ڍنڍن تان قبضا ختم ڪرڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪير ڪرائيندو؟…: ممتاز علي ملاح

ڪافي عرصي بعد نيٺ سنڌ هاء ڪورٽ سنڌ جي مٺن پاڻين ڍنڍن ڍورن، تي با اثرن
پاران ڪيل قبضن کي ختم ڪرڻ ۽ قبضا مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ سميت
فشريز کاتي سنڌ کي ان معاملي جي مڪمل رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي،
ڪورٽ سڳوري جي اهڙي فيصلي تي سنڌ جي ملاحن مهاڻن وسندين ۾ خوشيء جي لهر ڇائنجي وئي آهي، ۽ نا اميد ۽ مايوس چهرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر آس اميند جاڳي پئي آهي، سنڌ جا مهاڻا ڪورٽ سڳوري جا انتهائي مشڪور بڻيل آهن،

اڄ ڪلهه ملڪي مسئلا جڏهن پيچيدگي واري صورتحال اختيار ڪري ويندا آهن
پارليامينٽ سياسي جهڳڙا جنم وٺندا آهن ذاتياتي الزام تراشي جي راند کيڏڻ
سميت پارليامينٽ ۾ غيرپارلياماني زبان جو استعمال ٿي ويندو آهي، سياسي ويڙهه کان پوء سياستدانن کي آخري رستو وري به عدالتن جو وٺڻو پوندو آهي، سرڪاري ادارا جتي ذميوارين کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت وڃائي ويهن ٿا ان کاتي ۾ ڪم ڪندڙ عملدارن يا اعليٰ آفيسرن جي ساک متاثر ٿيڻ لڳندي آهي، انهن مٿان وري متاثرن جو اعتماد به ختم ٿي ويندو آهي، ۽ متاثر طبقو مايوسي جو منهن وٺي سائيڊ تي ٿي ويندو آهي، سنڌ حڪومت ۾ فشريز کاتو هڪ سرڪاري ۽ ماهيگيري کاتو آهي، جنهن کاتي تي ذميواريون عائد آهن ته صوبي ۾ مڇي جي پئداوار کي وڌائڻ جوڳا سخت اپاء وٺڻ سميت ماهيگري ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاء مهاڻن ۽ ماهيگيري ڪاروبار سان
تعلق رکندڙن جي سرڪاري کاتي پاران ڀرپور تعاون ڪيو وڃي، ڍنڍن ڍورن سميت مٺن پاڻين تي ملاحن جا حق هجڻ سبب کين حق ڏياريا وڃن پر سندن جي قانوني مدد ڪري کين مڪمل حقن کان آراستا ڪري سگهجي،

پوئتي پيل ۽ مشڪلات جي شڪار
ماهيگيرن کي بر وقت کين فشريز پاليسي تحت  هولتن ڏيارڻ جوڳا انتظام ۽ بندوبست ڪري ڏنا وڃن، اسان وٽ جيڪي قانون ٺهيل آهن پر انهن تي عمل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم بڻجي ويو آهي،
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 1200 کان وڌيڪ مٺن پاڻين تي ڍنڍون ڍورا موجود آهن،
جتي قديمي زماني کان لکين تعداد ۾ مهاڻا رهن ٿا، پر سڀني ڍنڍن ڍورن تي با اثرن جا قبضا آهن مقامي مهاڻا پنهنجن حقن کان محروم ٿي بي وس بڻجي مايوسي جو شڪار ۽ بيروزگار ٿي فاقا ڪشي ۾ مبتلا ٿي پريشانين واري زندگي گذارڻ تي
مجبور رهن ٿا، موجوده نفسانفسي واري دور ۾ ڪنهن غريب جي حق کي ڦٻائڻ
ايترو ته آسان طريقو ٿي ويو آهي جو بااثر ۽ قبضيدار ڌر وٽ اڳي پوء واري صورتحال کي منهن ڏيڻ واري پئسي ڏوڪڙ واري صلاحيت موجود هجي ٿي، جنهن سبب روينيو کاتي جي عيرقانوني مدد سان ڪلمينٽ کڻي ڪوڙا کاتا پنهنجن نالي ڪري
صدين کان روزگار جي آسري تي ويٺل قديمي وسندين جا ملاح اهڙي طرح پنهنجن
اصل حقن کان دستبردار ٿي پنهنجي ابائي ڪرت واري روزگار کان محروم ٿيندا پيا ويا جنهن تي نه سرڪار ڪا واهر ڪئي ۽ نه ئي ڪا ماهيگيري کاتي پاران ڪا ماهيگيرن جي سماجي ڀلائي لاء ڪي اپاء ورتا ويا ائين پوري سنڌ جا ملاح با
اثرن جي عذابن جو شڪار ٿي پنهنجن حقن تان هٿ کڻندا ويا وري ڪٿي مهاڻن پنهنجن حقن خاطر وڏيرن با اثرن خلاف جرئتمنداڻي دانهن ڪوڪ ڪئي ته اتي جي مقامي مهاڻن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پئجي وڃي ٿو، جيڪي غريب مهاڻا پنهنجن حقن
جي ڳالهه ڪرڻ تي خوف جو شڪار ٿي رهيا آهن، پر لاڳاپيل کاتي پاران مهاڻن جي درخواستن باوجود فشريز کاتي ڪڏهن ملاحن کي قانوني مدد ڪرڻ ۾ يقيني عمل جي ڪا خاص خاطري نه ڪرائي وئي آهي، نه وري کاتي عملدارن پاران مهاڻن جي
ڀلائي لاء ڪي خاص اپاء ورتا ويا آهن، ايتري تائين جو فشريز کاتي پاران مهاڻن جي مالي مدد جي مد ۾ ڪروڙين روپين جو رقمون پاڻ ڪجهه ڌريون ناني
ويڙهو ٺاهي رقمون ڳڙڪايو ڇڏيندا آهن.

سنڌ فشرمين ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر جي حيثيت سان فشرفوڪ فورڪ سان
ڪجهه اعتراض رکندي به چيئرمين محمد علي شاهه صاحب جا ٿورائتا آهيون جن
سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي با اثر قبضيدار ڌرين خلاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن تي سنڌ هاءڪورٽ مٺن پاڻين ۽ ڍنڍن ڍورن تي قبضيدار مافيا کان قبضا ختم ڪرڻ سندن خلاف قانوني قدم کڻڻ سميت فشريز کاتي کي معاملي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو جيڪو حڪم نامون جاري ٿي چڪو آهي اهو مهاڻن لاء هڪ خوش آئنده عمل آهي، هاء
ڪورٽ جي اهڙي فيصلي اچڻ بعد سنڌ جا مهاڻا هڪ ڀيرو ٻيهر آس اميد جي خاطري
ملڻ تي مايوسي جي مورچي مان ٻاهر نڪري رهيا آهن، گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ
جي مهاڻن جي حقن تي قبضا مافيا زبردستي قبضا ڪيا ۽ مهاڻا مسلسل عذابن واري زندگي گذاريندو رهيو آهي غريب ۽ بي وس مهاڻن جون مختلف وقتن تي دانهون ڪوڪون ۽ رڙيون نه حڪمرانن جي ڪنن تائين پهتيو  ئي نه وري فشريز کاتي وارن کي آواز ٻڌجڻ ۾ ايندو رهيو،

خير هاڻي ته ڪورٽ سڳوري جي حڪم نامي تي ڏسڻو آهي ته فشريز کاتو پنهنجو ڪم ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان سرانجام ڏئي، سوال ٿو پئدا ٿئي ته ڇا فشريز کاتو
مهاڻن جي مسئلن کان اڻ ڄاڻ ئي آهي، ڇا ڍنڍن ڍورن تي با اثرن جا ڪوڙن کاتن
زريعي زبردستي قبضا ناهن، ڇا مهاڻن کي قبضا مافيا حراسمينٽ سان قيدي بڻايو ويو آهي، ڇا زمينن تي مافيائن ڪوڙا کاتا ٺهرائي حقدارن ملاحن جي
حقن تي ڌاڙا هڻي کين بيدخل ڪيو ويو آهي،
سنڌ هاء ڪورٽ جي آيل اهڙي فيصلي کي اڃان هفتو ڏيڍ مس گذريو آهي پر فشريز
کاتي پاران ان متعلق رپورٽ پيش ڪرڻ جي ظاهري طور تي ڪا به سرگرمي نظر نٿي
اچي ۽ نه ئي ماهيگيرن تنظيمن سان ڪا مشاورتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي،
هاڻي انهي ڳالهه جو انتظار آهي ته هاء ڪورٽ پاران فشريز کاتي کي ڪيل سخت هدايت تي فشريز کاتو ڪيتري سرگرمي ٿو ڪري ۽ ڪورٽ سڳوري وٽ ڪهڙي رپورٽ پيش ٿيندي، ڇا انهي رپورٽ سان صدين کان بي حال بڻيل سنڌ جا لکين مهاڻن کي
فائدو رسندو،

سنڌ جا مهاڻا هاء ڪورٽ جي آيل فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن،
مهاڻن جي قديمي وسندين مان اهي اميدون لڳايون پيون وڃن ته ڍنڍن کي اصل حالتن ۾ واپس آڻي مهاڻن جي موج کي موٽائي وسندين ۾ خوشي جا سماء لهرايا ويندا، جنهن لاء فشريز کاتي کي رپورٽ ڏين واري نيڪ نيتي رپورٽ ۾ بهترين
مواد وجهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سنڌ جي 1200 کان وڌيڪ ڍنڍن ڍورن تي با
اثرن پاران روينيو کاتي سان ملي ڀڳت ڪري ڀڳڙن مٺ عيوض زمينن جا ڪوڙا کاتا پنهنجن نالن تي ڪرائي مهاڻن کي سرڪاري کاتي جي ڪوڙي ڪاغذ جي ڊپ وسيلي حقن تان بيدل ڪيو ويو اهڙي رپورٽ کي فشريز کاتو بنياد بڻائي رپورٽ پيش ڪرڻ سان عدالتي حڪم تي عمل آڻي سگهجي ٿو پر ائين ڪرڻ به مشڪل ٿو لڳي، برحال
ڏسڻو آهي ته ڍنڍن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪير ڪرائيندو.

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *