ڇا ٽنڊوڄام ٽول پلازه جو مسئلو اقوام متحده ۾ حل ٿيندو؟ ؛مير اعظم علي ٽالپر

اڄ کان 40 سال اڳ محمد ابراهيم هڪ ٻاراڻو ڪلام ٻارڙن جي ٻاري ۾ ڳايو هو، جيڪو رڪارڊ جي شڪل ۾ اڄڪلهه به ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو تان نشر ٿيندو آهي. تلڪ چاڙهي تي ٻيڙي ڊوڙي، سنڌو ندي ۾ ريل، ڏسو ٻارو هي نرالو کيل“ سو ان ڪلام جيان اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري صوبي سنڌ اندر ته واقعي سڪي تي ٻيڙي ۽ پاڻي ۾ ريل هلائڻ واري حالت آهي. ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ داخل ٿيڻ وقت ان جو پهريون علائقو صاف ۽ سٺو نظر اچڻ وقت، اها پڪ ٿي ويندي آهي ته اندر به شهر اهڙو ڀلوڙ هوندو. ملڪ جا روڊ ۽ رستا به اهڙو سٺو منظر پيش ڪندا آهن. هن وقت اخباري ميڊيا ۾ هڪ روڊ ۽ رستو تمام گهڻو زير بحث آهي، يعني ميرپورخاص ۽ حيدرآباد روڊ، جنهن کي حيدرآباد مان نڪرڻ وقت هڪ ”ٽول پلازه“ جيڪو دنيا جي ستن عجوبن کانپوءِ شايد دنيا اندر اٺون عجوبو آهي، ان تي پهرين نظر پوڻ شرط احساس ٿيندو آهي ته اهي ڪا حالي ووڊ يا بالي ووڊ جي سئنيما آهي ۽ ان تي وڏا وڏا پوسٽر اداڪارن جا آويزان ٿيل آهن پر ويجهو اچڻ شرط ان ۾ ڏسبو آهي ته ان تي سياستدانن جا پينافليڪس سجايل هوندا آهن، سو به اهڙي طرح جيئن هڪ ڊاڪٽر بيماري کان خاص دوا سان گڏ بيماري لاءِ مختلف هيلپر يعني ٻانهن ٻيلي واريون دوائون به پرچي ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي ريت هن ٽول پلازه مٿان تصويرون، ماهرن هڻي ڇڏيون آهن ۽ هن وقت هي جنهن جي به ٺيڪي ۾ آهي، سو پنهنجي ڇڏي آيل ملڪ جي خاص اداري کي بدنام ڪندي، ان جو عوام کي خوف ڏيندي چئي ٿو ته آئون ”رٽائرڊ“ پر حيثيت رکندڙ آهيان، ان سان سندس سابق عهدي ۽ سابق اداري جي بدنامي آهي، اهو نه چئي ته بهتر آهي. هي ٽول پلازه ٺهڻ کانپوءِ چالو ٿيڻ تائين اهو صاف واضح نٿي سگهيو آهي ته هن جو اصل والي وارث ڪير آهي؟ بس سڀ ڪم مست قلندر جي نالي ۾ هلندڙ آهي ۽ ڪنهن وقت ڪنهن طاقتور ميڊيا واري سان ڏاڙهي پٽ ٿيڻ ۽ بيعزتي ڪرڻ بعد ان جي موٽر فري ٿي ويندي آهي ۽ هن ٽول جي انتظاميه ايتري قدر هوشيار ۽ شاطر آهي، جيئن دنيا ۾ اسرائيل جي حڪومت، يعني اسرائيل جي سرڪار، عربن کي ڪنهن به وقت گڏ ڳالهين ۾ شرڪت نه لاءِ سڏايو آهي ۽ هر عرب ملڪ کي ڌار، ڌار ڳالهيون ڪري، ان سان ٺاهه ڪيو آهي، بلڪل ان طريقي جيان حيدرآباد، ميرپورخاص روڊ جي ٽول انتظاميه جدا جدا شڪايت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ ان شڪايت ڪندڙ ”ڏاڍو سو گابو جيان“ جي گاڏين کي مفت سهولت ڏني آهي، جيڪي ماڻهو پنجاب ويندا هوندا، تن ۾ هر شهر ۾ ٽول پلازه ڏٺا هوندا، جيئن راقم به ملتان کان مظفر ڳڙهه، ڊيره غازي خان کان ويندي کوڙ ”ٽول“ ڏٺا آهن پر هر هڪ تي ٽيٽهن روپين جي اوڳاڙي ڪئي ويندي آهي، ليڪن هن حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي تعلقه حيدرآباد ۾ بلڪل لوڪل هئڻ جي باوجود به ساڳي ضلعي اندر عوام کان 50 روپيا ڌاڙيلن جيان ڦريا وڃن ٿا. ان لاءِ ٽنڊوالهيار وٽ….. هجي. سنڌ حڪومت کان وٺي مقامي سياستدانن ايم پي اي، ايم اين اي تائين سڀ جا سڀ انهيءَ وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوئيندڙ آهن. هي ٽول پلازه مقامي سياست ڪندڙن جي ”آڪسيجن“ کانسواءِ قطعي نٿو هلي سگهي. مذڪوره ٽول پلازه ائين آهي، جيئن ديوار چين يا اڳ واري اولهه جرمني ۽ اوڀر جرمني واري ڀت، جنهن کي آخرڪار جرمن جي عوام گڏجي ڊاهي پٽ ڪيو هو.

هن ٽول تي روز روز فساد ٿيندا رهن ٿا. تازو به هڪ جهيڙو رونما ٿي چڪو آهي ۽ ان کانپوءِ راقم انتهائي پريشاني واري عالم ۾ سنڌ جي اطلاعات وزير ۽ پنهنجي ڳوٺائي ۽ وڏن (سندن والد انعام الحق ۽ عبدالحق جي صحبت سبب) سان ويجهڙائپ جي ڪري فون ڪري کيس چيو ته اوهان هتان تر جا چونڊيل نمائندا آهيو ۽ هي ٽول پلازه تي روز روز جو مسئلو، ائين سمجهو ته آئون سڀاڻي واري اخبار اڄ پڙهي رهيو آهيان ته ”حيدرآباد، ميرپورخاص روڊ تي هنگامو چار ماڻهو مري ويا، سنڌ جي وزيراعليٰ جو بيگناهه ماڻهن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار، ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار معطل ۽ فوتين لاءِ معاوضي جو اعلان ۽ سڀئي مقامي گاڏيون ٽئڪس کان آجيون هونديون.“ منهنجو فون ٻڌي شرجيل انعام ميمڻ عزت ڏيندي چيو ته ”هن وقت حيدرآباد ۾ ان سلسلي ۾ ميٽنگ ڪريون ٿا الله خير ڪندو“ ان لاءِ هڪ ٻيو فون ٽول ڪميٽي جي چيئرمين مير شير محمد ٽالپر کي به ڪيو ويو پر مير صاحب فون تي ڪال وڃڻ باوجود نه ڳالهايو. ان ميٽنگ کانپوءِ ٽول جي مريضن کي فورن هڪ ”ٿيلهي“ چاڙهي وئي آهي ته کيسانه تائين ذاتي گاڏي، ڪرڙ، ڪانڊيري، انب جي مفت هلندي پر ان لاءِ لسٽ، ان بعد ان تي عمل ڪيو ويندو. جڏهن ته في الحال ڪم بدستور جيئن جو تيئن ٽٽيهر جون ٽنگون ٽي وانگر جاري رهندو. ڏسجي ته حيدرآباد، ميرپروخاص روڊ جو ٽول پلازه فلسطيني ۽ ڪشمير مسئلي جيان مسئلو اقوام متحده جي حوالي ته نه ڪيو ويندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *