽيبلشمينٽ جي ٽيسٽ ٽيوب ليڊر هُجي يا علامه ٽائيپ ليڊر هُجي، انهن جي حمايت لاءِ ميدان سجائڻو پوندو. کيس ان جي قيمت ملندي، پر جڏهن به مسئلو هوندو سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪبي، نون صوبن جي ڳالهه ڪبي، اهڙي ڪا ڳالهه ڪبي، جنهن جو وقت ۽ حالتن جي سياست سان ڪو واسطو ته نه هوندو پر سنڌي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ڪو تڪرار ضرور پيدا ڪبو. خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پنهنجي مطالبي سان سنجيده آهي ته اسيمبليءَ ۾ ڪيتري سنجيدگيءَ سان ان کي کڻي ٿي اچي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ ٻيون جماعتون اسيمبليءَ ۾ سندس مطالبي کي نه ٿيون مڃن ته پوءِ به اُها سرڪار ۾ رهي ٿي يا نه ٿي رهي، پر عمران خان جي خاموش حمايت جاري آهي ۽ طاهرالقادريءَ جي کُليل حمايت پڻ ڪبي، ڇو ته لنڊن پلان ۾ گهڻيون ڌريون شامل هيون، جيڪي بعد ۾ نڪري ويون. پلان جي پٺڀرائي ڪندڙ اداري جو سربراهه به هي سٽون لکجڻ وقت تبديل ٿي ويو. سنڌ ۾ رينجرز جو ڊي جي رهندڙ جنرل رضوان اختر آءِ ايس آءِ جو نئون چيف بڻجي ويو. ڏسجي ته آڪٽوبر ۾ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *