ڪبوتر، ڦوڪڻي کان ڊڄندڙ ملڪ ڪشمير جو مسئلو ڇا حل ڪندو..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ڪشمير  جي مسئلي تي ڀارت پنهنجي انهي ضد ۽ اناپرستي واري نظريي تحت ايترو ڪري ويو آهي جو.هن عالمي برادري، اقوام متحده سان ملي ڪري .پاڪستان خلاف مختلف سازشون ۽ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي.ڀارت سان پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ چاهيون پر ڀارت هر دعفي پاڪستان سان ڪمشير مسئلي تي ڳالهيون نه ڪرڻ ڪري ڪيترائي بهانا ڪري ڳاليهون ملتوي ڪري ڇڏيون.هن وقت دنيا تي تختي تي پاڻ کي قاطت ور سمجهندڙ ڀارت جي دليري صرف پاڻ تائين محدود آهي.ڇو ته اوهانکي ياد هوندو. هڪ پاڪستاني ڪبوتر پاڪستاني سرحد کان اوچتو ڀارت جي سرحد ۾ داخل ٿي ويو هو.هي ڳالهه ايتري پراڻي ناهي جنهن جي ڪو وساري سگهيو هجي.اخبارن کان ويندي ٽي وي چيئنل،۽ شوشل ميڊيا تي ڪيترائي ڏينهن انهي ڪبوتر جا چرچا هئا.جيڪو ڀارت پهچي ويو هو. جڏهن ته اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان دشمني ۾ ڀارتي سيڪيورٽي ايجنسيون ايتري قدر بوکلاهٽ جو شڪار  آهن،  جو اهي هاڻ پکين ۽ هوا ۾ اڌرندڙ ڦوڪندڙ کي وسيلي به پاڪستان تي الزام بازيون لڳائي رهيا آهن. پاڪستاني جاسوس هئڻ جي الزام ۾ ڪبوتر کي گرفتار ڪري ورتو هو.جڏهن ته انهي ڪبوتر کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويو هو.پر کيس انڪوائري جي ڪيترن ئي پروسيس مان پڻ گذاريو ويو هو.!  جڏهن ته مقامي اسپتال ۾  ان جو ايڪسري تائين ڪرايو ويو هو ۽ جڏهن ڪجهه نه مليو ته انهن ڪجهه ڏينهن جي جاچ لاءِ  ڪبوتر کي رمانڊ ۾ ورتو ويو هو.

ڀارتي خفيه اداري آءِ بي گڏيل ڪارروائي ڪندي پاڪستان کان ڀارتي سرحدي ۾ داخل ٿيڻ واري ڪبوتر کي گرفتار ڪري جي دعوا ڪئي هئي. ڀارتي پوليس ۽ انٽيليجنس ايجنسين آءِ بي ڪبوتر کي جاسوس ڪبوتر چئي پهريان ان کي حراست ۾ ورتو ۽ جاسوسي جو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ مقامي اسپتال ۾ انهي ڪبوتر جو ايڪسري ڪرايو. جڏهن ڪجهه نه هٿ آيو ته پوليس وڌيڪ ڏينهن جو رمانڊ وٺي پاڻ وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو. پوليس عملدارن دعوا سامهون آئي هئي ته ڪبوتر جي پرن تي مهر لڳل آهي. انهي جي پيرن ۾ اردو زبان ۾ تحريري خط پڻ پڪڙيو ويو آهي. انهي خط ۾ لينڊ لائن نمبر به درج آهي. اهو ڪبوتر ضلعي نارووال جو آهي. ڀارتي اختيارين هڪ ڪبوتر کي پاڪستاني جاسوس ڄاڻائي قيد ڪري ڇڏيو هو..جيڪو پوءِ الائي ته آزاد ٿيو يا اڃان ڀارتي قيد ۾ قيد آهي.ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته امن جي نشاندي ڪندڙ امن پرست پکي ڪبوتر جنهن جي ڀارتي ميڊيا هڪ پاڪستاني جاسوس ڄاڻائي گرفتار ڪري ڇڏيو.جڏهن ته دنيا ۾ اهي به چرچا عام آهن ته ڀارت تمام گهڻي ترقي ڪري رهيو آهي.پر مان سمجهان ٿو ته ڀارت ترقي ته پري جي ڳالهه آهي.پر ڀارت اڃان پنهنجي سوچ به تبديل ناهي ڪري سگهيو.اها سوچ جنهن اندر ملڪ توڙي غيرملڪي عوام جي لاءِ امن هجي.ڀائچارو هجي.اها سوچ جنهن اندر پنهنجي ملڪ جي ترقي جي سوچ کان اعلاو پنهنجي ٻين پاڙيسري ملڪن جي ترقي جي برداشت هجي،ڀارت ته ترقي ڪري رهيو آهي.اهو چوڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ جي حد تائين آهي.پر ڀارت اڃان ڪبوتر کي به پنهنجو دشمن ٿو سمجهي.جڏهن ته پاڪستاني ڪبوتر جي گرفتار ڪيو ويو هو ته هڪ عالمي ميڊيا جي رپورٽن سامهون آئي هئي.جنهن اندر اهو ٻڌايو ويو ويو هو ته. ٻنهي ملڪن جي دنگ تي قائم ڳوٺ منوال ۾ هڪ ٻار کي ڪبوتر هٿ آيو هو، جنهن تي مبينه طور مهربند پيغام لکيل هو،

ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪبوتر تي اردو ۾ هڪ پيغام لکيل آهي ۽ ان تي هڪ فون نمبر به لکيل آهي. 14 ورهين جي ڀارتي ٻالڪ ڪبوتر کي پڪڙڻ کانپوءِ ويجهي ٿاڻي تي اُن کي جمع ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ پوليس اختيارين ڪبوتر جو ايڪسري به ڪيو. جنهن علائقي ۾ جاسوسي جي الزام هيٺ ڪبوتر سوگهو ڪيو ويو آهي، اهو علائقو ڄمون ۽ ڪشمير کي ويجهو هو ۽ ڀارتي اختيارين جو چوڻ هو ته حريت اڳواڻن کي پيغام پهچائڻ لاءِ ڪبوترن جو قاصد طور استعمال ڪيو پيو وڃي. هن وقت ڀارتي ايس ايس پي راڪشي ڪرشل بي بي سي کي ٻڌايو ته ڪبوتر تي بنا شڪ پاڪستان مان آيو آهي. هڪ شخص ان کي پاڪستان جي سرحد کان ٽي، چار ڪلو ميٽر پري منوال ڳرهه مان گرفتار ڪيو هو. ان جي پرن تي تعلقو ڳڙهه ۽ ضلعو نارووال لکيل آهي. اڃا تائين اهڙا ڪي ثبوت نه مليا آهن. جن جي بنياد تي اسان ان ڪبوتر کي جاسوس قرار ڏئي سگهون. ايجنسيون جاچ ڪري رهيون آهن. جيستائين اسان اردو ۾ لکيل لائين نٿا پڙهي سگهون تيستائين اسان يقين سان ڪجهه نٿا چئي سگهون. هن وقت ڀارتي ميڊيا به پاڪستان جي مختلف الزام بازيون لڳائي رهيا هئا.۽ هڪ ڪبوتر کي وٺي ڪري انڊيا اهڙو ته هل هنگامو ڪيو.عالمي برادري کان ويندي،بين اقوامي ادارن تائين انهي ڪبوتر جي دانهن ڏني وئي.ان وقت اهڙي صورتحال هئي ته آخر پاڪستاني ڪبوتر ڪهڙو پيغام کڻي آيو هجي.ڇو ته ضروري ناهي ته هميشه دشمنيون ڪجن.ٿي سگهي ٿو ته شعيب ملڪ کان پوءِ اهو پاڪستاني ڪبوتر به انڊيا جو ناٺي ٿيڻ جو شوق رکي ڪري پاڪستان کان انڊيا پهتو هجي،

ممڪن آهي ته ڀارت ۾ ڪنهن سان محبت ۾ گرفتار ڪنهن نوجوان پنهنجي محبوبه ڏانهن ڪو خط موڪليو هجي.پر انڊيا انهن سڀني ڳالهين کي ٺڪرائي ڪري هڪڙي رٽ لڳائي ويٺو هو ته پاڪستان اسان مٿان دهشتگردي ڪرڻ ٿو چاهي.جنهن جي ڪري پاڪستان پنهنجا جاسوس طور ڪبوتر انڊيا موڪلي رهيو آهي.ڪيڏي نه حيرت هجڙي ڳالهه انڊيا ايڏو وڏو ملڪ هوندي به سوچ اهڙي ننڍڙي، ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه هئي.ڇو ته ڪبوتر به ڪي قيد ٿيندا آهن، ڀارت جي شايد اها خبر ناهي ته اسان پاڪستاني الائي ڪيترائي ڀارتي پالي رهيا آهن…جيڪي هتي نه رڳو آباد آهن پر اهي ته هاڻ نئي سنڌ جو پڻ مطالبو ڪري رهيا اهن.اوهان اسانجي هڪ ڪبوتر جي نه برادشت ڪيو اسان اوهانجي پوڙي ڪڙم جي جي ۾ جايون ڏينون،پر اسانجو ڪبوتر امن پرست هو.، ڀارت سرڪار اهو نه ٻڌايو هو ۽ نه ئي  ڪبوتر جي باري ۾ آءِ ٽي رپورٽ نه ڏني هئي ته اهو ڪبوتر سنڌي، پنجابي، پشتون ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ آهي  هن وقت خبر مطابق هن ڪبوتر کي پٺاڻ ڪوٽ جي سرحدي وسنديءَ مانوال مان گهڻي هَنُ هڻان کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان ”معرڪي“ ۾ ڪبوتر زخمي به ٿيو هو. ايس ايس پي پٺاڻ ڪوٽ مطابق هن سنگين واردات جي جاچ ڀارتي بارڊر سڪيورٽي فورس ۽ انٽيليجنس بيورو ڪري رهيو  آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪبوتر جي وٽرنري اسپتال ۾ باقاعده اسڪينگ به ڪئي وئي آهي ته ڪٿي ان جي ڳجھي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مائيڪرو چِپِ نه لڳل هجي،پر ڪجهه به هٿ نه آيو. ڀارت جا ڳجھا ادارا جيڪڏهن ٿورڙي تحقيق ڪري وٺن ها ته مٿن اها حقيقت واضح ٿي وڃي ها ته ڪبوتر بازي ته ڀارتي مسلمانن جو پراڻو شوق آهي، گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي دهلي ۽ لکنوءَ ۾ هاڻي به ڪبوتر باز موجود آهن ، پر هن وقت مودي سرڪار کي حقيقتن جي پرواهه نه هئي.

جڏهن ته هن وقت به پاڪستان اهو سري عام چئي رهيو آهي ته ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي ”را“ پاڪستان ۾ دهشت گردي ۽ تباهين جي ڪاررواين ۾ ملوث آهي، جن جا ثبوت به ڳجھن ادارن موجب وٽن موجود آهن.پر سچ ته هي آهي ته ڀارت کي پاڪستان جي ترقي پسند ناهي. ڀارت کي پاڪ-چين اقتصادي راهداري واري معاهديءَ سبب سخت تڪليف آهي. هي معاهدو جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي کي هٿي وٺرائڻ ۽ معاشي صورتحال کي ترقي ڏيڻ لاءِ آهي.پر کان جڏهن سڀ ڳالهيون هٿن مان وينديون آهن ته پوءِ ڪڏهن ڪبوترن جي وچ ۾ آڻي پاڪستاني تي الزام بازيون ڪندو آهي ته ڪڏهن ڦوڪڻن کي سامهون ڪري ڪري پاڪستان تي اجايون الزام بازيون هڻندو آهي.هڪ  ڏينهن پهرين به پاڪستاني سرحد مان هڪ هوا ۾ اڏرندڙ ڦوڪڻو ڀارت جي سرحد ۾ داخل ٿي ويو.جڏهن ته ڦوڪڻي داخل ٿيڻ کان انهي جو شور پوري دنيا مٿي تي کڻي ڇڏي.جڏهن ته ڀارتي وزيرخارجه ته پاڪستان تي سڌا سنوان الزام هڻي چيو ته مشڪول ڦوڪڻو پاڪستاني سرحدن کان آيل آهي.جڏهن ته هن اهو به چيو ته پاڪستان انڊيا اندر انهي ڦوڪڻي جي اڏاري سندس رد عمل کي آزمائڻ ٿو چاهي.مان سمجهان ٿو ته ڀارتي وزيرخارجه وڪاس سوراپ جو الزام پاڪستان تي اهو سراسر غلظ آهي.ڇو ته پاڪستان ۽ انڊيا نه رڳو هڪ پاڙيسري ملڪ آهن پر ٻنهي ملڪ جي سرحدن مان پکين پوڙي جانورن جي اچ وڃ ٿيندي رهندي آهي.اوهانکي ياد هوندي يا نه پر ڀارت مان هڪ ٽائيگر شينهن پاڪستاني ٿر جي علائقن ۾ داخل ٿيوهو.جنهن کي اتي جي مقامي ماڻهن ڊپ مان ماري ڇڏيو هو.نه رڳو اهو ڀارتي سرحدن مان پاڪستاني اندر داخل ٿيو هو.پر گذريل چار سال پهرين مان پنهنجي هڪ دوست مان آيل ٻوڏ کان پوءِ ٿر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام ڪوٽ ويو هيس ته اتي مون هڪ کنڀي تي ويٺل ڀولڙي جي ڏٺم…سوچيو ته جي ڀولڙو ڪٿان آيو آهي.ته دوست ٻڌايو ته اهو ڀولڙو ڀارت مان پاڪستاني سرحد مان گذرندي هتي پهتو آهي.جڏهن ته نه رڳو شيهن ڀولڙا پر.انڊيا جي ڪيترائي ٻيا جانور جن ۾ هرڻ روجهه شامل آهن جيڪي ڀارت جي سرحد مان پاڪستان پهچن ٿا.پر پاڪستان ڪڏهن به انهن جانور کي انڊيا جو موخبر ن ناهي ڪوٺيو.ڪڏهن ته انهن جانور جي آڙ وٺي ڪري انڊيا جي اهڙا الزام ناهن هنيا ته هو ته ان جانور کي پاڪستان موڪلي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرڻ ٿو.پوءِ ڀارت جي ڪهڙي تلڪيف آهي.جو هو ڦوڪڻن ۽ ڪبوتر جي وچ ۾ رکي ڪري پاڪستان تي الزام ٿو لڳائي ان ڪري پاڪستان کي انڊيا جي اهڙي بيانن تي مذمت ڪرڻ گهرجي.۽ انهن جو جواب ڏيڻ گهرجي.انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي پاڪستان دشمني ۾ ڀارت ايتري قدر بوکلاهٽ جو شڪار  آهي، جو پاڪستان مان ايندڙ ڪبوتر ۽ ڦوڪڻا به پاڪستاني جاسوس جو شڪ ٿا وجهن. پر انهن سمورين ڳالهين کي هڪ پاسي رکي ڪري جيڪڏهن سوچجي ته ڀارت ڪهڙي به صورت ۾ پاڪستان سان ڪنهن به مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ نه ٿو چاهي.پوءِ چاهي اهو دهشتگردي وارو مسئلو هجي يا ٻنهي ملڪن اندر ڪاروباري معاملو يا ڪشمير جهڙو اهم مسئلو.پر اها پڪ آهي ته ڀارت ڪڏهن به پاڪستان سان امن ڳاليهون ۽ ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ نه ٿو چاهي.

****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *