چرسين جا مسئلا؛عطاالحق قاسمي

اڄ صبح کان هڪ چرسي مون وٽ اچي ويهي رهيو هو ۽ ضد تي هو ته چرسين کي پيش ايندڙ گهرن ۽ وسيع مسئلن تي مان ڪالم لکان ۽ حڪومت جو انهن مسئلن ڏانهن ڌيان ڏياريان.سندس چوڻ هو ته “ توهان لوڊشيڊنگ تي ڪالم لکو ٿا، ٿاڻن ۽ ڪچهرين تي ڪالم لکو ٿا، ناانصافين تي واويلا مچايو ٿا، امن امان جي خراب صورتحال جو روئڻو به رو ٿا، پر مهانگائي ڏانهن ڪڏهن توهان جو ڌيان ئي ناهي ويو.“ مون ڇرڪ ڀريندي چيو: اهو تون ڇاٿو چوين. اخبارون روزانو مهانگائي جي خبرن ۽ ڪالمن سان ڀريون پيون آهن!هن چيو:توهان جنهن مهانگائي جو پٽڪو ڪيو ٿا اها مون کي به خبر آهي، توهان ڪڏهن اهو سوچيو ته چرس ڪيترو مهانگو ٿي ويو آهي. توهان ڪڏهن ان مهانگائي جي خلاف آواز اٿاريو آهي؟پر توهان کي ان سان ڇا؟ اهو ته اسان غريبن جو مسئلو آهي!”هن“غريب جي دانهن ٻڌي منهنجي دل واقعي ٻڏي وئي. مون چيو“ اهو ته تون ٺيڪ ٿو چوين پر ان جو حل ڪهڙو آهي؟“هن چيو: حل اهو ئي اهي ته حڪومت چرس تان پابندي ختم ڪري ۽ عوام کي سستن اگهن ۾ چرس وڪرو ڪرڻ لاءِ هر يوٽيلٽي اسٽور تي چرس رکيو وڃي ۽ جئين صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت مهانگائي کي منهن ڏيندڙ عوام لاءِ جهڙي ريت انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو آهي اهڙي ريت چرسين لاءِ به انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري کين 1000 رپيا مهيني تي ڏنا وڃن.

مون هن سان وعدو ڪيو ته مان پنهنجي ڪالم ۾ اها صلاح حڪومت اڳيان رکندس. هن چيو: رڳو اهو ئي نه حڪومت جو ڌيان پوليس جي ٻن منهن ڏانهن به  ڏياريو وڃي” مون جواب ڏنو مانس اهو ته ڪم اسان ڪندا رهندا آهيون. هن ڪاوڙ ۾ مون ڏانهن نهاريو ۽ چيو ته: مان ان سلسلي ۾ تنهنجي اهميتن کان ڄاڻو آهيان. توکي ته پوليس جون ذيادتيون رڳوان وقت ياد اينديون آهن، جڏهن هو ڪنهن تي ناجائز ڪيس داخل ڪندي آهي، يا رشوت وٺندي آهي، يا ڪنهن عورت جو ريپ ڪندا آهن پر ان وقت توهان جي وات ۾ منڱ پئجي ويندا آهن، جڏهن پوليس اسان بي زبانن کي تنگ ڪندي آهي.“مون کي هن بي زبان جي زبان درازي ۾ مزو پئي آيو، ان ڪري مون پڇيو: پوليس توهان سان ڪهڙي ذيادتي ڪندي آهي؟“ هن گلو گير لهجي ۾ چيو“ اسان جهڙا ماڻهو ڪنهن ڪنڊ ۾ چرس جا سوٽا ويٺا هڻندا آهن. پوليس اتي پهچي ويندي آهي ۽ ٿاڻي وٺي وڃي لتر پسائي هڻندي آهي.ڪيترا ئي ڀيرا ته هرڳوڀرو وٺي ويندي آهي ۽ چوندي آهي ته اسان نوان لتر ورتا آهن،

انهن  جي “رننگ” پوري ڪرڻي آهي”. مون ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي کل روڪي ۽ پڇيو“ انکانسواءِ پوليس ڇا ڪندي آهي؟“چوڻ لڳو: پڇندي آهي ته چرس توهان ڪٿان ورتو؟ اسان ڊپ ۾ ٻڌائي ڇڏيندا آهيون ته فلاڻي هنڌان ورتو آهي. ان تي هو هڪ ڀيرو وري اسان کي لتر هڻندا آهن، ۽ چوندا آهن ته اسان کان ڇو نه ورتو.”چرسي گهڻي دير مون وٽ ويٺو رهيو، پنهنجي دل جون ڳالهيون اوريندو رهيو. سندس چوڻ هو ته هو امن پسند ۽ مذهبي ماڻهو آهن. پنهنجي طبقي جي امن پسندي جي حوالي سان هن اهو دليل ڏنو ته اڄ تائين ڪو به چرسي دهشتگردي جي واردات ۾ ملوث نه مليو هوندو ۽ “مذهب” سان لاڳاپو“سندس چواڻي ته“ ان جو ثبوت اهو آهي ته هو هر جمعي جي ڏينهن بزرگن جي مزارن تي حاضري ڀريندا آهن ۽ اتي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي امن پسندي واري جذبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ چرس پئيندا آهن. هن ٻڌايو ته لاهور ۾ هو هر خميس تي بابا شاهه ڪمال رح جي مزار تي حاضري ڏيندو هو پر پوليس اتان ماري ڀڄائي ڇڏيو.

پوليس جا اهي اهلڪار پڪ سان بي دين آهن. انهن کان پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي.سندس مطابق انهن ڏينهن ۾ هو بابا شاهه ڪمال رح جي آستاني تي حاضري ٿيندا آهن پر انهن کي شڪ هوندو آهي ته پوليس اتي اچي ويندي. مون ائين پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌ لاءِ هن کان پڇيو ته هن وقت چرس جو ڇا ريٽ آهي؟“هن ٻڌايو ته 25 گرام 1000 يا 1200 ۾ ملي ٿو، جڏهن ته اهو ڪڏهن 100 يا 150 ۾ ملندو هو. هن کي اها به شڪايت هئي ته چرس ۾ ملاوٽ به گهڻي پئي ٿئي، ان ۾ مهندي ملائي وڃي ٿي. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت ملاوٽ ڪندڙن جو پڇاڻو ڪري  ۽ عالمن کي گهرجي ته هو انهن ملاوٽ ڪندڙن خلاف فتويٰ جاري ڪن، ڇو ته شريعت جي حساب سان ملاوٽ ڪرڻ وڏو گناهه آهي.منهنجي خيال ۾ حڪومت کي انهن چرسين جا مطالبا ترت مڃي، انهن جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. حڪومت جيڪڏهن سڪون سان حڪومت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان جي خواهش آهي ته انهن جي ڪنهن به قدم خلاف عوام احتجاج نه ڪري ته ان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو نه رڳو اهو ته“ حاضر سروس” چرسين کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏئي پر ٻين ماڻهن کي به چرس تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، رڳو اهو ئي نه پر افين ۽ هروئين استعمال ڪندڙن جي به پوري طرح سرپرستي ڪري  ۽ انهن نشن جو گهڻي کان گهڻو وڪرو به حڪومت لاءِ ضروري آهي ته جئين اعليٰ ڪارڪردگي ڏانهن عوام جو ڌيان نه وڃي سگهي.

ان حوالي سان هڪ تمام بهترين ۽ ڪارائتو مشورو منهنجي ذهن ۾ آيو آهي،جيڪڏهن ملڪ جي ڪجهه ناليوارن ڪالم نگارن، اينڪرپرسنز، رپورٽرز ۽ دانشورن کي به چرس تي لڳايو وڃي ته عوام ۾ بي سڪوني پکيڙيندڙ طبقو پاڻ مرادو چين جي ننڊ سمهندو ۽ عوام جي ننڊ ۾ به خلل نه وجهندو. حڪومت منهنجي هن نسخي تي عمل ڪري ڏسي، ان جا بهترين نتيجا ٿوري وقت ۾ اڳيان اچي ويندا. مان اها ڳالهه پوري يقين سان چئي ٿو سگهان ته ان نسخي تي عمل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن اهي ٻئي طبقا ڪڏهن آمهون سامهون به ايندا ته هڪٻئي جي ڪالر پڪڙڻ بدارن مستي واري ڪيفيت ۾ رڳو“ جهولي لال. جو نعرو هڻندا. باقي ٻيا سمورا نعرا ۽ وعدا وساري ويهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *