چين جي ترقيءَ ۾ دور انديش قيادت جو ڪردار : ڊاڪٽر مويانگ پينگ

چين ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي اڄ جنهن سطح تي پهتو آهي، سو ڪنهن شارٽ ڪٽ نه پر چيني قيادت جي دور رس پاليسين جو ئي نتيجو آهي. خاص ڪري چين جي موجوده صدر زي جن پنگ جيڪو ”جامع چار نقاطي“ پروگرام متعارف ڪرايو آهي، تنهن ته چين جي ترقيءَ کي چار چنڊ لڳائي  ڇڏيا آهن. هن جامع پروگرام جو بنيادي مقصد اهڙي وچٿري خوشحال معاشري کي جنم ڏيڻ آهي، جيڪو ترقيءَ جون راهون طئي ڪندو اڳتي وڌندو رهي. هن جامع چار نقاطي پروگرام ۾ وچٿري خوشحال معاشري جي قيام سان گڏوگڏ سڌارن وارو عمل تيز ڪرڻ، قانون جي بالادستيءَ کي پختو بڻائڻ توڙي تنظيمي نظم و ضبط کي ويتر مضبوط بڻائڻ وارا نقطا به شامل آهن. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي ارڙهين قومي ڪانگريس يا 18 هين سينٽرل ڪميٽيءَ جي ابتدائي نشستن جي گرائونڊ ورڪ کانسواءِ هن چار نقاطي جامع پروگرام کانسواءِ ٻي ڪا وڏي نظرياتي اڳڀرائي نظر نه ٿي اچي. هاڻي ته عامُ چيني شهري به سياسي نظريي ۽ ملڪي حقيقت وچ ۾ لاڳاپي کي آسانيءَ سان سمجھي سگهي ٿو. چين جي موجوده قيادت خاص ڪري چيني صدر زي جن پنگ ملڪي معيشت کي به نئون رخ ڏنو آهي. 2014ع ۾ نومبر جي وچ ڌاري چين جي گاديءَ واري هنڌ بيجنگ ۾ ٿيل اجلاس ۾ صدر زي جن پنگ نئين معاشي معمول کي ڪجهه هن طرح بيان ڪيو هو”خطرناڪ ۽ تڙ تڪڙ واري معاشي ترقيءَ کان وچٿري ۽ تيز رفتار ترقيءَ  ڏانهن وِک ذريعي ملڪ جي معاشي ڍانچي جي بهتريءَ ڏانهن مسلسل اڳڀرائي سان ئي مقرر هدف ماڻي سگهجن ٿا. گڏوگڏ سيڙپ تي ڀاڙيندڙ معيشت بجاءِ نت نئين ۽ ترقيءَ  جي نوعيت واري معيشت ڏانهن وڌڻ ئي اسان جو مکيه مقصد آهي.

نئين معمول واري پروگرام تحت اڳڀرائي: پنج هزار  سال قديم تاريخ ۽ تقريب هڪ ارب 30 ڪروڙ آبادي رکندڙ هن ملڪ آخرڪار پنهنجو پاڻ کي عالمي صورتحال جي مرڪز منجھان پٺتي ڪيو آهي ۽ گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ ٻيڻي معاشي ترقي به ڏسي چڪو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ته سوشلزم جو ابتدائي مرحلو آهي ۽ ايندڙ ڳچ عرصي تائين به ائين ئي رهڻو آهي، ڇو ته ان جي في ڪَس قومي ترقيءَ جي شرح عالمي طرح سئو نمبر تي آهي. حالانڪه ان جي معيشت کي تازو ئي دنيا جو ٻيو نمبر معيشت هئڻ جو اعزاز به مليو آهي، ڏٺو وڃي ته ترقي چين جو مکيه ۽ اهم معاملو رهيو آهي. چين علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٻين خطن ۽ ملڪن سان پاڻ کي ڳنڍي رکڻ لاءِ کوڙ سارا منصوبا شروع ڪيا آهن، جنهن ۾ سلڪ روڊ معاشي بيلٽ ۽ 21 هين صدي ميري ٽائيم سلڪ روڊ وارا منصوبا قابل ذڪر آهن.

ايشيائي بحرالقاهل سان چين کي ڳنڍي رکڻ جو خواب: چين جو خواب پاڻ کي دنيا کان الڳ ٿلڳ رکڻ ناهي، چين جي قيادت عالمي برادريءَ سان ٻنهي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قدم پئي کنيا آهن. گذريل ڪجهه سالن ۾ صدر زي جنگ پنگ تقريبن 30 ملڪن جي سربراهن کي چين دعوت ڏئي گهرايو آهي، جن جو تعلق دنيا جي پنجن کنڊن سان هو، ڏٺو وڃي ته چين جي ترقيءَ وارو خواب ايشيا بحرالڪاهل جي ترقيءَ جو خواب آهي، چين جي سفارتڪاري لاءِ ايشيا بحرالڪاهل وارو خطو وڏي اهميت رکي ٿو.

ايڪيهين صدي وارو ميري ٽائيم سلڪ روڊ: لڳ ڀڳ 2000 سال اڳ ميري ٽائيم سلڪ روڊ چين جي ڏکڻ-اوڀر سامونڊي پٽيءَ کان شروع ٿيو، جيڪو ڏکڻ اوڀر ايشيا، آفريڪا توڙي يورپ جي سمنڊ ۽ ساحلن تائين پکڙجندو ويو. هيءَ واپاري راهداري اوڀر ۽ اولهه کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ وکرن جي مٽا سٽا توڙي هن راهداريءَ جي رستي ۾ ايندڙ ملڪن جي ماڻهن ۽ ثقافتن جي مٽا سٽا، اچ وڃ ۽ ڏيتي ليتيءَ کي هٿي وٺرائي آهي. چين جي صدر 2013ع ۾ تجويز ڏني هئي ته چين  هن قديم راهداريءَ سان ڳنڍيل ملڪن کي گڏجي ايڪيهين صديءَ لاءِ ميري ٽائيم سلڪ روڊ تعمير ڪرڻو ۽ ان سان پاڻ کي ڳنڍڻو پوندو. هن خيال جو مقصد باهمي سياسي اعتماد وڌائڻ، ماڻهن جي هڪٻئي ڏانهن اچ وڃ جي ذريعي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ توڙي گڏيل ترقي ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ آهي. ايڪيهين صديءَ واري ميري ٽائيم سلڪ روڊ جو اهم حصو پاڪ-چين معاشي راهداري اهڙي پُلِ ثابت ٿيندي جيڪا چين، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي، نه رڳو پاڻ ۾ ڳنڍيندي پر عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ خطي ۽ دنيا جي امن ۽ ترقيءَ لاءِ به مددگار ثابت ٿيندي.  24 آڪٽوبر 2014 تي دنيا جي ايڪيهه ملڪن چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ ايشين انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ بينڪ (اي آءِ آءِ بي) قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشتنامي  تي صحيحون ڪيون هيون. هن معاهدي جو مقصد هن خطي ۽ راهداريءَ وارن ملڪن ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو، جن ملڪن مفاهمت جي اهڙي يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون هيون تن ۾ بنگلاديش، برونائي، ڪمبوڊيا، چين، ڀارت، قازقستان، ڪوويت، لاتوس، ملائيشيا، منگوليا، برما، نيپال، اومان، پاڪستان، فلپائن، قطر، سنگاپور، سري لنڪا، ٿائيلينڊ، ازبڪستان ۽ ويٽنام شامل آهن.

پاڙيسري ملڪن سان چين جي سفارتڪاري: ٻن صدين جي مقصدن کي سمجھڻ خاطر پاڙيسري ملڪن سان سٺي سفارتڪاري وقت جي اهم ضرورت آهي، چين کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان سفارتڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. چين ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ وڌڻ ويجھڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. سو چين عالمي ۽ علائقائي سطح تي سفارتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ خطي ۽ دنيا توڙي پنهنجي معاشي ترقي لاءِ پتوڙي رهيو آهي. چين عالمي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

(ليکڪ: ڪراچيءَ چيني قونصليٽ ۾ وائيس ڪائونسلر جنرل آهي)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *