ڪراچي ڪلين اپ ؛عديل مهر

ڪراچيءَ جي روڊن تي اهڙيون رڪاوٽون جيڪي علائقي کي انفرادي زون ۽ سيڪٽر بڻائين ٿيون، يا هنڌ هنڌ لڳل بيريئر جيڪي بيهاري سڃاڻپ ڪرائڻ تي مجبور ڪن ٿا، اهي سمورا گيٽ جي رستي جو منهن بند ڪري ماڻهو کان پڇاڻو ڪرائين ٿا، ڪلهه کانپوءِ ڪراچي ۾ نه هوندا. هڻڻ وارن جي نه هٽايا ۽ پڪ سان پاڻ نه هٽائيندا ته پوءِ رينجرز هٽائيندي ان لاءِ 72 ڪلاڪن جو ڏنل الٽيميٽم اڄ پورو پيو ٿئي، سڀاڻي کان ڪراچيءَ ۾ اهڙي قسم جو به ٽاڪوڙو مچندو، ڇو ته ڇاپن، گرفتارين کانپوءِ اهو عمل به ان آپريشن جو حصو آهي جيڪا ڪراچيءَ کي ڪرائيم کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر 2013ع کان شروع آهي ۽ 11 مارچ 2015ع کان تنهن ۾ تيزي آئي آهي.

پندرنهن سالن کان ڪراچي ڏوهارين جو ڏيهه بڻيل آهي، عوام ۽ ان جي هر شيءِ انهن جي نشاني تي آهي. سال 2007ع ۾ رياست جو راضپو به ڄڻ ان ۾ شامل ٿي ويو، جڏهن اقتدار ۾ شامل هڪ سياسي جماعت ان وقت جي چيف جسٽس جو رستو روڪي پنجاهه کان وڌيڪ ماڻهو ماري ”12 مئي“ واقعو ڪري ڇڏي. اڄ ڏينهن تائين ان جي جاچ نه ٿي ته اُها دهشتگردي ڪنهن جي ساٿ، ڪنهن جي رعايت ۽ ڪنهن جي اشاري سان جاري آهي. فورسز تي اهو فورس رهيو ته هٿ هلڪو رکيو وڃي، اکين سان ڏوهه ڏسي جي ڪڏهن قانون جي ادارن ڪجهه ڪيو به ته متاثرن جي مالڪن سياسي ساٿ ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي پنهنجو بچاءُ ڪندا رهيا. ڪراچي اها ئي قاتلن جي حوالي رهي. دهشتگردن حد ڪري ڇڏي، اڳ جيترا قتل مهيني ۾ ٿيندا هئا اهي ڏينهن اندر ٿيڻ لڳا، ملڪ جي اترين علائقن ۾ اهڙي ئي دهشتگرديءَ جي خلاف آپريشن، ضرب عضب ڪرڻ واري وفاقي حڪومت کان مطالبا ٿيندا رهيا ته هيڏي اهڙو آپريشن ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، جڏهن هوڏي دهشتگردي تان ”مذهبي نقاب“ لاهي ڇڏيو اٿوَ ته هيڏي هنن تان ”سياسي نقاب“ ڇو نه ٿا لاهيو؟ مصلحتن تان هٿ کڻي نيٺ سيپٽمبر 2013ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو، ان ۾ به ايتريون رڪاوٽون آيون جو ڏيڍ سال تائين اهڙو امن نه ٿي سگهيو جيڪو گهربل هو. اهڙي حال ۾ قانون جي ادارن جي ساک تي سوال اٿيا جن جي جوابن لاءِ ادارن آپريشن ۾ اڃا وڌيڪ سختي آندي ۽ نائن زيرو تائين وڃي دهشتگردن کي ڇڪي ڪڍي آيا. گرفتار ڪيلن جي اعترافن جو سلسلو هلي پيو آهي، آپريشن ۾ آساني پيدا ٿي آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪجهه آرام محسوس ٿي رهيو آهي، مزاحمت جا حملا به رکي رکي ٿين ٿا پر دهشتگرد گهيري ۾ آهن، امن ٿيندي نظر اچي ٿو. رڪاٽون هٽائڻ امن لاءِ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن ڪراچي ڪراچي لڳي ڪنهن جي ڪالوني، ڪيمپ، زون يا ذاتي جاگير نه لڳي. قانوني طور ڪراچي جن علائقن ۽ حصن ۾ ورهايل آهي عوامي سهولت لاءِ اهو ڪافي آهي. ڪراچي سنڌ آهي، سنڌين جي آهي، اها ڪنهن پرڏيهي جي ڇو ٿئي؟ ڪو دهشت، ڪو سياست ۽ ڪو دولت جي زور تي ڪراچيءَ جي حقيقت کي ڇو بدلائي؟ ڪنهن کي ڪهڙو حق ٿو پهچي ته پنهنجا پنهنجا زون ٺاهي انهن کي پبلڪ لاءِ ”نوگو ايريا“ بڻائي، جتان عام ماڻهوءَ جو لنگهه نه ٿي سگهي، جتان پبلڪ ٽرانسپورٽ نه گذري سگهي، اهو هنڌ ڪراچي ڪونهي، اها ته ڄڻ سنڌ به ڪونهي، اتان انهن کي اُٿي وڃڻ گهرجي جيڪي عوام لاءِ اهڙا آزار پيدا ڪن ٿا، شهري دهشتگردن کان علاوه به جن اهڙا ايرياز ٺاهي رکيا آهن تن کي به پنهنجا ٽپڙ گول ڪرڻ گهرجن، ڪراچيءَ کي ڪشادو ٿيڻ گهرجي، جتي دهشتگردن جو صفايو ٿئي ٿو، اُتي اها صفائي به ٿيڻ گهرجي. هي شهر سنڌ جي دل آهي ته پوءِ کيس سنڌين جي دل جيان ٿيڻ گهرجي، هو ڪنهن دشمن جي دماغ جهڙو نه بڻجي، جيئن دلين جا دروازا نه ٻوُٽجن، ساهه نه ٻوساٽجن، هوائون نه روڪجن، ساهه ۾ رنڊڪ، ڳالهائڻ ۾ هٻڪ، نرڙ ۾ گهُنج، مسڪرائڻ ۾ ڪنجوس، وڙ ۾ وڏائي، لهجي ۾ تلخي، طبيعت ۾ شوخي سنڌين جي فطرت ۾ ناهي، ته پوءِ سندس ”ساهه رڳ“ (ڪراچي) ۾ غير فطري شيون ڇو هجن. ڪراچي ڪن بهارين، بنگالين، يوپي سي پي وارن، ڪن پان وارن ۽ ڪن نسوارين جي ناهي، اها ڪنهن بلڊر مافيا ۽ نجي ڪمپني جي ناهي، ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌين جي جند آهي.

ڪراچيءَ ۾ آپريشن اسان جي ضرورت آهي اهو اسان جي دل وٽان ڪم پيو ٿئي، اهو اسان جو شهر صاف پيو ٿئي، اهي اسان جا رستا پيا کلن، اسان جي ڪراچي مان ڪِنُ نڪرندو ته ان ۾ اسان جي نيڪي نڪرندي، انهيءَ لاءِ اسان کي اڳتي وڌي ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي، آجيان جو اظهار ٿيڻ گهرجي، ريليون ۽ مظاهرا ڪري اعلان ڪيو وڃي ته اسين دهشتگردي جي گند صاف ٿيڻ ۾ راضي آهيون، رينجرز جيترو قانوني ڪم ڪري ٿي اوتري آجيان قومپرست تنظيمن کي ڪرڻ گهرجي، ان تي هر ڪنهن کي خوش ٿيڻ گهرجي سواءِ ان ”سياست“ جي پريشان ٿين پر جن کي آجپو ٿو ملي يا ملڻ گهرجي انهن کي ڪوئي اعتراض ڪونهي، ڀلي موچڙي ۾ ڳن پوي، ڀلي دهشت جون دُون ڀڄي، اسان راضي!! هڪ عجيب اصطلاح ٿو استعمال ٿئي ”ڏکيو وقت!“ جن جا ڏوهه سامهون اچن، ڏوهاري جهلجن، پنهنجي انجام تي پهچن ته اهو ٿيو هنن تي ڏکيو وقت! چور چوري ڪندي، انجام تي پهچن ته اهو ٿيو هنن تي ڏکيو وقت! چور چوري ڪندي، ڌاڙيل ڌاڙو هڻندي سڳ سان پڪڙجي پوي ته اهو ٿيو ان جو ڏکيو وقت، ان تي ساڻن همدردي ڪجي، مدد ڪجي! هيءَ حالت آ همدردن جي!! پوءِ قانون ڪاڏي ويو، قانون جي حڪمراني ڇا ٿي؟ جتي ڏوهارين سان به ڏکي وقت ۾ همدردي ٿيڻ لڳي ته پوءِ وڃي ٿيا ست خير!!

اهڙن سان همدردي ان ڪري به نه ٿيڻ گهرجي ته هو ڪلهه اسان کان اڌ سنڌ گهري رهيا هئا. هنن سان اسان جي بائيڪاٽ جو سبب اهو ئي ڪافي هئڻ گهرجي ته هنن ڪلهه سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، هنن جو الڳ صوبي جو مطالبو ايترو زور وٺي ويو هو جو ميڊيا تي سندن همدرديءَ جو جهان جُڙي ويو هو. اسان جي مخالفت تي هو اسان کي گاريون ڏئي رهيا هئا، هنن جي ايتري هلي ڪو نه پئي، جي هلي ها ته هو سنڌ ۾ پنهنجو شهري صوبو ٺاهي ڇڏين ها. 1992ع ۾ جڏهن سندن خلاف آپريشن ٿيو هو ته ٽارچر سيلن سان گڏ ”جناح پور“ جا نقشا به ظاهر ٿيا هئا. اهو ڏسي اسان کي ڪيڏي ڪاوڙ لڳي هئي، اهو ڇا هو، ”جناح پور“ ان صوبي جو ئي ته نالو هو  جنهن کي ان وقت هُو پاڻ تي الزام ڪوٺيندا هئا، اڄ اِهو سندن مطالبو آهي. من مان نڪتل هنن جي خواهش مطالبو بڻي، پر اسان جا يار اڳ کان وڌيڪ ساڻن ويجهو..! ڏکي وقت ۾ سندن ساٿ جو سوچين ٿا! ويهن سالن ۾ جي سندن اندر جي ڳالهه ايترو اڳتي وڌي سگهي ٿي ته ايندڙ 10 سالن ۾ هو ڇا نه ڪري سگهندا، جي پاور ۾ هوندا. حڪومتون هنن جي هڪ هڪ ڳالهه مڃيندي ويندي ته ڳالهه عليحدگي ڏانهن به ويندي. انهيءَ ڪري هنن جو اهڙي فطرت ۾ ڪمزور ٿيڻ ڪيترو ضروري آهي اها هاڻي گهڻي بحث جي ڳالهه ئي ناهي. ڪراچي هٿيارن ۽ انهن جي يارن کان جيترو خالي ٿيندو اوترو ڪراچي وڌيڪ جيئندو. ڪراچي جيئندو ته سنڌ سلامت رهندي.

اسان جي اڳواڻي ڪندڙ سياستدانن کان جيڪو نه ٿيو اهو قانون جي ادارن ڪري ورتو. اهو هڪ خالص امن جو اشو هو پر هروڀرو ان کي سياسي ڪوٺيو ويو. اها قانون ۽ ڪرائيم جي ڳالهه هئي، نبري وڃي ها پر مصلحتن موقعا پئي وڃايا. سياسي حل ڳوليندي سياست وقت وڃائيندي رهي ۽ ڪراچيءَ کي قتل ڪرائيندي رهي جيڪو امن ڪارروائين سان ممڪن هو اهو امن ڏوهارين کان اُڌارو ورتو ٿي ويو. ڏيڻ وارن اهو ڪڏهن ڏنو پئي، ڪڏهن کسيو پئي. اها ڪن شرطن تي ڏي وٺ جهڙي ڳالهه ٿي وئي. امن هنن جي موڊ سان مشروط ٿي ويو. ”رُسن ته رات پوي، پرچن ته ڏينهن ٿئي.“ هنن جيڪو گهريو ٿي اهو ورتو ٿئي. دير سوير تي به ڪراچيءَ ۾ قتلام!! شيئرز جي ڪاروبار جيان شريڪ ڪري اُڪو ئي منافعو انهن کي ڏنو ٿي ويو، ڀتو وٺندي وٺندي وزارتون وٺڻ لڳا. آخري مطالبو ان ڏس ۾ وڏ وزارت هئن. سياسي سطح تي هڪ گهُر اها ۽ ٻي الڳ صوبو!! اياز گل چواڻي:

چنڊ گهرن ٿا راند لئه، ٻارن کي ڇاهي(جاري)

ڀوڳيون يار اسان ٿا!

اڃا به جن جي من ۾ اتحاد جهڙي آرزو ڪرُ موڙي ٿي انهن سڀني کي احساس ڪرڻ گهرجي ته باقي چاهي جيڪو اڃا به ساڻن اتحاد سان پورو ڪرڻو آهي هي ته پڇتائڻ جي گهڙي آهي، جيڪو ٿيو آ تنهن کان توبه ٿيڻ گهرجي. هيٺ توڙي مٿي حڪومتون ٺاهڻ لاءِ يا ڊاهڻ لاءِ بچائڻ لاءِ هنن جي مرڪز جون حاضريون ڀريون، ياريون رکيون، ٽوپيون  مٽايون، مٺايون ورهايون تن کي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اهو ٺيڪ نه هو، هاڻي جڏهن هنن کي وقت وائکو ڪيو آهي ته پوءِ ساڻن سياسي سڱابنديءَ لاءِ سوچڻ به نه گهرجي. سهارن ڳولڻ واري سياست کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، بار بار بليڪ ميل ٿيڻ کان بچڻ گهرجي، اهڙي سياسي سون کي ٻَن ڏجي جيڪو سنڌ جا ڪَن ڇني! هنن جي ڦوڪڻي ۾ ٻيهر هوا نه ڀرڻ گهرجي. هاڻ ڪراچي جي ڪاروبار کي هلڻ گهرجي، ڀتاخورن کي دهشتگردن کي ڪا ٽيڪ نه ڏني وڃي، جيڪو اسان کان نه ٿيو اهو جڏهن قانون ڪري ٿو ته ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪراچي ڪلين اپ سنڌ کي سيون اپ جهڙي اوڳرائي ڏياريندو!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *