ڇا بلاول ڀٽو زميني حقيقتن کي ترجيح ڏئي سگهندو؟ نسيم بخاري

پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ فعو ٻيهر بحث مباحثي هيٺ آئي آهي، ائين ناهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي. پ پ هونئن به بحث هيٺ رهندي آئي آهي پر هن ڀيري وارو حوالو پنهنجي حوالي سان جيڪا نئين نواڻ کڻي آيو آهي، ان واقعي به نوان رخ سامهون آندا آهن.اڄ هن سٽن لکڻ کان اڳ بلاول ڀٽو جي سياسي مستقل ۽ حڪمت عملين جي حوالي سان مون جڏهن سوچيو پئي ته دل ۾ اهو خيال آيو هو ته ڇا بلاول جيڪو ڪجهه چئي ۽ ڳالهائي رهيو آهي، سو ان جي پنهنجي مشاهدي جو نتيجو آهي يا ان کي ڪا آئيڊيا ڏئي ان تي عمل ڪرڻ جو چيو ٿو وڃي؟بلاول ڀٽو نوجوان آهي. محترمه جي نشاني آهي ۽ سياست جي اُفق تي حادثاتي طور تي اُڀري آيل نئين رت آهي. 27 ڊسمبر 2007ع تي جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ شهيد نه ڪئي وڃي ها ته ڇا اڄ بلاول پاڪستان پيپلزپارٽي جو مک اڳواڻ هجي ها؟ يقينن نه. ان حادثي آصف علي زرداري کان سياسي اڳڀرائي ڪرائي. پارٽي جون واڳون سندس حوالي هيون ۽ آهن. هو ملڪ جو صدر بڻيو ۽ پاڪستان جي اقتداري محلاتي سازشن جون سٽون سهندو آيو. هن صبر ۽ ڌيرج سان پنهنجو وقت ٽپايو ۽ جهڙي انداز سان وقت جي للڪارن سان هن منهن ڏنو ۽ مُهاڏو اٽڪايو سو واقعي داد جوڳو آهي. اسان وٽ وفاداري ۽ اهليت ٻه هڪڙا اهڙا موضوع آهن، جيڪي سدائين بحث طلب رهيا آهن ۽ اڄ به بحث جوڳا آهن. آصف علي زرداري پنهنجي پنج ساله دور ۾ ۽ ان کانپوءِ به پنهنجي وفادار ساٿين کي اختيار ڏنا. کين مضبوط ۽ طاقتور بڻايو ۽ انهن مکيه سگهه کي جهڙي ريت ڪتب آندو ۽ ان جا جيڪي سماج تي اثر پيا سي ضرور غور طلب آهن. آصف علي زرداري اهل ماڻهن کي جيڪڏهن اختيار ڏئي ها ۽ اهي پنهنجا نتيجا به ڏين ها ته اڄ پڪ سان صورتحال تبديل هجي ها. شايد اهو ئي سبب آهي جو بلاول ڀٽو کي پنهنجي حڪومت جي ڪمزورين جو اعتراف ڪرڻو پيو آهي. هن معافي ورتي آهي پر سوال اهو آهي ته اها معافي ڪنهن کان ۽ ڪنهن جي لاءِ؟سنڌ جو عوام ته پ پ وٽ گروي ٿيل آهي، اسان خيبر پختونخواهه جي عوام جيان ناهيون جيڪو هر دفعي پنهنجو مينڊيٽ مٽيندو ٿو رهي. سنڌ جا ماڻهوءَ گذريل چاليهن سالن کان پاڪستان پيپلزپارٽي جي جهنڊي هيٺ جهمريون هڻندا آيا آهن اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪالهه اهي ڀٽوز سان سياسي عقيدت جي احساس طور پ پ سان گڏ هئي پر اڄ اها ڏنڊي جي زور تي يرغمال آهن. ڏنڊي جو مطلب طاقت آهي. طاقت جيڪا پ پ جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز وٽ آهي ۽ اهي نه ڪارڪن آهن نه غريب آهن نه انهن جون پارٽيءَ لاءِ ڪي قربانيون آهن. هنن جا پنهنجا راڄ ڀاڳ آهن. هڪ سماجي حيثيت آهي هو پنهنجي تر جا انتهائي سگهارا انسان آهن ۽ اتي ناهي ته اهڙا ماڻهو ڇڙو پ پ ۾ آهن. اسان جي سياسي پارٽين ۾ حقيقت ۾ اهڙن ماڻهن جو ئي غلبو آهي. هنن کي پارٽين جي نه پر پارٽين کي هنن جي ڪاڻ هوندي آهي. هو پارٽين جي منشور ۽ ضابطئه اخلاق نه پارٽيون هنن جي موڊ، مزاج ۽ طبيعت جي طابع آهن ۽ سڄي خرابي ٿي ئي ان صورتحال سبب ٿي.تنهن ڪري اڄ جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري ڪي معافيون وٺي ٿو ته اهي اخبار جي خبر نه تلافيءَ جي  جواز به پيدا ڪن. بلاول ڀتو جي معافي ڪنهن کان ۽ ڪنهن جي لاءِ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هر ڪو پنهنجي حساب سان جواب ڏئي رهيو آهي ۽ جهڙي نوعيت جا ان حوالي سان تبصرا آڏو آيا آهن انهن مان لڳي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري کي گهڻ رخي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا اڃا تائين آڏو نه آئي آهي ۽ حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته پ پ قيادت به ان حوالي سان هڪ پيج تي نه آهي اها ورهايل آهي ۽ الڳ يا متضاد بيان ڏئي رهي آهي.هڪ پاسي تعليم وارو صوبائي وزير نثار کهڙو اهو چئي ٿو ته ڪرپشن ڪن وزير، مشير، ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون انهن جون پر انهن جي نااهلين جي ازلي لاءِ معافيون وري بلاول ڀٽو کي وٺڻيون ٿيون پون.نثار کهڙي کي بلاول ڀٽو جي معافي ناگوار لڳي آهي پر سائين قائم علي شاهه جيڪو سنڌ حڪومت جو سرواڻ آهي، سو چوي ٿو ته جڏهن بلاول ڀٽو به معافي ٿو وٺي ته پوءِ وزير مشير ۽ چونڊيل نمائندا ڇو نه ٿا سڌرن. اهي سڌا ڇو نه ٿا ٿين ۽ ڇا سبب آهي جو انهن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ بدران برتريءَ جي طرف وڃي رهي آهي؟ سيد قائم علي شاهه جا بيان غور سان پڙهڻ کانپوءِ پتو پوي ٿو ته پ پ ۾ ڪيڏي نه وڏي پئماني تي بي پرواهه ۽ بي نياز ماڻهو ويٺل آهن، جن تي ڪنهن جي تڪ ئي نه آهي جيڪي ڪنهن کي ليکن ئي نه ٿا ۽ جن جو ڪو به ڪعبو قبلو ۽ دين ايمان ئي ناهي.ائين ناهي ته اهي ماڻهو پ پ جو هاڻ تعارف بڻيا آهن ۽ ائين به ناهي ته ڪو آصف علي زرداري جي آشيرواد سان اهڙن ماڻهن جي پ پ ۾ انٽري ٿي آهي، اهي ماڻهو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به گڏ هئا، اهي ئي ماڻهو محترمه بينظير ڀٽو سان به سلهاڙيل هئا. ها ايترو سو ضرور آهي ته وقت سان گڏ نسل تبديل ٿي آهي اڳ جيڪڏهن پ پ ۾ ڪو ڏاڏو ويٺل هو ته هاڻ پاڻ پوٽو ويٺو آهي جيئن آغا تيمور جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. شڪارپور ۾ آغا غلام نبي خان ذوالفقار علي ڀٽو سان آغا طارق بينظير صاحبه سان ۽ آغا تيمور وري اڄ آصف علي زرداري جي پيپلزپارٽي ۾ ويٺو آهي پر جيستائين محترمه هئي، تيستائين اڳواڻ ڪنهن ضابطي ڪنهن پڪڙ ۽ پڇا هيٺ هوندا هئا. شهيد ڀٽو به هنن جو سبق وٺندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شهيد  پنهنجي دور ۾ پنهنجي ورڪرن ۽ عهديدارن کي جيڪي عزتون ۽ اهميتون ڏنيون سي تاريخ جو حصو آهن. هنن جيڪا پارٽي جي مالڪي ۽ وارثي ڪئي سا رڪارڊ جي ڳالهه آهي. شهيد ڀٽو ۽ محترمه شهيد اڳيان ڀلو خان، وڏيرو، مير، سردار ۽ ڀوتار ڳالهائي نه سگهندو هو. هنن جيڪا خاموشي ۽ عقيدت اختيار ڪئي سو اڄ خواب آهي. هنن جيئن دڙڪا ۽ داٻا سٺا ان جو ڪو به مثال ڪونهي پر هاڻ ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي نه ٿي هلي.هاڻ پارٽي کي پارٽي ڪري هلايو ئي نه ٿو وڃي. ضلعي ۽ تعلقي سطح تائين سالن ۾ به ڪي گڏجاڻيون نه ٿيون ٿين. ڪارڪن ۽ عهديدارن جا اهنج معلوم نه ٿا ڪيا وڃن نه ڪي انهن جي ازالي لاءِ ڪي اهتمام ٿي رهيا آهن عوام جي اشوز تي عملي طور تي ڪا جدوجهد ته پنهنجي جاءِ تي پر لوڪ ميار کي آڏو رکندي لفظي وات ٽڪائي به نه ٿي ڪئي وڃي؟پيپلزپارٽي جي اڪثر اڳواڻن کي اها خبر به نه هوندي آهي ته سندن تڪ جي عوام جا ڪهڙا مسئلا آهن، هو پنهنجي تڪن ۾ مهمانن وانگر اچي مخصوص ماڻهن سان ملي وري ڪراچي يا اسلام آباد هليا ويندا آهن. هو عوام جي ڏک سک، شادين ۽ غمين ۾ فقط چونڊن جي وقت ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪا ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ ناهي.(هلندڙ

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *