ڪراچي جي اسڪول ۾ پيش آيل دردناڪ واقعو: واحد پارس هيسباڻي

ڪراچيءَ جي سولجر بازار واري علائقي ۾ هڪ اسڪول ۾ دردناڪ واقعو پيش آيو آهي. هن اسڪول ۾ پڙهندڙ مئٽرڪ جي شاگرد نوروز گڏ پڙهندڙ فاطمه مٿان پستول جا فائر ڪرڻ بعد پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. هن واقعي جا تفصيل ٻڌائين ٿا ته هن واقعي ۾ پنهنجي زندگي وڃائيندڙ نوروز ۽ فاطمه پهرين ڪلاس کان گڏ پڙهندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا. ٻنهي پنهنجي والدين اڳيان شادي جي خواهش ڏيکاري جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو. نتيجي ۾ هنن ٻنهي اهو انتهائي قدم کنيو. خبر آهي ته نوروز هڪ ڏينهن اڳ فاطمه کي شايد پنهنجي والد جو پستول کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ هوءَ اهو پستول پنهنجي ڪتاابن جي ٿيلهي ۾ لڪائي کڻي آئي. رسيس وقت جڏهن ٻيا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٻاهر نڪتا ته نوروز فاطمه جي ڪتابن جي ٿيلهي مان پستول ڪڍي مٿس فائر ڪيو ۽ پوءِ پاڻ مٿان فائر ڪري ڇڏيائين. ٻنهي جي ٿيلهن مان خط پڻ مليا آهن جن ۾ هنن شادي نه ٿيڻ جو سبب ڄاڻائيندي خودڪشي ڪرڻ جو لکيو آهي.

پنهنجي نوعيت جو هي انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي. جيتوڻيڪ هن قسم جو واقعو ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي. پسند جي شادي نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ گڏيل نموني خودڪشي ڪرڻ جا واقعا اڳ ۾ به پيش ٿيندا رهيا آهن جن ۾ هڪ ٻئي مٿان فائر ڪرڻ، گڏجي زهر پيئڻ، ڪئنال وغيره ۾ گڏجي ٽپو ڏيڻ، ريل گاڏي اڳيان اچي وڃڻ سميت گڏيل خودڪشي جا واقعا پيش ايندا رهيا آهن پر هن واقعي جي نوعيت ان ڪري به مختلف آهي جو هي هڪ تعليمي اداري اندر ٿيو آهي جنهن جا اثر يقينن گهڻا پوندا. هن معاملي پٺيان اصل حقيقت ڪهڙي آهي جيتوڻيڪ پاڻ ان بابت ڪجهه به نٿا ڄاڻون پر هڪ تعليمي اداري اندر هن قسم جو واقعو ٿيڻ اسان سڀني کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جڏهن دنيا هڪ ڳوٺڙي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ رابطن ۽ واسطن جي ذريعن کي گهڻو وسيع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ جو نوجوان معاملن کي پنهنجي انداز ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ لڳو آهي ان ماحول ۾ والدين مٿان به اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اُهي پنهنجي اولاد جي خواهشن کي ٻڌن ۽ سمجهن. جيڪڏهن کين انهن جي خواهشن ۾ جذباتيت گهڻي ۽ حقيقت پسندي گهٽ محسوس ٿئي يا هو سندن خواهش کي ڪنهن به نموني صحيح نه سمجهن تڏهن به ان جو بهتر حل اهو آهي ته اولاد کي طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ کين مطمئن ڪجي. جنهن عمر ۾ نوروز ۽ فاطمه هي انتهائي قدم کنيو آهي اها عمر جي اها حد آهي جنهن ۾ سوچ کان وڌيڪ جذباتيت غالب هوندي آهي. ان عمر ۾ نه صرف اولاد جي سرگرمين تي نظر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي پر کين اعتماد وارو ماحول فراهم ڪرڻ جي به گهرج هوندي آهي ته جيئن اها اهڙو ڪو به قدم نه کڻي جنهن ۾ جذباتيت شامل هجي. اسان وٽ اڪثر ڪري ٿئي ائين ٿو ته اولاد جڏهن به پنهنجي ڪنهن خواهش خاص ڪري شادي وغيره جو ذڪر ڪري ٿي ته والدين ان کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏين ٿا ۽ اولاد جي ڳالهه ٻڌڻ به پسند نه ٿا ڪن. اُهي اولاد کي اهو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته تنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار صرف ۽ صرف اسان کي آهي توکي ان معاملي ۾ سوچڻ جي ضرورت به نه آهي. جڏهن اولاد والدين جو اهو رويو ڏسي ٿو ته اُهو وڌيڪ جذباتي ٿي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهڙا قدم به کڻي ويهي ٿو، جيڪي ڪراچيءَ جي اسڪول ۾ پيش آيا آهن. هن واقعي جي رپورٽن پٺيان جيڪي تفصيل سامهون آيا آهن انهن ۾ اهو آهي ته نوروز ۽ فاطمه شادي ڪرڻ جا خواهشمند هئا ۽ سندن اها خواهش پوري نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ هنن ئي انتهائي قدم کنيو. سندن ٿيلهن مان هٿ آيل خطن مان به اها ئي نشاندهي ٿئي ٿي ته سندن هن عمل پٺيان سبب صرف ۽ صرف شادي نه ٿي سگهڻ هو. جيتوڻيڪ ميٽرڪ ۾ پڙهندڙ هنن شاگردن جي اها عمر ان حد جي نه هئي جيڪا شادي جي عمر چئبي آهي پر ان پٺيان موجود جذبا ۽ احساس کين شادي واري ان خواهش طرف وٺي آيا. سندن والدين هن واقعي کانپوءِ جنهن درد جي ڪيفيت مان گذري رهيا هوندا ان جو احساس هر اولاد رکندڙ دل محسوس ڪري رهي هوندي. يقينن اهو احساس به سندن درد کي وڌائيندو هوندو ته هنن ٻنهي نوجوانن جي خواهش پوري ڪجي ها يا انهن کي مطمئن ڪجي ها ته شايد هن قسم جي نوبت سامهون نه اچي ها پر سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ بس درد ئي رهجي ويندو آهي جيڪو هميشه بيچين ڪندو رهندو آهي. مون کي اها خبر ناهي ته هي انتهائي قدم کڻندڙ نوروز ۽ فاطمه طرفان والدين سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون هيون ۽ انهن طرفان کين ڪهڙي موٽ ملي هئي. بهرحال ڪٿي نه ڪٿي ڪا اهڙي گنجائش ضرور آهي جيڪا هنن نوجوانن جي مايوسي جو سبب بڻي ۽ هنن پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو.

اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جديد ايجادن جتي سهولتون پيدا ڪيون آهن اتي ان جا منفي اثر به سامهون اچي رهيا آهن. خاص ڪري سوشل ميڊيا جي هن ترقي نوجوانن جي ذهنن کي گهڻو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعن تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي، اُهو ڪنهن به نوجوان جو ذهن هڪ جهٽڪي سان تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اُتي رومانوي قصن ڪهاڻين کي جنهن انداز ۾ چمڪ ڌمڪ سان پيش ڪيو ٿو وڃي اُن جا اثر نوجوان نسل جي ذهن تي سڌا سنوان پون ٿا. پاڻ نه ته رومانس کي غلط سمجهون ٿا نه ان کي قصن ڪهاڻين ۾ پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪريون ٿا پر اُهو سڀ ڪجهه جنهن انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، اُهو ڏاڍو عجيب ۽ غريب آهي. هر ٻيو سين سسپينس سان ڀريل هجي ٿو ۽ اُتي خودڪشي واري عمل کي به اُن رومانس واري رنگ ۾ رنگيو وڃي ٿو، جنهن جا اثر يقينن نوجوان نسل تي پون ٿا. ان کانسواءِ انٽرنيٽ، فيس بوڪ، موبائل فون وغيره اهڙا ذريعا آهن جن جو جيڪڏهن پازيٽو استعمال ڪجي ته انهن مان زبردست فائدو حاصل ٿئي ٿو پر جڏهن ان کي حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪجي ٿو ته ان جا ٻيا مختلف اثر سامهون اچڻ شروع ٿين ٿا. بهرحال اهي سڀئي شيون ماڻهن جي ذهنن کي متاثر ڪن ٿيون ۽ هر ذهن اُن کي پنهنجي پنهنجي حساب ڪتاب ۾ قبول ڪري ٿو ۽ سوچون پيدا ڪري ٿو. اسان جي سماج جي سڄاڻ ذهنن کي هنن سڀني معاملن تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪرڻ گهرجي جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري آيا آهيون. ميڊيا جي ذريعن کي به اهڙين شين کان پرهيز ڪرڻ کپي جنهن جا اثر مثبت بجاءِ منفي پون ۽ پهريان کان ئي جذباتي بڻيل اڄ جي نوجوان کي وڌيڪ جذباتي ڪري ڇڏين. اڄ جي نوجوان جي تربيت اهڙي نموني ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ اُن کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق محسوس ڪرڻ جي سڃاڻپ پيدا ٿئي. ان سلسلي ۾ گهر پهرين درسگاهه آهي، جتي اهڙي قسم جي تربيت طرف خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان بعد تعليمي ادارن ۾ پڻ اڄ جي تبديل ٿيل دور کي سامهون رکي اهڙو نصاب تشڪيل ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ اُهي سڀ شيون هجن، جيڪي اڄ جي نوجوان جي صحيح رهنمائي ڪري سگهن. جذباتي فيصلا هميشه نقصان کي ئي جنم ڏيندا آهن ان ڪري اڄ جي نوجوانن کي اها حقيقت سمجهائڻ جي ضرورت آهي.

ڪراچي جي اسڪول ۾ پيش آيل هي واقعو انتهائي دردناڪ آهي جنهن ۾ ٻه معصوم جانيون اجل جو شڪار بڻيون آهن. اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي سوچڻ ۽ اهڙي قسم جي گنجائش ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *