ڀٽو خاندان جو غير طبعي موت: ظهور ڌريجه

ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو تائين جهڙي طرح ڀٽو خاندان کي غير طبعي موت جي ذريعي رستي تان هٽايو ويو، دنيا جي ڪنهن به تاريخ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، ڀٽو خاندان جي هڪ کان پوءِ ٻئي جو قتل بعد جيڪي اثرات مرتب ٿيا  ان  مان پاڪستاني قوم اڄ تائين ناهي نڪري سگهي، ڀٽو جي قاتل ضياءَ الحق پنهنجو نيڪ نمازي ۽ پارسا جي طور تي ڪرايو ۽ ڀٽو کي پنهنجو محسن چيو، پر انهيءَ پارسا کي جڏهن موقعو مليو ان پنهنجي محسن کي قاتل قرار ڏئي ڦاسي تي چاڙهي ڇڏيو، هڪ فيصلو ضياءَ الحق جي عدالتن ڏنو ۽ هڪ فيصلو عوام جو آهي ته ماڻهو پاڻ کي مومن سڏائيندڙ ضياءَ الحق جي قبر تي نٿا وڃن پر ڀٽو جي قبر تي وڃن ٿا.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو کي  4  اپريل 1979ع تي نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل جي الزام ۾ ڦاسي ڏني وئي،  ان ڪيس ۾ واعده معاف شاهد فيڊرل جو سربراهه مسعود محمود اعتراف ڪيو هو ته ڀٽو ان کي مسٽر قصوري کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 18 مارچ  1978ع تي ان مقدمي جو فيصلو  ٻڌائيندي ڀٽو کي سزاءِ موت ۽ 25 هزار ڏنڊ ادا ڪرڻ يا 6 مهينن تائين سخت قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو  جي وارٿن ڦاسي کي سياسي قتل جو نالو ڏين ٿا. هن جو چوڻ هو ته عدالت جنرل ضياءَ جي حڪم تي ڦاسي تي فيصلو ٻڌايو هو. هو پنهنجي موقف کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه به ڪري ٿو ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  مولوي مشتاق علي صدر جي هدايت تي براه راست  وصول ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ جي 4 ججن  ڦاسي جي حق ۾ جڏهن ته 3 ججن ان جي خلاف فيصلو ٻڌايو هو.

اصل حقيقت اها آهي ته ڀٽو دراصل آمريڪا جي غضب جو نشانو بڻيو ، ڇو ته هن پاڪستان ۾ ايٽمي پروگرام جو آغاز ڪيو هو ۽  عالم اسلام جي اتحاد جو خير خواهه هو. ڦاسي جي سزا تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا بين الاقوامي  اڳواڻن جنرل ضياءَ الحق تي دٻاءَ وڌو هو پنهنجي فيصلي تي مصر رهيو. ائين ئي 4 اپريل 1979ع تي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ وزيراعظم کي ڦاسي جي ڦندي تي چاڙهيو ويو، ڦاسي کانپوءِ پوري ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿي ويا، پيپلز پارٽي ان کي عدالتي قرار ڏيندي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو پٽن ۾ ننڍو ننڍو پٽ شاهنواز ڀٽو سوئٽزرلينڊ ۾ پڙهي رهيو هو، جڏهن ان جي والد کي ڦاسي جي ڦندي تي چاڙهيو ويو ته هن پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ بين الاقوامي ليڊرن سان ملي جنرل ضياءَ کي ڦاسي جي فيصلي کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر انهن جون سڀئي  ڪوششون بيڪار ثابت ٿيون.

ان کانپوءِ شاهنواز ڀٽو فرانس ۾ جلاوطني جي زندگي گذارڻ لڳو. 18 جولاءِ 1985ع تي 27 سالا شاهنواز ڀٽو جو پنهنجي فليٽ ۾ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، ان جي موت کي پراسرار قرار ڏنو ويو، ڀٽو خاندان جو چوڻ هو ته ان کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي. سندس جي گهر واري ريحانه کي شڪ جي بنياد تي فرانسيسي حڪومت ڪجهه عرصي کان حراست ۾ وٺي ڇڏيو. بعد ۾ ان کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته هو آمريڪا هلي هئي، شاهنواز ڀٽو جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته هن جنرل ضياءَ الحق حڪومت خلاف “الذوالفقار” منظم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان جي ميت جڏهن لاڙڪاڻي آئي هئي ته هتان جي ميونسپل استيڊيم ۾ هڪ وڏو تعداد جنازي نماز ۾ موجود هو، جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ هئا جيڪي ڀٽو سان محبت جو اظهار ڪري رهيا هئا.

مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان جي سياسي مقتولن ۾ ان حوالي سان سڀ کان وڌيڪ بدقسمت ڏنو ويندو آهي ته هو پنهنجي حقيقي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي وزارت عظميٰ جي دور ۾ ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاهه 70 ڪلفٽن کان ڪجهه قدم اڳ قتل ڪيو ويو، اهو رات جو وقت هيو، جڏهن ان جي رهائشگاهه جي ٻاهران 70 کان 100 پوليس اهلڪارن آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو، گهر جي طرف ايندڙ ويندڙ رستن جون اسٽريٽ لائيٽس انهيءَ رات نامعلوم سبب جي بنياد تي بند ڪيون ويون هيون، جڏهن ته هڪ رات پهرين ان مان هڪ به لائِيٽ خراب نه هئي، چيو ويندو آهي ته ڪجهه پوليس اهلڪارن شهيد مرتضيٰ جي گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڏنو ته گاڏي نه رڪي ۽ اهلڪارن کي معلوم ٿيو ته گاڏي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو موجود آهي ته ان تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجي 6 ساٿين سميت موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪو زنده به بچي سگهي پر 45 منٽن تائين انهن جا جسم انهيءَ طرح پيل رهيا، بعد ۾ صرف مرتضيٰ ڀٽو کي مڊ ايسٽ اسپتال نيو ويو ليڪن ان جي ساٿين کي ڪنهن اسپتال جي ايمرجنسي ۾ پهچائڻ بجاءِ ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، مير مرتضيٰ  ڀٽو جلاوطني جي زندگي گذاري پنهنجي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي دور اقتدار ۾ واپس آيو هو. ان کي پنهنجي ڀيڻ مان شڪ هو ته هن پارٽي منشور ۾ والد جي نظرين مطابق ناهي بڻايو. ان کان علاوه  ڀيڻوي آصف علي زرداري جي ڪرپشن جو ذڪر به ڪندو هو. جڏهن ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي بجاءِ پنهنجي مڙس جي حمايت ڪئي ته مرتضيٰ ڀٽو بينظير جو شديد مخالف بڻجي ويو ۽ آخري دم تائين انهيءَ ضد تي برقرار رهيو.

مرتضيٰ ڀٽو جي قتل بعد بينظير ڀٽو جي ملڪ ۾ مقبوليت ۾ زبردست گهٽتائي واقع ٿي، 1996ع ۾ حڪومت جي برطرفي تي ماسٽر آصف علي زرداري تي مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جو ڪيس به هلايو ويو  پر شاهد نه ملڻ جي بنياد تي ڪيس کي ختم ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته مرتضيٰ کي قتل ڪرڻ ۾ پراسرار هٿ اهڙي طرح طاقتور هئا جو انهن سڀني شاهدن کي گم ڪري ڇڏيو. هي پنهنجي نوعيت جو حيرت انگيز قتل ۽ ڀٽڙو خاندان جي صفحه هستي کي هٽائڻ جي هڪ ڪڙي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي خاندان جي چوٿون فرد هو جنهن کي قتل ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي سربراهه ۽ ٻيهر وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندڙ  بينظير ڀٽو پاڪستان ۾  هاڻي تائين  ٿيندڙ آخري سياسي قتل آهي. جڏهن ته پاڪستاني حڪومت ان قتل جي ذميواري القاعده ۽ طالبان تي عائد ڪري رهي آهي. اسين پيپلز پارٽي جي ذريعن کان اهي ڳالهيون تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. بينظير ڀٽو تي پهريون حملو به خودڪش هو جيڪو 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچي ۾ ٿيو هو. هوءَ انهيءَ ڏينهن جلاوطني جي زندگي ختم ڪري وطن واپس موٽي هئي. ان حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 136 ماڻهو قتل ۽ 450 زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته بينظير ڀٽو مڪمل طور تي محفوظ رهي هئي. بينظير ڀٽو ان حملي بعد چيو هو ته ڪجهه ماڻهو مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. هن ان ڏس ۾ حڪومت کي هڪ خط به لکيو هو.

خاندان جي مزاحمتي تاريخ تي نظر وجهو ته قربانيون ڏيندڙ انسانن جي المناڪ داستانن ۾ هي داستان به سر فهرست نظر ايندو. ڀٽو خاندان جا تمام گهڻا ماڻهو مسئلن ۾ ڦاٿل رهيا، انهن کي اسان نه ڏٺو، پر ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو  تائين قربانين جا ته اسين خود شاهد آهيون، پر هڪ لمحي لاءِ چشم تصور سان خيال ڪريون ته ڀٽو خاندان جي قربانين ڪنهن ديو مالائي قصي جو حصو نظر اچي ٿو ۽ گمان ٿيندو آهي ته ائين ٿي ئي نٿو سگهي. پر اهو سچ آهي ته ۽ سئو سيڪڙو سچ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جنهن وٽ ڪنهن شيءَ جي گهٽتائي نه هئي بزدلي اختيار نه ڪئي، اصول تي موت کي ترجيح ڏني ۽ اهڙي طرح سڄو زمانو بينظير ڀٽو کي چوندو رهيو ته پاڪستان  ۾ موت آهي، نه وڃجو، نه وڃجو، اهي توهان کي ماري ڇڏيندس، پر هن چيو ته ويندس ضرور، مان پنهنجي وطن جي جنت ۾ ضرور ويندس، مون کي جيل جي ڪوٺڙين مان منهنجي عظيم والد ذوالفقار علي ڀٽو  آخري خط لکيو هو ته “الله جي جنت توهان جي ماءُ جي پيرن هيٺان آهي ۽ توهان جي جنت عوام جي قدمن جي هيٺان آهي”  بينظير ڀٽو جي 25هين سالگرهه جي موقعي تي 21 جون 1978ع تي ڊسٽرڪٽ جيل پنڊي مان انهيءَ خط ۾ ذوالفقار علي ڀٽو بينظير ڀٽو کي لکيو ته منهنجي هن وقت 50  سال عمر آهي ۽ توهان جي ان کان گهٽ، جڏهن ته منهنجي عمر ۾ پهچندو ته توهان کي عوام لاءِ ان کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ گهرجي. بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي نصيحت کي ڪيئن پورو ڪيو؟ ان جو فيصلو پاڪستان جي 16 ڪروڙ عوام سان گڏ سڄي دنيا جي 6 ارب انسانن ڏنو ته بينظير ڀٽو  پنهنجي والد جي وصيعت کي ڪيئن پورو ڪيو.

*********

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *