ڪراچي جو تبديل ٿيندڙ سياسي وايو منڊل: صاحب خان ڀٽي

ڪراچي جو سياسي وايو منڊل ڏينهون ڏينهن تبديل ٿي رهيو آهي، جنهن پارٽي ۾ اچڻ کان پوءِ ماڻهو ڇڏڻ جو نه سوچيندا هئا، اڄ اهي ماڻهو پارٽيون تبديل ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ وڏي عرصي تائين هلندڙ دهشتگردي کان پوءِ جڏهن امن قائم ٿيو، تڏهن وڃي ڪراچي اندر ٻين پارٽين به پنهنجا پير ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، مختلف پارٽين پاران به هن عالمي يتيم خاني ۾  پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو مليو ويو  آهي. گذريل ڏينهن به ا يم ڪيو ايم پاڪستان جي وڌيڪ هڪ وڪيٽ ڪري پئي هئي، مطلب ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ميئر ارشد وهره پي ايس پي ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن جو هن باضابطه اعلان  آچر ڏهاڙي پاڪستان هائوس پهچي ڪيو. ان موقعي تي  ارشد وهره چيو هو ته هو ڪراچيءَ جي عوام سان ڪيل واعدو پورو نه ڪري سگهيو . جنهن سبب استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو به چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ بدران اختيار نه هئڻ جو پٽڪو ڪيو ويو پر هاڻي شهرين کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون. مصطفيٰ ڪمال شهرين جون اميدون پوريون ڪيون هيون هو سٽي ناظم طور هڪ مثال آهي. ان موقعي تي پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني ايم ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. انيس قائم خاني چيو ته پي ايس پي کي تازين آدمشماري تي تڪ بندي قبول نه آهي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم کي چيو هو ته پنهنجي سٺن ۽ خراب ماڻهن جي لسٽ سندن حوالي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اڃا به وڏي لائين لڳل آهي، فاروق ستار ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. انيس قائمخاني چيو ته ايم ڪيو ايم استعيفائون ڏنيون ته ننڍي چونڊ ۾ پي ايس پي حصو وٺندي. هن چيو ته پي ايس پي ۾ شموليت تي ارشد وهره به ايم ڪيو ايم پاڪستان لاءِ خراب ماڻهو ٿي ويندو. انيس قائمخاني چيو ته اڄ پاڪ سرزمين پارٽيءَ کي مڃيندڙ هزارن جي انگ ۾ آهن.

هاڻ جڏهن ڪراچي شهر ۾ ٿورو امن قائم ٿيو آهي ته ان وقت اڳوڻو آمر پرويز مشرف چئي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ سياسي خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ هو اتحاد جوڙيندو ۽ اهو خال ڀريندو، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته اڳوڻو آمر الائي جي ڪهڙو خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هاڻ ته ڪراچي ۾ دهشتگردي، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ به ختم ٿي چڪي آهي، جيڪي دهشتگرد اهي ڪارروايون ڪندا هئا، اهي به الائي جي ڪهڙي ڌنڌي ۾ لڳي ويا آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان  جا  اڳواڻ چئي رهيا آهن ته عوام ساڻن گڏ آهي ۽  پي ايس پي وارا چئي رهيا آهن ته  ايم ڪيو ايم  پاڪستان ۾ شامل ماڻهو سندن پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ايتري قدر جو جڏهن به ڪراچي ۾ ڪو مسئلو ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران صرف اهو ئي چيو ويو آهي ته  کين اختيار نه پيا ڏنا وڃن، صفائي سٿرائي جو معاملو هجي يا وري ڪو ٻيو مسئلو،ا هو ن وقت ئي حل ٿي سگهي ٿو، جڏهن کين سمورا اختيار مليل هجن.

هاڻ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هيڏي وڏي شهر لاءِ  صرف 60 هزار صفائي ڪندڙ عملو ڪافي هوندو، جيڪڏهن اهي ملازم ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ هن شهر کي صاف سٿرو رکي سگهندا، جيڪڏهن ها ته پوءِ آخر ڇو اڄ ڪراچي شهر گند ڪچري جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ڪراچي ۾ سڪيورٽي ادارن جي آپريشن بعد دهشتگرد ۽ ڀتي خور ته وڃي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن پر صفائي عملو به ڪراچي جي ڪهڙي به علائقي نظر نه پيو اچي جنهن سبب صفائي جا انتظام اڻپورا نظر اچي رهيا آهن. اهو صرف ان ڪري ٿي  رهيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ هر هڪ سياسي پارٽي پنهنجو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر افسوس جو هن شهر ۾ ڌارين جي لوڌ تمام گهڻي آهي جنهن سبب سموريون پارٽيون هن وقت تائين پنهنجا پير مضبوط نه ڪري سگهيون آهن، مشرف دور ۾ هن شهر جون واڳون ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيون ويون هيون تنهن بعد هن شهر ۾ تمام گهڻا تعميراتي ڪم ڪرايا ويا هئا پر افسوس جو ان وقت به ڪيترن ئي علائقن کي نظر انداز به ڪيو ويو هو. بهرحال ان وقت سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ نه ته ڪي خاص ترقياتي ڪم ڪرايا ويا ۽ نه ئي انهن علائقن کي ليز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ايتري قدر جو ان دور ۾ ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جو به سلسلو شروع ٿيو هو، ان وقت به ڪراچي جي ڪچي آبادين ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻي احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ هاڻ به اهي ڌرتي ڌڻي احتجاج ڪري رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته بلڊر مافيا ڪڏهن به نه ٿي چاهي ته ڪراچي ۾ قديم سنڌي ڳوٺ قائم هجن تنهن جي ڪري اهي مختلف حربا استعمال ڪري سنڌي وسندين کي ڊاهيندا رهيا آهن، پر نه ته سنڌ حڪومت انهن کي روڪي سگهي آهي ۽ نه ئي وري وفاق ڌرتي ڌڻين جا اجها بچائي سگهيو آهي،

بهرحال هن وقت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ تمام گهڻي بهتر آهي، پر اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي خال نظر اچي رهيو آهي ۽ ايم ڪيوا يم پاڪستان ۽ پي ايس پي کي به ڪراچي ۾ امن نظر نه پيو اچي، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي رهيو آهي، جڏهن ڪراچي ۾ واپارين ۽ شهرين کي تحفظ جو يقين ٿيو آهي. ان وقت پي ايس پي، ايم ڪيو ايم ۽ اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي امن نظر نه پيو اچي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جيڪو منظور وساڻ خواب ڏٺو هو ته اهي ٽئي پارٽيون ختم ٿي ويندو ۽ هڪ نئين تنظيم سامهون ايندو،ا ها ڪهڙي هوندي ۽ ان جي قيادت مشرف ڪندو يا ڪو ٻيو هوندو، ان جو انتظار ڪرڻو پوندو پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪي به پارٽي آئي ته اها هن شهر ۾ امن امان بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ويندي. ڇاڪاڻ ته ڪا به پارٽي مائنس ون فارمولي کان پوءِ خاموش نه ويهندي ۽ ان جو مقصد شهر جي حالتن کي خراب ڪرڻ ڏانهن ئي هوندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *