چارسده-باچا خان يونيورسٽي اندر ڪيل دهشتگردن جو حملو.!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان خدڪش حملن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن افسوسناڪ ۽ تباه ڪُن لهر جو رُخ موڙي سگهندو؟ جڏهن  ته حالات ايتري تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن. جن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستاني سرڪار هن لهر کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. سمورو پختون علائقو، جنهن ۾ اُتر ڏکڻي سرحدي صوبو ۽ قبائلي علائقا شامل آهن ۽ اُتر بلوچستان جو پختون قبضي وارا علائقا، طالبان جي اثر هيٺ آهن، ايستائين جو پنجاب ۽ سنڌ ۾ به خدڪش بمبار پيدا ٿي رهيا آهن .جنهن جي ڪري پوري ملڪ جو امن هڪ سواليه نشان بڻيل آهي.سال 2016آئي ته پاڪستاني قوم کي انهي سال مان گهڻيون اميدون هنيون ته سال 2016سندس ڏکن جي ٻار کي هلڪو ڪري سگهندي.پر نئي سال جي پهرين هفتي جي شروعات ئي خدڪش حملي سان ٿي.جيڪو ڪوئٽا ۾ سيٽلائيت ٽائون ۾ واقع انسداد پوليو سنٽر تي ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ 15سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا جن مان 13ڄڻا پوليس اهلڪار هئا ۽ ٻه اهلڪار ايف سي جا هئا.جڏهن ته انهي خدڪش حملي اندر 25کان وڌيڪ پوليو ورڪر زخمي پڻ ٿيا هئا.جڏهن ته سال2016جو هي ٽيون هفتو هلي رهيو  آهي.۽ پشاور وري به هڪ دفعو ٻيهر رت سان رنگجي ويو آهي.جڏهن ته پشاور اندر دهشتگردي ڪا نئ ڳالهه ناهي.معصوم ٻارڙن  جو سڪول هجي  ڪا ڪنهن به مذهب جي  عبادت گاه پر پشاور هميشه انهي خدڪش حملن جي ڪري رت ۾ ڳاڙهو ضرور ٿيو آهي.هڪ دفعو ٻيهر هن سال جو ٽيون هفتو پشاور لاءِ لاشن جو طعفو کڻي پهتو آهي.جڏهن ته ڪارخانو باراز خاصدار  پيڪ پوسٽ جي ويجهو هڪ خدڪش حملو ٿيو.جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي ويٺا.جڏهن ته خدڪش حملو ايترو ته خطرناڪ هو .جنهن پشاور جي انهي عوام کي ڇرڪ ڀرائي ڇڏيا، جيڪا هميشه جيان  انهن دهشتگردن جي ڊپ کان پنهنجي زندگي خوف ۽ حراس ۾ گذاري رهي هئي. ڌماڪي سان گڏ ڪيترن ئي دڪانن ۽ گهرن جا شيشا ٽٽي پيا.۽ ٽن گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي هئي.جڏهن ته پشاور اندر ٿيل انهي خودڪش حملي اندر شهيد ٿيلن ۾ ٻه ڪنهن خاص فورس جي اهلڪار ۽ هڪ هڪ نجي ٽي وي چئنل جو رپورٽر  ۽ قبائلي يونين آف جرنلسٽ جو صدر محبوب شاهه ۽ هڪ معصوم ننڍڙي معصوم نينگر به شامل آهي.خدڪش حملي کان پوءِ پوري علائقي کي سڪيورٽي جي اهلڪارن گهيري ۾ آڻي.پاڪ افغان شاهراه کي مڪلمل طور بند ڪري ڇڏيو هو..جڏهن ته حملي جي زميواري تحريڪ  طالبان پاڪستان“ٽي ٽي پي“فضل الله گروپ قبولڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. برحال اها به هڪ حقيقت آهي حملو ڀلي ڪٿي به ڪهڙي به نوتيت جو ڇو نه هجي پر قوم جي تحفظ جي زميواري حڪومت جي هوندي آهي جيڪا شايد وفاق کان وسري وئي آهي.قوم جي بقا ۽ تحفظ ڪرڻ ۾ جڏهن حڪومتون مڪمل طور ناڪام ٿي وينديون آهن ته پوءِ قوم حڪومتن مان آسرو لاهي.پنهنجي زندگي انهي انهن پاپي حادثن جي پاڇي هيٺ گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي.ان ڪري شايد هن وقت پاڪستاني قوم آسرن جي پلجي رهي آهي.

پشاور ۾ ڪيل  حملو پاڪستان جي وري به ماضي ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي خوڪش حملن جو يادگيرون جي طرف وٺي ٿو وڃي.جتي پاڪستان قوم هميشه انهن جانيون ڳڙڪائيندڙ حادثن جي ور چڙهي آهي.پشاور حادثو قوم کي وري مايوسي جا ڪارا ڪڪر ڏئي ويو آهي.ته ان قوم جي بقا ۽ تحفظ لاءِ جن زميواريون سنڀاليون هنيون اهي انهن زميواري سنڀالڻ ۾ ڪيترا ڪامياب ويا آهن ۽ ڪيترا ناڪام ٿيا آهن.اهو ڪالهه واري پشاور واقعي جو نمونو سڀني جي سامهون آهي.چارسده – باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پروفيسر ۽ شاگردن سوڌو 21 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن،اهو حملو  پاڪستان جي هن بهادر  قوم کي ڊڄارڻ جي هڪ اها شازس آهي.جيڪا هن ملڪ اندر اهي دهشتگرد ڪيتري عرصي کان ڪري رهيا آهن.چارسده يونيورسٽي ۾ پختون قومپرست اڳواڻ باچا خان جي ورسي ملهائي پئي وئي.جنهن ورسي جي موقعي تي باچاخان يونيورسٽي اندر هڪ معاشري جو بندو بست ڪيو ويو هو.جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ.شاگرد،استاد،عملي ۾ مهمانن جو هڪ وڏو انگ موجود هو.ته اوچتو فائرنگ ٿي وئي.هشتگردن جي حملي ۾ يونيورسٽي جي پروفيسر حامد حسين سوڌو 21 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، شهيد ٿيلن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو چارسده نيا ويا، شهيد پروفيسر حامد تازو ئي برطانيا مان پي ايڇ ڊي ڪري پاڪستان آيو هو ۽ چارسده يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري جو پرفيسر هو، اکين ڏٺن شاهدن مطابق ته دهشتگردن  اوچتو يونيورسٽي ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي ۽ ڌماڪا ڪيا، جنهن سبب يونيورسٽي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ هر ماڻهو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ جنبي ويو، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي ڪمانڊوز سڄي يونيورسٽي جو ڪنٽرول سنڀالي پهرين ريسيڪيو ۽ پوءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو، ان آپريشن ۾ پوليس به شامل هئي، ريسڪيو آپريشن دوران سڀني ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا هئا، ذريعن مطابق ٻن دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪيٽون به پهريل هيون پر اهي ڦاٽي نه سگهيون.چارسده-باچاخان يونيورسٽي تي حملو ڪندڙ  دهشگردن جي عمر25کان30سال ٻڌائي پئي وئي .جيڪي خبرون ان وقت جي ميڊيا مطابق ملي رهيون هنيون ته اهي دهشتگرد باچا خان يونيورسٽي جي پوئين پاسي کان  ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا هئا.جن اندر داخل ٿيندي اتي موجود شاگردن،استادن،تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.، ميڊيا رپورٽن مطابق يونيورسٽي تي 7 کان 8 دهشتگردن حملو ڪيو، جن مان ڪجهه کي آپگهاتي جيڪيٽون به پهريل هيون، ڌماڪن سبب يونيورسٽي اندر دونهون پکڙجي ويو، جڏهن ته شاگردن، استادن ۽ عملي مختلف هاسٽلن توڙِي آفيسن ۽ ڪمرن ۾ پناهه ورتي، ان دوران دهشتگرد فائرنگ ڪندا اڳتي وڌندا رهيا، جنهن کانپوءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز پهچي سندن مقابلو ڪيو.چارسده-باچاخان يونيورسٽي تي ٿيل حملي جي سنڌ حڪومت،وفاق توڙي پاڪستان آرمي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته معصوم شاگردن ۽ شهرين کي قتل ڪندڙن جو ڪوبه مذهب ناهي، اسان ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ واري ارادي تي قائم آهيون، چارسده يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي سوئٽزرلينڊ مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشگردي خلاف ويڙهه ۾ وطن واسين جون قربانيون ضايع نه وينديون، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف چارسده جي باچا خان يونيورسٽي پهچي ويو هو، پاڪ فوج آرمي چيف جنرل راحيل شريف هيليڪاپٽر ذريعي يونيورسٽي پهتو، سيڪيورٽي ذريعن مطابق آرمي چيف يونيورسٽي پهچڻ تي سڀ کان پهرين ان هنڌ جو معائنو ڪيو، جتان دهشتگرد اندر داخل ٿيا هئا، ان کانپوءِ هن يونيرسٽي جي انهن انهن  هنڌن جو دورو ڪيو، جتي دهشتگردن فائرنگ ۽ ڌماڪا ڪيا، ان دوران جنرل راحيل شريف آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کان تفصيل پڻ وٺندو رهيو، جڏهن ته کيس سرچ آپريشن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي هئي.باچا خان يونيورسٽي جي ڪيل حملي جي مذمت پاڪ آرمي ۽ حڪومت پاڪستان سان گڏ پاڪستان جي عوام به ڪئي آهي.جڏهن ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پڻ انهي واقعي جي مذمت ڪئي.ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي پڻ باچا خان يونيورسٽي تي ڪيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي شيهدن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو هو.ياد رهي ته 16ڊسمبر2014اندر خيبرپختون خواه-آرمي پبلڪ اسڪول پشاور  اندر تحريڪ طالبان پاڪستان“ٽي ٽي پي“حملو ڪري150معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بنايو هو.جنهن کان پوءِ باچا خان يونيورسٽي تعليمي اداري اندر دهشتگردي جو هي ٻيو واقعو آهي.جنهن اندر  تعليمي اداري سان لاڳاپيل 21ڄڻا شهيد ڪيا ويا آهن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *