ڏوڪري تعلقي جا سياسي خاندان؛ وفا معشوق مشوري

موهن جو دڙو جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڳوٺ نئين گڏ جو رهواسي خان صاحب الله بخش خان ٻگهيو پنهنجي علائقي جي وڏو زميندار ٿي گذريو آهي. خان صاحب جي گهر ۾ جنم وٺندڙ پٽن مان مرحوم محمد موسى خان ٻگهيو به هڪ هيو، جيڪو پنهنجي وڏن جيان غريبن ۽ مسڪينن جو مددگار هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪنهن سان به ڪا ناانصافي نه ڪئي. سخي مرد نه صرف پنهنجي پوري علائقي پر پوري سنڌ ۾ مشهور خوبين جو مالڪ هئو. هن جا ڪيل فيصلا بنا ڪنهن رياءَ جا هئڻ ڪري سندس ڪيل فيصلن جي واکاڻ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ هلندي اچي پئي. مرحوم محمد موسى خان ٻگهيو نئين گڏ جو رهواسي ۽ سنڌ جو باشعور انسان هئو، هي غريب ماڻهن جو هڏڏوکي ۽ هيڻن جو مددگار هوندو هئو، پاڻ ٻگهين جو سردار هئو. مرحوم محمد موسى خان ٻگهيو جي هاڪ اڄ به هاڪ لاڙڪاڻي ضلعي عوام ۾ موجود رهي آهي. مرندي گهڙي تائين پاڪستان مسلم ليگ سان منسلڪ هئو. اڄ به هن جي پويان خاندان جا ماڻهو سندس پيروي تي هلندي سندس نالو روشن ڪري رهيا آهن، ڇو ته مرحوم محمد موسى خان ٻگهيو پنهنجي وقت ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اليڪشن کٽي ايم ايل اي چونڊجي سامهون آيو، سندس خاندان جا فرزند چيئرمين ۽ ناظم ٿيندا آيا آهن.

مرحوم محمد موسى خان ٻگهيو پي ايس 52 تي پهريون دفعو پاڪستان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ ڏوڪري تعلقي ايم ايل اي جي حيثيت ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن ۾ هن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. هن ايم ايل اي دوران ڏوڪري مڊل اسڪول کي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول بڻايو، 1958 ۾ مارشل لا لڳي، جنهن بعد هن بلدياتي چونڊن ۾ ون يونٽ دوران اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي مغربي پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر طور سامهون آيو. مرحوم محمد موسى خان ٻگهيو 1965 ۾ پير صاحب سردار شاهه مردان شاهه ثاني جي طرفان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ڏوڪري مان اليڪشن لڙيو، هن اليڪشن دوران تڪ ۾ 4 يونين ڪائونسلن لاڙڪاڻي ضلعي جون به ملايون ويون، جنهن سبب کيس ٿوري ووٽن تي شڪست ملي. اها هڪ مليل سازش هئي، جيئن پيپلز پارٽي کي وڏي اڪثريت سان ماري وڃي ها. 19 ڊسمبر 1970 کان ڊسبمر 1971 تائين ملڪي حالتون جنگ جي صورت ۽ پوءِ بنگلاديش ٺهيو. هن دور ۾ 6 سالن کان مرحوم محمد موسى خان ٻگهيو حڪومت جي سخت عتاب هيٺ رهيو، سندس پٽن مان سڪندر علي خان ٻگهيو، اڪرم علي ٻگهيو پڻ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جا وائيس چيئرمين ۽ ميمبر ٿي رهيا. هنن به پنهنجي وڏن جيان علائقي جي غريب ماڻهن، دوستن، مٽن مائٽن سان ڏکي وقت ساٿ نڀايو، هن وقت سندن پونئيرن مان رفيق ٻگهيو، سردار سرفراز خان ٻگهيو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهيا ۽ چيئرمين ٿي رهيا. تعلقي باقراڻي جي يو سي باقراڻي جي ناظم طور سردار سرفراز خان ٻگهيو چونڊجي آيو ۽ پنهنجي تر جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ ناظمي سسٽم ختم ٿيڻ کان پوءِ سال 2012 جي چونڊن ۾ ايم اين اي ايس اي 204 جي سيٽ تي چونڊ وڙهيو،

پر ڌانڌلين جي صورت ۾ اليڪشن هارائي ويو. اسان جي معاشري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سماج جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ هن وقت به تعلقه ڏوڪري ۾ نئين گڏ جي سردار سرفراز ٻگهيو جو اهم ڪردار آهي، جيڪو سنڌي سماج جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ وس آهر پاڻ پتوڙي ٿو. هن سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ عملي طور تي پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندي ڏوڪري جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ترفياتي ڪمن جوب ڪوششون وٺي پٺ تي پيل علائقن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي. هن ڪيترن ئي نوجوانن کي سياست ۾ متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ لاءِ ڪيترائي اسڪول جوڙايا. سردار سرفراز ٻگهيو لاڙڪاڻي، خيرپور، دادو ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ موجود پنهنجي زمينن جي سمورن هارين جي فلاح بهبود ڪندي سندن اولاد لاءِ لازمي تعليم قرار ڏيندي سماج ۾ اعلى شخصيت جو بهترين ڪردار نڀايو آهي. هي پنهنجي صاحب حيثيت سان غريبن، مجبورن ۽ ڏوکي انسان جي سهارو ڏئي صوفي منش انسان هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. سردار سرفراز ٻگهيو مجبور ۽ بي وس ماڻهن سميت قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندي انساني جانين جي زيان تي ڳڻتي ڪندي امن جو اسير بڻيل آهي. اصولن ۽ حق جو ساٿ ڏيندي سندس ڪيل فيصلا تاريخ جو حصو آهن، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *