ڏکوئيل سنڌ جو احوال؛مظهر خاصخيلي

سنڌ ڌرتي جڏهن کان وٺي پاڪستان جو حصو بڻي آهي ان وقت کان وٺي سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار گهڻي ڀاڱي ٿيندي رهي آهي ڌرتي ڌڻين کي وسيلن جي هوندي به بيروزگار رکيو ويو آهي اهو ئي سبب آهي ته ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ بيروزگار نوجوانن جو انگ وڌندو ٿو وڃي.تازو سنڌ اسيمبلي جي توانائي ڪاميٽيءَ ڪمپنين ۾ سنڌي ماڻهن کي مليل نوڪرين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته اهي ڳالهيون به ڪيون ويون آهن ته ڪمپنين ۾ آفيسر، ڪلارڪ ته ٺهيو پر پٽيوالا بورچي ۽ پيش امام به ٻين صوبن مان آندا وڃن ٿا جڏهن ته دنيا اندر جيڪي به ملڪ موجود آهن انهن جي رهواسين کي پنهنجي پنهنجي ڌرتي مان نڪرندڙ وسيلن مٿان مالڪي جا حق مليل آهن پر ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي سپريم ڪورٽ تازو هڪ فيصلو سانگهڙ جي رهواسي جي درخواست تي ڏيندي وفاقي حڪومت کي هدايتون ڪيون هيون ته سنڌ سميت جتان گئس تيل ۽ ٻيا ذخيرا ملن ٿا اتان جي رهواسين جو سڀ کان پهريون انهن مٿان حق تسليم ڪري اتي جي ترقيءَ تي اها رقم خرچ ڪئي وڃي ان کان پوءِ ٻئي هنڌ پر هتي سالن کان وٺي ٿيندو اهو ٿو اچي ته جتان تيل گئس ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا ايترا نڪرن ٿا جو ان جو مالي ڪاٿو هن وقت تائين صحيح انگن اکرن ۾ نه لڳايو ويو آهي ۽ نه ئي ٻڌايو ويو آهي پر سانگهڙ، بدين، ٿر، ٺٽو، ميرپورخاص کان ويندي گهوٽڪي تائين سموري سنڌ جا روڊ رستا کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن گئس ۽ تيل جي ڪمپنين ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ملازمتون ڏنيون ويون آهن هتان جي رهواسين کي وڏيرن ڀوتارن ۽ مير ڪجهه هٿراڌو بڻايل ليڊرن حوالي ڇڏيو ويو آهي. ڏک جهڙي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ جتي مالي وسيلن کان مالا مال آهي اتي زراعت جي حوالي سان به اڳڀري آهي پر ٿيندو سالن کان هتي اهو پيو اچي ته جڏهن ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، ڦٽيون ۽ سبزيون لهنديون آهن ان وقت واپاري ۽ سرمائيدار پنهنجو خاص ۽ مخصوص اگهه مقرر ڪندا آهن ۽ ان تحت هارين ۽ ننڍن آبادگارن کان سموريون جنسون خريد ڪيون وينديون آهن ۽ جڏهن هارين ۽ ننڍن آبادگارن وٽ اهي زرعي جنسون باقي ناهن بچنديون پوءِ اهي وري انهن ساڳين جنسن جا اگهه ٻيڻ تي چڙهي ويندا آهن هاڻي به هن حڪومت دوران اهو سڀ ڪجهه ٿيندي ڏسڻ ۾ آيو آهي.

ڪمند جو اگهه جيڪو سنڌ حڪومت 182 روپيا مقرر ڪيو هو وري ٻيو اگهه 160 مقرر ڪيو ويو هو آبادگارن جي احتجاج کان پوءِ سنڌ حڪومت پهريون اگهه برقرار رکندي شگر مل مالڪن کي ان تي عمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي پر بدقسمتي چئجي يا وري هٿ سان پيدا ڪيل سازش جو شگر مل مالڪ هاءِ ڪورٽ ۾ هليا ويا ۽ اتي ڪيس جي پيروي ڪجهه وقت هلندي رهي جنهن کان پوءِ هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو ته سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 روپيا ڏنو وڃي ۽ ان تي عمل ڪرايو وڃي جنهن کان پوءِ وري اهي ئي سرمائيدار ۽ شگر ملن جا مالڪ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف پنهنجي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ کڻي ويا جتي ڪورٽ سڳوري اهو فيصلو جاري ڪيو آهي ته ان ڪيس جي ٻڌڻي فيبروري جي آخري تاريخن ۾ڪئي ويندي. ڳالهه سمجهڻ ۽ سوچڻ جي اها آهي ته فيبروريءَ تائين سنڌ جي هارين ۽ ننڍن آبادگارن وٽ باقي ڪهڙو ڪمند بچيل هوندو جنهن جو اگهه بعد ۾ مقرر ڪيو ويندو. هتي ته ٻنهي هٿن سان بي پهچ، مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن کي ڦريو وڃي ٿو جيڪڏهن هاڻي ڪمند جي اگهه لاءِ ڌرڻا ۽ مظاهرا هنيا وڃن ٿا ان کان پوءِ جيڪو اگهه 182 هاڻي شگر ملون ادا ڪنديون اهو به صرف انهن وڏن آبادگارن کي ئي ملندو جن وٽ هزارين ايڪڙ ڪمند جو فصل ڪاهيل آهي. باقي مسڪين هاري ۽ ننڍو آبادگار پوءِ به ان اگهه کان محروم رهندو ڇو ته ٻٽو معيار اسان وٽ سالن کان وٺي هن ملڪ اندر جيڪو جڙيل آهي غريب جي لاءِ هڪڙو قانون آهي ۽ امير لاءِ ٻيو قانون آهي ان کي برقرار رکڻ ۾ به رياست ۽ انهن سرمائيدارن جو سڀ کان وڌيڪ هٿ آهي. رياست کي هلائيندڙ ڌريون چاهين ته مسڪين هاري ۽ ننڍن آبادگارن کي پنهنجي فصل جو صحيح اگهه جنس جي لهڻ وقت ڏياري سگهن ٿا پر اهو سڀ ڪجهه ڪير ڪري هتي ته سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي واري جي انتظار ۾ لڳل آهن.

ساڳيا مير، ڀوتار، وڏيرا اسيمبلين تائين پهچن ٿا انهن جو مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن سان ڇا وڃي جو هو انهن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندا انهن کي ته گهڻي ڀاڱي اها به خبر نه هوندي آهي ته ڪلر جي ٻوري هن وقت ڪيتري ۾ ملي ٿي جيڪڏهن اها ئي ٻوري ڪنهن وڏي زميندار کي 1700 سئو يوريا ملي ٿي ته اها ئي وري هاري ۽ ننڍي آبادگار کي 2000 کان 2200 سون ۾ پلئه پوي ٿي ۽ جيڪڏهن ڊي اي پي (ڪارو ڪلر) وڏي آبادگار کي 3800 سئو پلئه پوي ٿو ته پوءِ اهي ئي آبادگار هاري کان وري فصل لهڻ کان پوءِ انهيءَ ٻوري جا 5000 هزار ڪهڙي حساب سان ڪٽي ٿو؟ اها جاچ هن وقت تائين نه ته اسان جي رياستي ادارن ڪرائي آهي ۽ نه ئي وري ان جي لاءِ جوڙيل ادارن. ناانصافيون ايتريون آهن جو انهن کي بيان ڪري ماڻهو تا آخر مخصوص ۽ ٿورڙن پنن ۾ ڪيئن ڪري ڇو ته سالن کان ٿيندڙ ذيادتيون ظلم ايتري وڏي تعداد ۾ ٿيل آهن جو انهن کي ماڻهو لکڻ جي لاءِ ويهي ته ڪيترائي ڪتاب ٺهي ويندا. هڪ طرف اها پيپلزپارٽي آهي جنهن جي شهيد چيئرمين بينظير ڀٽو لکن جي ميڙن ۾ پنهنجن چونڊيل ايم پي اي ايم اين ايز کان لکن جي ميڙن ۾ هٿ مٿي ڪرائي اهي وچن واعدا ورتا هئا ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هو مسڪين بي پهچ ۽ پيڙهيل ماڻهن جي مدد ڪندا ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا پر اڄ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هي ٻي حڪومت لاڳيتي آئي آهي ان دوران انهن جي ڪارڪردگي ڏسي ڀٽي سان محبت ڪندڙ ماڻهوءَ جي اکين ۾ لڙڪ لڙيو ٿا اچن ته جن ڀٽي جي نالي تي ووٽ وٺي وزارتون ماڻيون آهن اهي وزير ۽ ساڳيا مير، پير، ڀوتار جيڪي مشرف جي دور ۾ به موجن ۾ هيا ۽ اڄ به موجن ۾ آهن انهن پنهنجي مٽن مائٽن عزيزن دوستن يارن کي ان وقت نوڪريون ڏنيون ٿي ۽ اڄ به ڏين ٿا ۽ انهن جا اهي ئي ساڳيا منشي، ڪمدار، ڪوٽوار ۽ پاڻ وڻائيندڙ روز بنگلي تي حاضري ڏيندڙ ساڳيو ئي ٻڌ ڇوڙ جو ڪاوربار ڪندا اچن ٿا ۽ جنهن کي چاهين ان کان پئسا وٺي سپاهي، ڪلارڪ، پٽيوالو، ماستر، ڪوٽوار، تپيدار تائين ڀرتي ڪرائي سگهن ٿا ۽ انهن جا به ٿورا يا گهڻا پئسا اهي ضرور حاصل ڪن ٿا ڇا هن سموري عمل جي پيپلزپارٽي جي اصل واڳ ڌڻين کي خبر ناهي؟ جيڪڏهن کين خبر آهي ته پوءِ هو ان تي خاموش ڇو آهن.

ان ڳالهه جي سنڌ اندر رهندڙ انهن نوجوانن کي خبر آهي جيڪي سالن کان وٺي سنڌ مٿان جڙندڙ ۽ ڊهندڙ حڪومتون ڏسندا اچن ٿا اهي نوجوان ڀلي ڇو نه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي هجن پر ذهني طور تي باشعور آهن انهن کي خبر آهي ته حڪومت جوڙڻ وقت خاص ڪري انهن وڏيرن، ميرن ۽ ڀوتارن کي اليڪشن ۾ کٽرايو ويندو آهي جيڪي مٿين سرڪار جي حڪم تي هلندڙ هجن هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته لاڙڪاڻي جي ان معصوم سنڌوءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار هجن يا وري سنڌ يونيورسٽي مان اغوا ڪري غائب ٿيل شاگرد ڪمليش جا جوابدار هجن ڳالهه ته ساڳي آهي سڄي سنڌ اندر انهن جوابدارن کي ڍر ڇو ۽ ڇا جي لاءِ مليل آهي؟ مون پنهنجي ننڍڙي تجربي ۾ ڏٺو آهي ته هر ضلعي اندر اهي ڌريون انهن چورن، پاٿيدارن مٿان پنهنجو شفقت جو هٿ رکيو ٿيون اچن جيڪي مير، پير ڀوتارن کي اليڪشن کٽرائينديون آهن انهن جي لاءِ اڄ ڏينهن تائين افسوس آهي ته اسان جي انهن سياسي رهنمائن ڪجهه به ناهي ڪيو يا چيو جيڪي هر وقت سنڌ جي لاءِ سر گهورڻ جون ڳالهيون ته ڪندا آهن پر انهن وٽ عمل ڏسڻ لاءِ ناهي ملندو. خاص ڪري سنڌ جي ساڃاهه وند، اديبن، شاعرن، دانشورن کي وري به جس هجي جن هر دور هر ڏاڍ هر ظلم جي خلاف نه صرف پنهنجو آواز بلند ڪيوآهي پر هر جاءِ تي نڪري انهن پيرن اگهاڙن مسڪين ماڻهن جي مدد به ڪئي آهي جيڪڏهن سنڌ اندر ڪن برادرين جا جهيڙا جهڳڙا ٿيندا آهن ته پنهنجي طور تي اهي ئي ڌريون  ميڙ منٿ قافلا وٺي وڃڻ لاءِ ڪجهه سياسي ڌرين کي اتساهينديون آهن ۽ انهن سان گڏجي اهو ڪم ڪنديون آهن پر ڪجهه سياسي ڌريون سنڌ اندر اهڙيون به آهن جيڪي ظاهري طور تي ته اقتدار ۾ اڄ ڏينهن تائين ناهن آيون پر مزا اقتدار وارا سڀ وٺنديون آهن اهي سياسي جماعتون ڀلي ڪهڙيون به هجن پر اهي سنڌ کي اقتدار ۾ ايندڙ جماعتن کان وڌيڪ نقصان پهچائيندڙ ثابت ٿيون آهن ڇو ته هن وقت تائين نه ته هو اهڙي سگهه پاڻ حاصل ڪري سگهيا آهن نه ئي وري ڪا نئين سگهه جوڙائڻ ۾ ڪنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي سگهيا آهن. سچ اهو آهي ته اڄ به سنڌ جي واهڻ وستي، جهر جهنگ هر شهر ۾ اهڙا مرد مجاهد موجود آهن جيڪي سنڌ کي پنهنجي ساهه کان وڌيڪ عزيز سمجهن ٿا ۽ هر وقت سنڌ جي انهن ڏتڙيل، پيڙهيل مظلوم ماڻهن جي لاءِ آواز بلند ڪندا رهن ٿا پوءِ ڇو نه انهن کي اڪيلو اڪيلو ڪري راهه ويندي ائين ئي ماريو وڃي جيئن اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ سوين اهڙا لاش مليا آهن جيڪي خاص ڪري قومي شاهراهن ۽ لنڪ روڊن تي لاوارث هجڻ واري حالت ۾ ملندا آهن ان سڄي پس منظر جي پويان ڇا لڪيل آهي ۽ اهي ڪهڙيون ڌريون آهن جيڪي سنڌ جي انهن ڳڀرو نوجوانن کي ڳولي ڳولي بيدردي سان سخت تشدد جو نشانو ڪري موت جي حوالي ڪن ٿيون ۽ اها به حقيقت آهي ته اهي نوجوان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جي به آڏو نه جهڪيا آهن هنن جو اهو ايمان آهي ته سنڌ پنهنجو حقيقي وطن وارو روپ هڪ ڏينهن ضرور ماڻيندي ڇو ته اصليت جي مٿان گهڻو وقت پردو نه ٿو رکي سگهجي باقي سنڌ اندر جيڪي به حالتون پيدا ڪرايون ويون آهن اهي صرف انهيءَ لاءِ آهن ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن انفرادي مسئلن ۾ ايترا گهيريل ۽ وڪوڙيل هجن جو هو مجموعي اجتماعي مسئلن جي لاءِ نه آواز اٿارين ۽ نه ئي جدوجهد ڪن. سنڌ جي ماڻهن کي سمورن پاسن کان جيڪو گهيرو ڪيو ويو آهي ڇا اهو سدائين قائم ۽ دائم رهندو اها انهن ڌرين جي ڀل آهي ته سنڌ سدائين رڳي سورن ۾ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *