ڇا هي سڀ اليڪشن تياري جو حصو آهي؟: واحد پارس هيسباڻي

سڀ ائين ٿا چون ته پاڻ وٽ هيل سياري ڪي خاص جوهر نه ڏيکاريا ۽ وقت کان اڳ ئي بنا موڪلاڻي جي روانو ٿي ويو، نه ويندي ويندي وڏڙن وارا ٻڌايل اهي آخري ست پارا پيا ۽ نه سردي ڪي ٻيا اهڙا جوهر ڏيکاريا، جيڪي يادگار بڻجي وڃن. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته ماڻهن جي طبيعتن جيان  هاڻي موسمن جي ٿڌاڻ به گهٽجي رهي آهي. هن ڀيري وقت کان اڳ گرمي جنهن انداز ۾ پنهنجا تيور ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن، ان سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، نه ته عام طور تي ائين ٿيندو هو ته سيارو گذرڻ کانپوءِ بهار پنهنجا رنگ پسائيندي هئي پر هن ڀيري بهار به ڪي رنگ نه ڏيکاريا. جيئن پاڻ وٽ آفيشل ڊيڪورم تحت شيون ٿرو پراپر چينل وينديون آهن ۽ ڪٿي به جيڪڏهن ڪا ويهه اوڻيهه ٿيندي آهي ته ان کي ڪراس ڪرڻ جو نالو ڏنو ويندو آهي سو هن ڀيري ائين لڳي رهيو آهي ته موسم ٿرو پراپر چينل بدران ڪراس وارو انداز اختيار ڪيو آهي. سياري پنهنجي چارج بهار کي ڏيڻ بدران سڌو سنئون اونهاري کي ڏئي ڇڏي آهي. بهرحال اهي ته موسمن جا احوال آهن جيڪي پل ۾ بدلبيون ۽ پل ۾ صحيح ٿينديون رهن ٿيون ۽ ان بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. موسميات کاتي وارا جيڪي پگهار ئي ان ڪم جي کڻندا آهن ته موسمن جي گهٽ وڌائي جو جائزو وٺي قوم کي آگاهي ڏئي سگهن. اڪثر ڪري انهن کان به معاملا زور هوندا آهن ۽ برسات نه پوڻ جي اڳڪٿي برسات سان گڏ عوام وٽ پهچندي آهي ۽ ڪڏهن برسات وسڻ واري ڳالهه کانپوءِ آسمان تي هڪ ڪڪر به نه مڙندو آهي.

پاڻ وٽ هڪ پاسي موسمياتي حوالي سان گرميءَ جو زور چوٽ چڙهيل آهي ته ٻئي پاسي سياست جي ميدان ۾ به صورتحال ڪا گهڻي مختلف ناهي اُتي به گرميءَ جو درجو جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيو آهي ۽ پاڻ جهڙن ٻُڌ سُڌ تي هلندڙ ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته نيٺ هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇو ٿي رهيو آهي؟ ۽ ڇا ٿيڻو آهي؟ هاڻي جڏهن ميان نواز شريف جي اقتدار ۾ باقي ڪو سال ڏيڍ جو عرصو مس بچيو آهي، تڏهن هن جي سرگرمي ڏسڻ وٽان آهي. پنجاب ۾ ته هي جلسن جلوسن جي حوالي سان مسلسل سرگرمِ عمل آهي پر اڄڪلهه سندس زور سنڌ طرف پڻ مڙئي ڪجهه سوايو نظر اچي رهيو آهي. مهيني سوا جي مختصر عرصي دوران هي سنڌ جا ٽي چڪر لڳائي چڪو آهي ۽ نه رڳو جذباتي قسم جون تقريرون ڪري پنهنجي حامين کان تاڙيون وڄرائي ويو آهي پر گڏوگڏ ڪجهه پرڪشش پيڪيج پڻ اعلاني ويو آهي، جن ۾ روڊ رستا، يونيورسٽيون ۽ انٽرنيشنل هوائي اڏا ٺاهڻ وغيره شامل آهن. اُها الڳ ڳالهه آهي ته سندس اقتدار جي باقي بچيل مدي دوران اُهي پيڪيج عملي صورت اختيار ڪن ٿا يا نه ۽ جيڪڏهن انهن جي شروعات ٿئي به ٿي تڏهن به پايه تڪميل تي پهچن ٿا يا روايتي سرڪاري پيڪيجن وانگر اڌ ۾ رُلي تباهه ٿي وڃن ٿا. ميان صاحب دعويٰ ڪري ويو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ هيءَ ئي ڪامياب ٿيندو ۽ سنڌ ۾ سندس پارٽي جي حڪومت ئي جڙندي. ڪيترائي سياستدان هن سان رابطي ۾ آهن ۽ سندس پارٽيءَ ۾ اچڻ جا خواهشمند آهن. هن معاملي جو دلچسپ پاسو هيءَ آهي ته هڪڙي ڏينهن ميان صاحب حيدرآباد ۾ اهڙي قسم جون دعوائون ڪري وڃي ٿو ته ٻئي ڏينهن وري سندس پارٽيءَ جو صوبائي صدر اسماعيل راهو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪڙي صحافي دوست ڏاڍو دلچسپ تبصرو ڪيو ته نوان ماڻهو اچڻ ته گهڻي پوءِ جي ڳالهه آهي پهريان ميان صاحب پنهنجا ماڻهو ته سنڀالي.

جيڪا سرگرمي ميان صاحب سنڌ ۾ ڏيکاري رهيو آهي اُن ساڳي سرگرمي سان وري پيپلزپارٽي پنجاب ۾ لٿل آهي ۽ لڳ ڀڳ اهي ساڳيون دعوائون ئي ڪري رهي آهي پر پنجاب ۾ سندس جيڪا پوزيشن آهي اُها ڪنهن کان لڪل ڍڪيل ناهي، اتي هن کي پنهنجا پير کوڙڻ لاءِ تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي. عمران خان ٽائيپ ماڻهو وري هن سموري معاملي کي ”ڊيل“ جو نالو ڏئي رهيا آهن انهن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اندروني طور تي پ پ ۽ نواز ليگ پاڻ ۾ ٺهيون پيون آهن. هي سڀ ڪجهه ٽين طاقت جو رستو روڪڻ لاءِ (اصل ۾ خان صاحب جو اشارو پاڻ طرف آهي) ۽ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ڪري رهيون آهن. ان لاءِ خان صاحب وٽ هڪ کان هڪ دليل آهن جن ۾ شرجيل جي وطن واپسي، ڊاڪٽر عاصم جي آزادي، ماڊل ايان علي جي خير خيريت سان ملڪ مان روانگي سميت هو ٻيا مختلف مثال پيش ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ڊيل جو نالو ڏئي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهي سڀ معاملا عدالتي حڪمن تحت ٿيا آهن. شرجيل هجي يا ڊاڪٽر عاصم يا وري ايان علي هجي انهن کي عدالت طرفان ئي رليف مليو آهي پر خان صاحب جيئن ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهڻ جو ڪمال ڪاريگر سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري هو ڪنهن به معاملي تي خاموش رهڻ پسند نه ٿو ڪري. هڪڙي پاسي هي ٻئي پارٽيون آهن ته ٻئي پاسي تحريڪ انصاف به ميدان تي باقاعدي سندرا ٻڌي نڪتل آهي نه رڳو عوام ۾ پنهنجي حمايت وڌائڻ لاءِ هي ڪوششون ڪري رهي آهي پر اهم اعليٰ اختيارين سان ميل ملاقاتون ڪرڻ واري پاسي به سندس خاص ڌيان آهي، جنهن جو هڪڙو مثال تازو عمران خان جي آرمي چيف سان ڪيل ملاقات به آهي، جنهن تي سياسي مبصر پنهنجي پنهنجي علم ۽ عقل مطابق تبصرا ڪري رهيا آهن. چيو پيو وڃي ته خان صاحب ايندڙ ڀيري وزيراعظم ٿيڻ جو باقاعدي ارادو ڪري ورتو آهي. سندس هي خواهش پوري ٿئي ٿي يا نه ٿي ٿئي ان بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ آهي بهرحال هن همراهه جي جستجو جاري آهي.

سياست جي ميدان تي هي جيڪا گرما گرمي هلي رهي آهي ۽ سرگرميون چوٽ چڙهيل نظر اچي رهيون آهن اُن کي ڪجهه مبصر ايندڙ اليڪشن جي تياريءَ جو حصو چئي رهيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته ڀلي اليڪشن ۾ اڃان سال ڏيڍ جو عرصو بچيل هجي ته ضروري ناهي ته ان ٽائيم پيرڊ تي ئي اليڪشن ٿئي. ممڪن آهي ته اُها اڳ ۾ به ٿي وڃي. ان سلسلي ۾ هي پاناما ڪيس واري فيصلي کي وڏي اهميت وارو چئي رهيا آهن جنهن بابت اهي خبرون هلي رهيون آهن ته اُهو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اچي ويندو. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو فيصلو شريف خاندان جي خلاف اچي ٿو ته يقينن سندن اقتدار ۾ رهڻ جو جواز باقي نه بچندو. اهو به امڪان آهي ته عدالت نئون وزيراعظم چونڊڻ جو حڪم جاري ڪري جيئن يوسف رضا گيلاني واري معاملي ۾ ٿيو هو. جيڪڏهن ائين به ٿئي ٿو، تڏهن به اهو شريف خاندان هڪ وڏو امتحان وارو مرحلو هوندو. ان صورتحال ۾ شريف خاندان لاءِ پنهنجي پارٽي مان ڪو اعتبار وارو ماڻهو چونڊڻ واقعي به هڪ وڏي آزمائش وارو ڪم هوندو. ٿي سگهي ٿو ته نئين اليڪشن جو اعلان به ٿي وڃي پر اهو سڀ ڪجهه عدالتي فيصلي تي دارومدار رکي ٿو ته اهو ڪهڙي نوعيت جو هوندو. اهو به ممڪن آهي ته شريف خاندان تي اهو الزام غلط ثابت ٿئي ۽ کين باعزت نموني ان الزام کان آجو ڪيو وڃي بهرحال اهي ته امڪانن واريون ڳالهيون آهن يقين سان ڪير به ڪجهه نٿو چئي سگهي. سڀني کي عدالت جي فيصلي جو انتظار آهي.

عمران خان جيتوڻيڪ هن سموري معاملي کي ”ڊيل“ جو نالو ڏئي رهيو آهي پر جيڪڏهن معاملي کي گهرائيءَ سان ڏسجي ته هي ڊيل نه ٿي لڳي ها باقي ان کي اليڪشن جي تياري جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. ٻنهي پارٽين جي ليڊرشپ طرفان جيڪي هڪ ٻئي خلاف سخت بيان اچي رهيا آهن، انهن کي ڏسي ”ڊيل“ وارا آثار بلڪل به نظر نه پيا اچن. باقي سياست ۾ ته ڪجهه به ناممڪن ناهي. بظاهر ٻئي پارٽيون پوري ڪوشش ۾ آهن ته ايندڙ اليڪشن ۾ هيءَ ئي ڪامياب ٿين. سنڌ ۾ ته پيپلزپارٽي تقريبن سڀني مخالفن کي پنهنجي ڪئمپ ۾ آڻي ميدان صاف ڪري ورتو آهي. هاڻي سندس سڄو زور پنجاب ۽ ٻين صوبن واري پاسي آهي. ساڳيو معاملو نواز ليگ جو آهي، جيڪا پنجاب ۾ جيتوڻيڪ ايتري مضبوط نظر نه پئي اچي جيتري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي آهي، پر پوءِ به انهيءَ کي اتي اڪثريتي سيٽون ملڻ جو آسرو ضرور آهي ۽ هي اتي گهڻي محنت ڪرڻ بدران باقي صوبن جن ۾ سنڌ ۽ خيبر پختونخواه اهم آهن اتي محنت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اتي گهٽ ۾ گهٽ ايتريون سيٽون ضرور کڻڻ چاهي ٿي جيڪي سندس صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندگي جو ڀرم برقرار رکن. سنڌ ۾ ته ان حوالي سان سندس خواب جي ساڀيان ڪجهه مشڪل نظر اچي رهي آهي، ڇو ته هاڻي هن سان ٿر جي ارباب رحيم ۽ ٺٽي جي شيرازين کان سواءِ ڪير به گڏ نه رهيو آهي. انهن ماڻهن سان به پ پ جون ڳالهيون هلندڙ ٻڌايون پيون وڃن. ان ڪري اليڪشن تائين انهن جي شموليت جي امڪان کي مڪمل طور تي رد نٿو ڪري سگهجي. باقي رهيا راحيلا گل مگسي، سيد شاهه محمد شاهه، سليم ضياء ۽ کيئل داس ڪوهستاني جهڙا اڳواڻ ته انهن جي جيڪا سياسي پوزيشن آهي اها اسان سڀني جي سامهون آهي. بهرحال معاملا ڏاڍا دلچسپ آهن، پل پل ۾ صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. هي صورتحال اليڪشن تائين ڪهڙي حد تي پهچندي، ان بابت يقين سان ڪير به ڪجهه نٿو چئي سگهي، سو ان لاءِ بهتر ائين ئي ٿيندو  ته ايندڙ وقت جو انتظار ڪجي.

wahidparas@yahoo.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *