ڌرتي ڌڻين لاء ٽرامو بڻيل سنڌ: ايس ايم لغاري دادو

سنڌ جو خاڪو تڏهن جڙيو جڏهن سنڌ سان ڪيل ويڌن ۽ ان جا حق ڦٻائڻ جي انتها ٿئي وئي . سنڌ جي دل ڪراچي کي هٿرادو طور ڌارين سان ڀري ڌارين جي حوالي ڪيو ويو سنڌ جي تيل گئس تي توڙي  ٿر ۾ ملندڙ ڪوئلي جي ذخيرن  تي پڻ سنڌ کي ڪو حق اڄ تائين ناهي  ڏنو ويو اگر ڪو آواز اٿاري ٿو ته چيو ويو ته غداري پيو ڪري ان ڪري

سنڌ وڏي وقت کان سنڌين جا چچريل لاش وصول ڪندي پئي اچي. اسان ڪڏهن اهو به  ويچار ڪريون ٿا ته اهي آخر ڇو ائين سنڌي قومپرستن سان لڳاپيل ئي ماڻهو کنڀيا وڃن ٿا وري انهن جا لاش ملن ٿا ؟  هون ته ظاهري طور ڪنهن خون جي يا دهشتگردي جي واردات ۾ ملوث به ناهن هوندا . بلوچستان جي بلوچن جيان سنڌ ۾ سنڌين سان اهو ظلم آخر ڇو آهي آخر ڌرتي ڌڻين لاء ڪھڙو مسج آهي جنهن کي ڪير ٻنجو ڏيڻ وارو ئي ڪونهي ؟

هر روز آئي ڏينهن ڪٿي امہ رباب روئي روڊن تي دانهون ڪري پئي ته ڪٿي رمشہ کي ماريو پيو وڃي فضيلا کي غائب ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي  ارشاد رانجهاڻي جهڙا نوجوان کي رحيم پٽاڻ هٿان  مارايو پيو وڃي زعيم شر جهڙا ڳڀرو نوجوان قتل ٿي وڃن ٿا خدا جي واسطي سنڌ مٿان رحم ڪريو ڪنهن جا ٻچا اڻوقتا موت جي ابدي ننڊ نہ سمهاريو

روزانه جڏهن ڪا سنڌي اخبار کڻي ان تي نظر ڦيرائيجي ته  مين پيج ڇڏي ٻئين يا ٽئين صفحي تي ،معمولي نوعيت جي خبر طور ڇپيل ڪنهن  ڪنڊ پاسي ۾ بنا ڪنهن سُرخي جي ٻن سٽن تي پڙهڻ لاء ملي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌي نوجوانن جا لاش روڊن تان ملن ٿا ڪٿي نياڻيون ڪُسجن ٿيو ڪٿي ڪارڪنن جون جبري گمشدگيون ٿي رهيون آهن

هر روز ايئن ئي ڌرتي ڌڻين جا لاش لاوارث  حالت ۾ ملندا رهن ٿا دادو جي نوجوان ارشاد رونجھاڻي  جو لاش جڏهن گھر پھتو ته کيس کي پاليندڙ ماءُ برابر ڦڦي بہ صدمي ۾ فوت ٿي وئي هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٻه قتل ڪندڙ قاتل رحيم شاھ جنھن طريقي  سان سنڌي کي ڌرتيءَ جي اصل ڌڻي کي تڙپائي تڙپائي ماريو آهي هڪ قاتل گنڊو رحيم شاه  هڪ سنڌي نوجوان کي ويگو گاڏي مان لاهي گوليون هڻي زخمي ڪري روڊ تي ڪيرائي ٿو ان جي مٿان ڪتي وانگر چوڌاري ڦيرا ٿو ڏئي  صرف پنهنجي دهشت ڦھلائڻ لا پنهنجو دٻدٻو ڄمائڻ جي لا  هن بي رحم ظالم ظلم جي انتها ڪري ڇڏي پر شايد ان بي نمڪ حرامي کي اهيا خبر ناهي ته تون آيل آھين

ڪتا اسين سنڌ جا وارث آھيون اسان سنڌين جي لاڳيتي خاموشي ۽ پاڪستان ۾ اقتدار هڪ ڌُر حوالي ڪرڻ جي ڪري اسان پنهنجي ڌرتي تي بي موت مارجي رهيا آھيون،ارشاد رانجهاڻي پنجابي يا پٺاڻ هجي ها ته پوري پاڪستان ۾ هلچل پيدا ٿي وڃي ها اڌ پاڪستان بند ٿي وڃي ها  ڪراچي جي ڀينس ڪالوني جي چيئرمين رحيم شاه جي هٿان مُبينا طور تي مارجي ويل ارشاد رانجهاڻي کي جنهن انداز ۾ ماريو ويو آھي ان مان سنڌين کي هڪ مسج ڏنو ويو آهي ته سنڌي اجتمائي شعور کان وانجهيل آهن روڊن رستن تي ملندڙ سنڌين جا چچريل لاش بہ سوال ڪن ٿا تہ ڇا سنڌي بہ پنھنجا ڪونھن؟

اڄ واضح ٿي ويو بلڪہ اسان کي اڳ ئي معلوم ھيو تہ توھان جا پنھنجا ڪير آھن.

ھا! اسان توھان جا ناھيون، توھان اسان جا ناھيو

نہ ٿي گهرجي سنڌ کي ڪائي ترقي روڊ صحت تعليم روزگارجيڪي جيئرا رهندا سي کائيندا ۽ پنهنجي لاء سهوليتون پيدا ڪندا  پنهنجي جمهوري ۽ قاتل سفاڪ جن کي قابو ڪريو

بس رڳو هر روز ڪا رباب نہ روئاريو

ڪا رمشہ نہ مارايو

ڪا فضيلا غائب نہ ڪرايو

ارشاد رانجهاڻي جهڙا نوجوان

رحيم پٽاڻ کان نه ماريو

هي وقت اسان کان گڏيل شعور ۽ عمل جي تقاضا ڪري رهيو آھي. ۽ سنڌ جي هر ساڃاھ وند جي مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته ھو قوم جي اندر گڏيل شعور ۽ گڏيل مفادن جي سمجھ پيدا ڪرڻ جي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن باقي اهڙي رياست جتي انصاف جا ٻٽا معيار هجن. ظالم، جابر قوتن ۽ مظلومن لاء انصاف جي جدا جدا وصف هجي. اهڙي رياست ۽ ان جي ادارن کان انصاف جي توقع رکڻ فضول آھي حڪومت جي مجرماڻي خاموشي ڏسي ائين ٿو لڳي ته انهن کان مطالبو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *