ڇا وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏيندو …….؟؟: حسن ناز سومرو

ڪيتري عرصي کان وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي خلاف پاناما ليڪس جي الزامن خلاف تحقيقات جاري هئي جنهن جي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي ويئي هئي جنهن کي جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم) جو نالو ڏنو ويو هو. جنهن ۾وزيراعظم نواز شريف جي خلاف گڏيل هڪ ٽيم جوڙي ويئي هئي جنهن تحقيقات ڪري پوري رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، هن رپورٽ ۾ ميان محمد نواز شريف، مريم نواز ۽ سندس پٽ حسن نواز کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي

جي آءِ ٽي جي هن رپورٽ ۾ پڻ اهو ڄاڻايو ويو آهي 1970ع  ۾ ميان شريف جيڪو ميان محمد نواز شريف صاحب جو والد هو جنهن جا اثاثا تقريبن 10 لک روپيه هئا  ته 1980ع ۽ 1990ع ۾ ميان صاحب جي اثاثن ۾ اچانڪ اضافو ٿي ويو پر وري 1992 ۽ 1993ع ۾ هڪ  سال دوران ميان نواز شريف جا اثاثا اچانڪ وڌي 3 ڪروڙ 20 لک روپيه ٿي ويا ويا جن جو ڪوبه رڪارڊ موجود نه آهي، ان کان علاوه ڪيتري عرصي کان وزيراعظم پاران ٽيڪس به ادا نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته دبئي ۽ لنڊن ۾ مريم نواز ۽ حسن نواز جون ڪيتريون ئي آف شور ڪمپنيون پڻ آهن جن جو ڪوبه رڪارڊ موجود نه آهي،

پر وزيراعظم ميان محمد نواز شريف هن رپورٽ کي تعصب تي ٻڌل رپورٽ قرار ڏيئي ڇڏيو آهي پر وري ٻئي طرف ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ميان محمد نوازشريف هر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي کڙپيل سياستدان جناب آصف علي زرداري کان مدد وٺندو آهي سو پهريان به جڏهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ وٽ ڌرڻو لڳايو هو ته ان وقت حڪومت کي تمام وڏو خطرو لاحق ٿيو هو ته ان وقت ميان محمد نواز شريف سنڌ جي مشهور سياستدان آصف علي زرداري جون خدمتون حاصل ڪيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ اها آيل آفت ٽري ويئي هئي پر هينئر جڏهن جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ميان محمد نواز شريف کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ميان محمد نواز شريف آصف علي زرداري سان رابطي ۾ اچي چڪو آهي جنهن جي تصديق شيرين رحمٰن پڻ  ڪري چڪي آهي.

هاڻي سوال هي پيدا ٿي رهيو آهي ته ڇا وزيراعظم ميان محمد نواز شريف تي جي آءِ ٽي جي رپورٽ  ۾لڳل الزامن تي کيس آصف علي زرداري بچائي سگھندو يا اردو جي هڪ شعر مطابق ته

هم تو صنم ڊوبي هين

پر تمهين بهي لي ڊوبين گي

سو هن وقت ميان محمد نواز شريف جنهن مصيبت ۾ ڦاٿل آهي سڀاڻي ان مصيبت ۾ آصف علي زرداري به ڦاسي سگھي ٿو، سو ان باري ۾ سوچڻ وقت کان اڳ واري ڳاله آهي پر هن وقت ميان محمد نوازشريف پاڻ کي مصيبت ۾ ڦاسندو ڏسي ڪيترن ئي اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڏنا آهن جڏهن ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمٰن صاحب به ميان محمد نواز شريف کي دلاسو ڏنو آهي ته هو سندس ضرور ساٿ ڏيندو.

پاناما ليڪس جي جي آءِ ٽي رپورٽ جي سلسلي ۾ هن سال جو ٽيون وفاقي ڪابينا جو اجلاس پڻ گھرايو ويو آهي، ان کان اڳ ۾ پهريون اجلاس 11 مئي تي گھرايو ويو هو جڏهن ته ٻيو اجلاس 26 مئي تي وفاقي بجيٽ دوران سڏايو ويو هو جڏهن ته اڄ ٽيون اجلاس پڻ ڪوٺايو ويو آهي، هن اجلاس ۾ پاناما جي  جي آءِ ٽي رپورٽ سان پيدا ٿيل بحران ۽ ملڪ لاءِ ونڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ جي آءِ ٽي جي هن رپورٽ کي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جهڙن فيصلن کان علاوه الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جهڙن فيصلن تي غور ۽ ويچار ڪرڻ جهڙا فيصلا زير غور ايندا، سو هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پاناما ليڪس جي جي آءِ ٽي جي هن رپورٽ تي ڪهڙو ايڪشن ورتو وڃي ٿو، ڇا پاڪستان جو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي آءِ ٽي جي آيل هن رپورٽ تي استعيفيٰ ڏئي ٿو يا ڪورٽ سڳوري ۾ وڃي پنهنجي بچاءِ لاءِ درخواست وجھي مدو پورو ڪري ويندو پر اڃان اهڙي پيشنگوئي ڪرڻ وقت کان اڳ واري ڳاله هوندي ته وزيراعظم پاناما جي جي آءِ ٽي رپورٽ تي استعيفيٰ ڏيندو.

m.hassannazsoomro@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *