ڀوتارن جي زورآزمائي وارو ٻيو دنگل: غلام حسين لغاري

اڄ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڀوتارن جي سياسي زور آزمائي يعني مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن لاءِ پولنگ عملو پوليس ۽ رينجرس جي سخت سڪيورٽي ۾ پنهنجي پنهنجي پولنگ تي اڳ ۾ ئي پهچي چڪو آهي.پاڪستان جي چونڊ ڪميشن جتي جتي محسوس ڪيو آهي اتي پاڪ فوج ۽ رينجرس جا دستا به بيهاريا آهن پر گهڻو ڪري پولنگ اسٽيشنز پوليس جي حوالي آهن. چونڊ جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه هنڌن تي خونريزي وارا منظر ڏسڻ وٽان مليا جن ۾ راڻيپور وارو خونريز منظر پنجاب جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ افسوسناڪ هو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 15 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا جن جي جاچ ٻن هفتن گذرڻ باوجود به اڃا تائين ٿڌي نظر پئي اچي.خدا نه ڪندو ته اهڙي قسم جو ڪو وڏو واقعو چونڊن جي اڄوڪي ٻئي مرحلي ۾ ٿئي ، پر ٻئي مرحلي جي پولنگ کان صرف ٻه ڏينهن اڳ اڱاري ڏينهن عمرڪوٽ ضلعي جي شادي پلي ۾ يونين ڪائونسل ٻريجي جي وارڊ 4 جي ن ليگ اميدوار شبير احمد آرائين هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي چڪو آهي جيڪا ڳالهه ڪنهن لمحه فڪر کان گهٽ ناهي . خبر ناهي ته واقعي جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن پر اهو چيو وڃي ٿو ته فوتي اميدوار هٿ کڻڻ کان کتو جواب ڏنو هو.بهرحال وري به سڪيورٽي ادارن کي اڄ سخت چوڪس رهڻو پوندو ۽ انساني جانين جي حفاظت لاءِ پنهنجي غيرجانبداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪنهن به قسم جو ڪو خونريز واقعو پيش اچي ٿو ته اها سنڌ ۽ رهواسين جي بدقسمتي چئبي تنهنڪري صرف سياسي پارٽين ، انهن جي قيادت ، اڳواڻن سان گڏ آزاد اميدوارن ۽ ووٽرن کي به امن جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن چونڊن جي ٻئي مرحلي کي پرامن بڻائي سگهجي.

چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سياسي ڀوتارن توڙي بيٺل اميدوارن زورآزمائي جا مختلف انداز اختيار ڪيا جن ۾ جلسا ، ڪارنر ميٽنگون ۽ ريليون وسارڻ جهڙيون نه هيون پر هن ڀيري هڪ ڳالهه جيڪا سامهون آئي ان ۾ جوش و خروش ماضي جي مقابلي ۾ گهٽ هو، بينرن جي جهرمر به اها ڏسڻ ۾ نه آئي . هن ڀيري اخبارن ۽ چئنلن تي اشتهارن جي ڀرمار رهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهن بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجا جلسا منعقد ڪيا ۽ ريليون ڪڍيون جيڪي ڇڪتاڻ واري ماحول هوندي به پڻ پرامن نموني سان پايه تڪميل تي پهتيون جيڪو سڪيورٽي ادارن جي امن پلان تي سختي واري عمل جو نتيجو آهي ، البته اها الڳ ڳالهه آهي ته ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پارٽي منشورن ۽ عوامي مفادن کان هٽي ڪري ذاتيات کي وڌيڪ اڇلايو جنهن سان عوام خاص طور تي ووٽرن ڏانهن ڪو مثبت پيغام نه ويو.بلاول ڀٽو زرداري لاءِ ته اهو چئي سگهجي ٿو ته هو سياست ۾ نئون آهي ۽ سندس مان ٻاراڻي ذهنيت ناهي وئي پر عمران خان جيڪو اها دعوا ڪري ته کيس ويهارو کن سالن جي سياست جو تجربو آهي بلاول ڀٽو زرداري لاءِ منفي الفاظ استعمال ڪري پاڻ ئي ٻاراڻي ذهنيت طرف وٺي ويو.رهيوسوال عمران خان جي انهي ڳالهه جو ته سنڌ جو ماڻهو جيستائين ڀوتارڪي سياست مان ٻاهر نه نڪرندو تيستائين سنڌ توڙي سنڌي ماڻهو نه خوشحالي ماڻيندو نه وري ڪا آزادي ، پنهنجي جاءِ تي لکن جي ڳالهه ڪري ويو آهي جنهن کان ڪو به سنڌ واسي انڪار ڪري نٿو سگهي.سنڌ اندر هن وقت وڏي انگ ۾ سياسي تنظيمون ۽ پارٽيون آهن پر اهي سنڌ جي ماڻهن کي ڀوتارن کان پري رکي ناهن سگهيون جنهن جو وڏو ڪارڻ ڊپ ۾ ورتل ڳوٺن جو رهواسي آهي.سنڌ اندر چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ جيڪي نتيجا سامهون آيا سي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. چونڊجي آيلن جي اڪثريت گهڻو ڪري ڀوتارن جي خاندانن سان آهي پوءِ کڻي اهي ڀوتار پ پ جا هجن يا فنڪشنل ليگ ۽ ڪنهن ٻئي سياسي پليٽ فارم تان يا وري آزاد نموني بيٺل هئا جنهن ڪري سنڌ جا مڪاني ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر به ڀوتارن جي ور چڙهندي نظر اچي رهيا آهن. چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرندا وري به پهرين مرحلي جيان ساڳيا نتيجا نڪرندا جن ۾ به ڀوتارن جي اولاد ۽ مٽن مائٽن جي اڪثريت ميدان ماريندي جنهن کي ڪنهن به سياسي پارٽي يا ڌڙي جي نه پر ڀوتارن جي فتح چئي سگهبو. هن ڀيري چونڊن ۾ پهرين صف ۾ ڀوتار سامهون آيل آهن جنهنڪري عام ماڻهو خاص ڪري تعليم يافته ۽ تجربيگار اميدوار مڪاني چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان پاڻ کي پري رکي ڇڏيو آهي.عوامي توڙي سڄاڻ حلقن جي راءِ آهي ته جڏهن ڀوتارن جو رت مڪاني ادارن ۾ پوندو يا سامهون اچي نروار ٿيندو ته عام شهري ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهندو ۽ هيٺاهين سطح جا اهي ادارا ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري وڌيڪ ڪرپٽ نظر ايندا جنهن سان عوامي مسئلا شايد ئي حل ٿي سگهن ، شڪايتون ڪر کڻنديون جن جو سنئون سڌو اثر لاڳاپيل سياسي پارٽين تي پوندو نه ڪي ڀوتارن تي.ڪجهه اهڙا به آزاد اميدوار بيٺل آهن جيڪي ڀوتارڪي سياست کان پري آهن جن جي ڪامياب ٿيڻ جي گهٽ اميد نظر اچي ٿي پر مختلف سياسي ڌرين اندر پئدا ٿيل ڌڙا بندي جي ڪري پارٽين جا مخالف ڌڙا ڪجهه آزاد اميدوارن جي اندروني توڙي ظاهري حمايت ڪري رهيا آهن جنهنڪري ٻئي مرحلي ۾ پڻ آزاد اميدوارن جي چونڊجڻ جا به امڪان آهن پر اهڙن اميدوارن کان اهي وعدا ورتا ويا آهن ته اهي ڪاميابي ماڻي سندن ڌڙن ۾ شامل ٿيندا.جيڪڏهن آزاد اميدوار طور ووٽ وٺي ڪو ڪامياب ٿئي ٿو ۽ وري ڀوتارن جو وڃي يار ٿيندو ته اها به ووٽرن سان سراسر نا انصافي ٿيندي ۽ اڳتي ووٽرن جو آزاد بيٺل اميدوارن تان به اعتماد کڄي ويندو.

ڀوتارن جي پنهنجي انا واري سياست هن ڀيري پ پ پ کي ڪافي ڪجهه نقصان به رسايو آهي جنهنڪري اهي تڪ جتي پ پ جي کٽڻ جا سئوسيڪڙو امڪان هئا اتي مخالفن سيٽون کٽيون آهن جنهن جو مثال لاڙڪاڻي جون ڪجهه سيٽون پ پ پ مخالف عوامي اتحاد جا عباسي ڀائر ۽ ٻيا کڻي ويا آهن جنهن جو خاص ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اتي صحيح ڪارڪنن کي ٽڪيٽون ناهن مليون ۽ جن کي به مليون اهي ڪمزور اميدوار هئا يا وري جن کي ٽڪيٽون نه مليون تن پنهنجي ئي پارٽي اميدوارن جي سامهون فارم ڀريا يا وري پ پ مخالف اميدوارن جي حمايت ڪئي.ڪنهن ضلعي سان واڳيل پ پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ پنهنجي پارٽي جي صوبائي صدر ۽ ضلعي صدر تي صحيح ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ کين ٽڪيٽن کان محروم رکڻ وارا الزام مڙهيا آهن ۽ ان طرف اشارو ڪيو آهي ته پ پ پ جهڙي طرح پنجاب ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اندر زيرو ٿي چڪي آهي اهڙي طرح سنڌ ۾ به زيرو ٿيڻ وڃي رهي آهي پر اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي ڇاڪاڻ ته ڌڙابندي جو شڪار هوندي به پ پ سنڌ ۾ سئو سيڪڙو نه پر پوءِ به وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ به ساڳي قسم جا نتيجا ايندا..پ پ جي پارٽي قيادت پنهنجي ان اڳواڻ خلاف اهڙو بيان ڏيڻ تي ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي يا وري اهڙي بيان جو نوٽيس وٺي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙي ٿي اها بعد جي ڳالهه آهي پر واقع جيڪڏهن چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به پ پ جي مضبوط ڳڙهه لاڙڪاڻي شهر جيان دادو ، شهيد بينظيرآباد ، مٽياري ، حيدرآباد ، ٽنڊوالهيار ، ميرپوخاص ، ٺٽو ، بدين ۽ ٿر مان پ پ پ جون ڪجهه سيٽون هٿن مان هليون ٿيون وڃن ته پ پ پ لاءِ سنڌ اندر اهو سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيندو. بهرحال سج لهڻ وقت صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي ويندي جڏهن ٻئي مرحلي جي زورآزمائي جا نتيجا اچڻ لڳندا. چونڊن ۾ ڪنهن جي به سرسي ٿئي ٿي يا نٿي ٿئي اها هڪ الڳ ڳالهه آهي پر اڄوڪو مرحلو ڀوتارن وچ ۾ زورآزامائي وارو دنگل چئجي ته غلط نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *