چيني صدر جو دورو، اثر ۽ نتيجا مدد علي سنڌ

عالمي تناظر ۾، هن وقت چين جي صدر جو پاڪستان جو متوقع دورو انتهائي اهم آهي، جيڪو ڪيتري وقت کان ملڪي حالتن سبب ملتوي ٿيندو پئي آيو. چين جو صدر مسٽر ”شي چن پنگ“ جي مجوزه دوري جو باضابطه اعلان ٿيڻ شرط، ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هلچل مچي ويئي آهي. ان حوالي سان گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪٿي ڪانفرنس، ڪا هنگامي گڏجاڻي، ڪو سيمينار وغيره پيو ٿئي.  يقينن پاڪستان جو، چين ماضي ۾ انتهائي ويجھو دوست رهيو آهي عالمي ماحول ۾ هن وقت پاڪستان جون اميدون چين ۾ آهن. خاص ڪري پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ آمريڪا جي ويجھي ڳانڍاپي سبب وري به چين ئي اڪيلو دوست آهي، پاڪستان جو، چين جو صدر يقينن خير سان اڄ اسلام آباد پهچندو. ان حوالي سان رٿابندي واري وزارت، پاڪ-چين رٿابندي، جي تياري ۾ رٿا ٺاهڻ جي ڪم ۾ مشغول آهي. اميد آهي ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾45 ارب ڊالرن جي لاڳت سان پاڪستان ۽ چين جي راهداري جي رٿائن واري ٺاهه تي صحيحون پڻ ٿينديون. اصل ۾ جڏهن بيجنگ ۾ چين جي صدر جو اسلام آباد واري دوري جو اعلان ٿي رهيو هو، ان وقت کان ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار گڏجاڻي ڪرڻ ۾ به چين ويا هئا.

در اصل ڪيترن ماڻهن کي، خبر نه آهي ته اهو راهداري وارو منصوبو ڇا آهي. جنهن تي 45 ارب ڊالر خرچ ٿيندا ۽ اهو  منصوبو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم ٺاهه هوندو. بنيادي طور تي اها رٿا هڪ سال جي دوران تقريبن ڪاغذي طور تي تيار هئي. ان رٿا هيٺ چين ۽ پاڪستان جي سرحد خنجراب کان وٺي گوادر بلوچستان تائين، رستن ۽ ريل جي تعمبر کانسواءِ بجلي پيدا ڪرڻ جون رٿائون ۽ ٻيا به ڪيترا ترقياتي منصوبا شامل آهن. هن رٿا جي تفصيلات هن ريت آهي ته 10400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا، 832 ڪلو ميٽر رستن جي تعميرات، 1763 ڪلو ميٽر ريلوي لائين کي ٺاهڻ ۽ گوادر بندر گاهه جا ڪيترا ترقياتي ۽ تعميراتي منصوبا شامل آهن، ان کانسواءِ چون ٿا ته هڪڙو ٽيلي ويزن چئنل پڻ انهي ٺاهه جو حصو هوندو. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال موجب هن رٿا ۾ اهم ڀاڱو ٻارن جا منصوبا اهم آهن. جڏهن ته هن ئي رٿا تحت سڀ کان اول ڪوئلي جي وسيلي ڇهه هزار ميگا واٽ بجلي، سنڌ جي علائقي ٿر ۾ پيدا ڪئي ويندي. اها بجلي نه فقط ٿرپارڪر ضلعي مان غربت ختم ڪرڻ ۾ سهڪار ڪندي، بلڪه مستقبل ۾ ملڪ لاءِ به اهم ذريعو ۽ وسيلو ثابت ٿيندي.

جيتوڻيڪ ڪجهه ذريعا، يا وري سياسي اڳواڻ چون ٿا ته چين سان طئه ٿيندڙ ترقياتي رٿائون، مهانگيون آهن. پر وفاقي وزير احسن اقبال جو موقف آهي ته چين انهن رٿائن جي تعمير لاءِ سو لن شرطن تي قرض فراهم ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته چين اسانجي نه فقط مدد ڪري رهيو آهي، بلڪه اهو اسانجي ملڪ ۾ ناڻي جي سيڙپڪاري به ڪري رهيو آهي. ۽ ان ڳالهه کان قطعي طور تي انڪار ڪونهي ته ڪنهن به ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ پرڏيهي ناڻي جي سيڙپڪاري تمام ضروري هوندي آهي.  ۽ اها به هڪ کليل حقيقت آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دهشت گردي واري صورتحال سبب غير ملڪي سيرپڪاري کان محروم رهندو آيو آهي. ان لاءِ پاڪستان لاءِ چين  جي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ سان تمام گهڻو فائدو پهچندو. چون ٿا ته گوادر رپورٽ، ٻنهي ملڪن لاءِ نه فقط ڪاروباري مسئلو آهي بلڪه اهو هڪ اسٽريجڪ معاملو پڻ آهي. ماضيءَ ۾ هن پروجيڪٽ کي بلڪل غلط طريقي سان هينڊل ڪيو ويو. اهو پروجيڪٽ پهرئين سنگاپور جي حوالي هو، پر بعد ۾ گوادر بندرگاهه جو ڪم چين جي حوالي ڪيو ويو. هاڻ اهو به چيو پيو وڃي ته چين، ايران مان ايندڙ قدرتي گئس جي پائيپ لائين پاڪستان ۾ تعمير ڪندو. ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪا پاڪستان کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن هن ايران سان گئس پائيپ لائين رٿا ۾ اڳڀرائي ڪئي ته پوءِ پاڪستان تي پابندي لاڳو ڪري سگهجي ٿي. پر هاڻ 31 مارچ 2015 ايران سان آمريڪا سميت ڇهن عالمي طاقتن جي ٺاهه کانپوءِ صورتحال گهڻي حد تائين بدلجي ويئي آهي. پر اها ڳالهه به بلڪل وسارڻ جهڙي ڪونهي ته اڃا تائين ايران تي لاڳو آمريڪي پابندي ختم نه ٿي آهي. عبوري ٺاهه کانپوءِ آخري ٺاهه جو انتظار آهي، جيڪو  جون 2015 ۾ عمل ۾ ايندو. هو اطلاع موجب پاڪستان ۾ ايران سان ڪيل گئس پائيپ لائين رٿا تي ڪم ڪرڻ لاءِ چين سان ڳالهيون ڪري چڪو آهي. پاڪستان کي ان پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالرز گهرجن، هوڏانهن ايران جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجي ملڪ ۾ انهيءَ پائيپ لائين کي مڪمل طور تي وڇائي ڇڏيو آهي. پر پاڪستان ۾ اهو ڪم اڃا شروع نه ٿي سگهيو آهي، ياد رهي ته اها پائيپ لائين ايران ۾ 900 ڪلو ميٽر ۽ پاڪستان ۾ وري 700 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي. انهيءَ ذريعي ايران مان گئس پاڪستان ۾1600 ڪلو ميٽر پائيپ لائين ذريعي اچي سگهندي. اهو پروجيڪٽ شروع ۾ ڀارت تائين وڃڻ وارو هو، پر ايران جي چوڻ موجب ڀارت انهيءَ ٺاهه تان، آمريڪي جي ڪري هٿ کڻي ويو.  2007 ۾ رٿا تيار ٿي هئي گذريل مارچ 2013ع ۾ پاڪستان ۽ ايران جي صدرن انهيءَ رٿا جو افتتاح پڻ ڪيو هو. انهيءَ سال مئي ۾ مسلم ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وزير پيٽروليم شاهد خاقان عباسي چيو هو ته ان رٿا تي ڪو به پرڏيهي ملڪ پئسو هئڻ لاءِ تيار ڪونهي.

هڪ اطلاع اهو به آهي ته پاڙيسري ملڪ ڀارت کي، پاڪستان سان چين جي انهن راهداري واري ٺاهه تي گهڻي ڳٺتي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا 1960ع کان قائم آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ اقتصادي ۽ سڪيورٽي تعاون، ڏکڻ ايشيا جي موجوده حالتن ۾ تمام ضروري ٿي پيو آهي. هڪ مهينو اڳ مارچ 2015 ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ پي چيو هو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ڪا به ڌر چين جي مدد چاهيندا ته اهو پنهنجي خدمتون فراهم ڪندو رهيو. بهرحال گهڻي رنڊڪ کانپوءِ چين جو صدر پاڪستان پهچي رهيو آهي ۽ سندس اهو دورو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، جنهن ڳالهه کان ڪو به ماڻهو انڪار نه ڪري سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *