ڪراچي ۽ مافيائن جو ڳٺ جوڙ: عاجز جمالي

ايم ڪيو ايم سرواڻ الطاف حسين جي تازي تقرير کانپوءِ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ الطاف حسين خلاف ٿاڻن تي فريادون داخل ڪرائڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، هي سٽون لکجڻ تائين لڳ ڀڳ ويهه کن ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن.

هنن ايف آءِ آرز جي مطابق الطاف حسين فوج ۽ رينجرز جي خلاف ڳالهايو، ماڻهن کي دهشتگردي لاءِ اڪسايو ۽ عوام کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، ان لاءِ الطاف حسين خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جو قلم به شامل ڪيو ويو. ڏسندي ڏسندي رات پيٽ ۾ ويهه ڪيس داخل ٿي ويا. هنن ڪيسن کان اڳ وفاقي گهرو وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هاڻي سنجيدگي سان برطانيه سان ڳالهائڻو پوندو ۽ الطاف حسين جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان ڳالهائڻو پوندو. اهڙي ئي ماحول ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ اجلاس به ٿيو، عيد کانپوءِ ڪراچي آپريشن تيز ڪرڻ جو به فيصلو ٿيو.

الطاف حسين خلاف غداريءَ جي هي پهرين ايف آءِ آر ڪانهي، الطاف حسين تي ته پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ ۽ جناح پور ٺاهڻ جا الزام به هئا ۽ اهڙن ڪيسن کانپوءِ به اڄ تائين پاڪستان جي سرڪار، اسٽيبلشمينٽ جي الطاف حسين سان دوستي رهي، هرڪو ئي لنڊن وڃي ساڻس ملاقاتون ڪندو رهيو، سندس پارٽي کي سرڪار ۾ شامل ڪندا رهيا، سندس پارٽي جو گورنر موجود آهي.

چيو وڃي پيو ته گذريل ڏينهن الطاف حسين ڊي جي رينجرز کي گهٽ وڌ ڳالهايو، کيس چئلينج ڪيو، ان حد تائين جو اخلاق کان ڪريل ڳالهيون ڪيون، جيئن ته اڄڪلهه الطاف حسين جي سڌي تقرير تي پابندي آهي، ان ڪري اسان سڀ ٽي وي تي اهڙي تقرير ٻڌڻ کان محروم رهياسين، پر ظاهر آهي ته ايجنسين وٽ اها تقرير به موجود هوندي، جنهن کي ايف آءِ آر جو حصو بڻايو ويندو. ايجنسين وٽ اهڙا شاهد به هوندا، ڀلي اهي سنڌي ڳالهائيندڙ ئي ڇو نه هجن. ايم ڪيو ايم وٽ به ته ڪجهه سنڌي ڳالهائيندڙ موجود هوندا نه جو انهن اها تقرير اسپيڪر تي ڄاڻايل شهرن ۾ ٻڌي هوندي.

ٻڌايو وڃي پيو ته الطاف حسين جي اهڙي تقرير خلاف ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ کانپوءِ الطاف حسين جي ٽيليفونڪ خطاب تي پابندي جو مضبوط جواز ملي ويو آهي ۽ اڳتي هلي انهن ايف آءِ آرز جي بنياد تي انٽرپول پوليس ۽ برطانوي سرڪار کان الطاف حسين جي ٻانهن گهرڻ ۾ به سولائي ٿيندي. مطلب ته وفاقي حڪومت پورا بندوبست ڪري پئي.

الطاف حسين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کان ٻه ڏهاڙا اڳ ڪراچي ۾ نه رڳو ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو بلڪه پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سان ملاقات به ٿي. تجزيه نگار جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي ۽ فوج وچ ۾ جيڪا گرمي هئي، اها گرم موسم گهٽ ٿيندي ئي گهٽ ٿي ويندي ۽ پيپلز پارٽي جي سرڪار فوج کي ڪراچي آپريشن ۾ مڪمل ساٿ ڏيڻ ۽ رينجرز خلاف ڪوبه سخت قدم نه کڻڻ جو يقين ڏياريو آهي.

الطاف حسين خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ مان اهڙي يقين جي پڪ به ٿئي پئي، ڇو ته اهي سموريون ايف آءِ آرز سنڌ جي شهرن ۾ سنڌ پوليس داخل ڪيون آهن. ڪنهن وڏي سياسي شخصيت خلاف ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ کان اڳ ضرور صلاح مشورا به ٿيا هوندا نه ته ڀلا ڪنري، ڪنڌرا، گهوٽڪي، دادو جي ايس ايڇ اوز جي ڇا مجال هوندي؟

سنڌ سرڪار يا پيپلز پارٽي هن موڙ تي ايم ڪيو ايم جي مدد ڪرڻ بدران پنهنجي جان ڇڏائڻ کي اوليت ڏيندي. ان ڪري الطاف حسين خاطر هاڻي شايد پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو نئون جهڳڙو نه چاهيندي، پر هي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪو به جهڳڙو ناهي نه ڪي ايم ڪيو ايم ۽ سنڌين جو ڪو جهڳڙو آهي. هي اسٽيبلشمينٽ ۽ الطاف حسين وچ ۾ هلندڙ پراڻي اک ڇنڀ جي راند جو حصو آهي. اسٽيبلشمينٽ ئي الطاف حسين خلاف انهن سڀني شهرن ۾ ايف آءِ آرز داخل ڪرايون، جتي همراهه جو ٽيليفونڪ خطاب ٻڌو ويو.

سنڌي، بلوچ ۽ پختون هن ملڪ ۾ هميشه غداري جا الزام سهندا پيا اچن، عام سنڌين جي ڪڏهن به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان دوستي نه رهي آهي. سنڌ جي وڏيري، جاگيردار، مير، پير جي هميشه اسٽيبلشمينٽ سان دوستي رهي آهي، جنهن سبب هو اقتدار ۾ پهچي ٿو.

”مير وڏيرا پير هڙئي هن فوجي جنرل سان“ هي گيت جنرل ضياءَ دور ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گونجندو هو، يا او قاتل بدلو وٺنداسين، هر خون جي قطري قطري جو.

پر سنڌ جي اقتداري ٽولي سان گڏ مهاجر ليڊرشپ هميشه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ رهي، پنجابي مهاجر اسٽيبلشمينٽ هميشه اتحادي رهيا آهن. ڪنهن حد تائين پختون به سندن ساٿاري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين اسٽيبلشمينٽ جي جماعت رهي آهي، اڃا ڪجهه مهينا اڳ ته ڪراچي جي شاهراهه قائدين تي هزارين اردو ڳالهائيندڙن ايم ڪيو ايم جي ڪال تي گڏ ٿي پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا هئا.

سڀني مردن ۽ عورتن جي ڳچي ۾ جنرل راحيل شريف جون تصويرون لٽڪيل هيون، سنڌين ته ڪڏهن به اهڙيون ريليون نه ڪڍيون هونديون. سو اصل ۾ هن جهيڙي کي سنڌي مهاجر جهيڙو چوڻ وارا هروڀرو سنڌين جي ڳچي ۾ فلم وجهڻ جي چڪر ۾ آهن.

هي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ايم ڪيو ايم جو جهڳڙو آهي. مائنس الطاف حسين جي سوچ هجي يا ايم ڪيو ايم اندر نئين ليڊرشپ آڻڻ جي ڳالهه هجي يا ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ جي خاتمي جي ڳالهه هجي، اهي سڀ ڳالهيون اسٽيبلشمينٽ جون آهن. ڪراچي مان بدامني سمورا ماڻهو چاهين ٿا ۽ سنڌي به چاهين ٿا، پر ڪراچي ۾ عوام جي حقيقي نمائندگي لاءِ مڪاني يا عام چونڊن جو شفاف هجڻ سڀ کان وڌيڪ لازمي آهي. ان لاءِ شهر کي هٿيارن کان صاف ڪرڻ ضروري هوندو. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ان ۾ سنجيده آهي، صاف شفاف چونڊون ڪرائي، ان کان اڳ ڪراچي ۾ آدمشماري ڪرائي وڃي، لکين جعلي ووٽ ختم ڪيا وڃن ۽ لکين حقيقي ووٽ داخل ڪرايا وڃن. ڪراچي تان هر قسم جي مافيائن جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.

ڪراچي کي سياسي، غير سياسي مافيا جي غلامي مان نجات ملڻ جي صورت ۾ ئي ڪراچي هن ملڪ جو معاشي شهر بڻجي سگهندو، ٻي صورت ۾ هي سڄي راند به ماضي وانگر عارضي راند ثابت ٿيندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *