ڀارت ۾ ڦاٿل ماهيگير ن جي واهر ڪير ڪندو ؟: جاويد احمد چانڊيو

رزق حلال پورهئي کي عبادت جو درجو مليل آهي جڏهن ته پورهيت خداجو دوست پڻ آهي الله تعاليٰ ۽ ان جي پاڪ رسولن به حق حلال جي پورهئي کي  پسند ڪيو آهي هر ڪنهن انسان جو ڪو نه ڪو بنيادي ضررتن کي پورو ڪرڻ لاءِ روزگار جو ذريعو هوندو آهي دنيا ۾ بي شمار روزگار جا ذريعا آهن جنهن جي وسيلي هر انسان روزگار سان لاڳاپيل رهي ٿو هر روزگار جي وسيلي انسان جو گذر سفر ٿيو وڃي ماهيگيري جو پيشو به تاريخي ۽ قديم آهي ماهيگيري جو پيشو پوري دنيا ۾ ڪيو ويندو آهي هر هڪ ملڪن ۾لکين ماڻهون ماهيگيري پيشي سان وابسطه پورهيت موجود هوندا آهن جيڪي مڇي ماري پنهنجي گهر ۽ ٻارن جو گذر سفر ڪندا آهن  سنڌ ۾ به ماهيگيري جو ڌنڌو قديم وقت کان هلندو پيو اچي هن ڌنڌي سان مهاڻن جي اڪثريت هوندي آهي جڏهن ته ٻيا پورهيت به وڏي تعداد ۾ماهيگيري جو پيشو اختيار ڪندا آهن خانداني ڌنڌو هجڻ ناتي مهاڻن نوجوان نسل به انهي ڌنڌي سان لڳاپيل رهي ٿو سال جا ٻارهن مهينا پنهنجي پورهئي محنت سان لڳل هوندا آهن سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ مهاڻن جو به وڏو تعداد ماهيگيري پيشي سان آهي ماهيگيري پيشو مڇي مارڻ آهي جيڪو حق حلال جو پورهيو آهي بکي پيٽ جي بک مٽائڻ لاءِ ۽گهرجي ڪفالت ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن ماهيگير کي وڏي محنت جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي جنهن کان پوءِ هن کي ڏهاڙي جو اجورو ملندو آهي ماهيگير جي پوري زندگي سمنڊ جي خوفناڪ لهرن ۽ مڇي مارڻ سان هوندي آهي .

ماهيگير سڄو ڏينهن سمنڊ دريائن ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جو ڪم ڪندا آهن ان ڌنڌي سان خانداني پيڙهيون  لڳل رهن ٿيون جيڪي مڇي ماري گذر سفر ڪندا آهن سخت محنت پگهر پورهيو ڪري مڇي ماري ويندي آهي انهي گذر سفر مان مهاڻن جي زندگي جو چرغو هلندو آهي سنڌ ۾ جهڙوڪ ڪراچي ملير ابراهيم حيدري ڪياماڙي بابا ڀٽ شاهه جزيره جڏهن ته سنڌ جي اندرين علائقن مان وري ٺٽو ، بدين ماتلي ڪڍڻ ڄام شورو گولاڙچي سجاول گهوڙاٻاري چوهڙ جمالي ميرپور ساڪرو ڳاڙهو شاهه بندر ڪيٽي بندر کارو ڇاڻ سميت ٻين علائقن مان وڏو تعداد ماهيگيرن جو آهي جيڪو حق حلاپورهئي مڇي مارڻ جي پيشي سان هميشه رهي ٿو مڇي ماريندڙ مهاڻن جو سفر به خطري کان خالي نه هوندو آهي خاص ڪري سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران وڏين خطرناڪ مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو ڪڏهن وڏا طوفان ڪڏهن سمنڊ جون تيز خطرناڪ لهرن واريون ڇوليون ته ڪڏهن سامونڊي طوفان به انهن لاءِ خطرو بڻيل هوندا آهن اچانڪ سامونڊي تيز هوائون ۽ طوفان اچڻ جي صورت ۾ مهاڻن جا هوڙا به ڪلٽي ٿي ويندا آهن  تيز هوائن ۽ طوفانن ۾ هوڙن کي ڪنٽرول ڪرڻ به مشڪل رهندو آهي ڪڏهن ڪڏهن هوڙن کي تيز هوائون طوفان ڌڪجي گمنام هنڌن تي داخل ٿي ويندا آهن  جنهن ڪري ڪيترائي حادثن جا واقعا به ٿي گذريا آهن سمنڊ جي تيز لهرن ۾ مهاڻا ٻڏي فوت ٿيڻ ۽ لاپتا ٿي وڃن ٿا  مهاڻن جي دنيا سمنڊ هوڙامڇي مارڻ تي هوندي آهي ماهيگيرن کي ڪنهن به گرمي يا سردي جو فڪر نه رهندو آهي  رڳو پنهنجي حق حلال پورهئي سان لڳل هوندا آهن سال جا ٻارهن مهينا هنن جو ڪرتو مڇي مارڻ سان هوندو آهي سخت محنت پگهر پورهئي جي باوجود به هن جديد دور۾ به مهاڻن جي زندگي ۾ ڪا وڏي تبديلي نه اچي سگهي آهي پورهيو ڪري پنهنجي خاندان جو پيٽ پالين ٿا اڪثرساڳا جهوپڙا انهن جا محلات آهن وڌنڌڙ مهانگائي محدود وسائلن ڪري هنن جو گذر سفر به مشڪل رهي ٿو رڳو پنهنجي خاندان جي وڏي مشڪل سان ڪفالت ڪرڻ تائين محدود آهن جيڪڏهن مهاڻن جي آباد وسندين جو جائزو وٺبو ته اتي رڳو غربت ئي غربت نظر ايندي ميرن ڪپڙن ۾ پهريل ٻارڙا جيڪي تعليم جهڙي زيور ۽ تعليم صحت بجلي گيس ۽ ٻين ڪيترن بنيادي سهولتن کان محروم آهن مهاڻن جي وسندين ۾انتها درجي جي غربت  بک بد حالي مفلسي ۽ مختلف بيمارين ۾ مهاڻا وڪوڙيل نظر ايندا آهن مهاڻن جي مستقبل جا معمار به تعليم جهڙي زيور کان اڪثر محروم هوندا آهن جيڪي اڳتي هلي  پنهنجي خانداني پيشي مڇي مارڻ سان لڳي ويندا آهن ماهيگيرن سان  زندگي ۾ ڪيترائي معاملا اچن ٿا پر سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڏکيو وقت به ايندوآهي ته سمند ۾ مڇي مارڻ دوران ڪنهن به وقت ڀارتي ايجنسي  سيڪورٽي هٿان کنڀجي وڃن ٿا اهڙي طرح وري ڀارتي مهاڻا به پاڪستان جي حدود ورزي جي ڪري گرفتارٿي وڃن ٿا جن کي ڪراچي جي ملير جيل ۾ رکيو ويندو آهي اهو به معلوم ٿيو آهي ته هن وقت به سوين مهاڻا ڀارت جي مختلف شهرن مبمئي حيدرآبا دکن امرتسر گورداسپور ڀارت جي صوبي پنجاب سميت ٻين شهرن ۾ مهاڻا جيلن ۾ قيد آهن جيڪي لاوارثي واري حالت ۾ آهن.

مهاڻا چاهي پاڪستان جا هجن يا ڀارت جا اهي رڳو حدود ورزي جي چڪر ۾ سخت قسم جي سزا ڀوڳين ٿاسالن جا سال جيلن قيد ٿي وڃن ٿا قيد مهاڻن جي گهرن ۾ ماتم روڄ راڙو مشڪلاتون ۽ انهن جا خاندان فاقاڪشي کي منهن ڏيندا آهن ڀارت جي سيڪورٽي هٿان گرفتار  مهاڻن کي جيلن ۾ تشتدد ۽ مختلف قسم جو اذيتون ڏنيون وينديون آهن بنا ڪنهن ڏوهه جي ڀارت جي جيلن ۾ وهشياڻو تشدد ڪيو ويندو آهي مهاڻن کي سالن جا سال جيلن ۾ قيد رکيو ويندو آهي ڀارت ۾ قيد مهاڻن سان نهايت خراب سلوڪ به ڪيو ويندو آهي اهڙو ورتاءُ جيڪو ناقابل برداشت هوندو آهي ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن کي سخت قسم جو ٽارچر ڏنو ويندو آهي لڱ ڪانڊريندڙ تشدد جي سٽ نه سهندڙ ڪيترائي مهاڻا ذهني معزور بڻجي ويندا آهن ڀارتي جيلن ۾ قيد ٿيل مهاڻن سان بترين تشدد ڪيو ويندو آهي ڀارت ۾ قيد سنڌ جي مهاڻن جون دانهن فرياد ڪو به ٻڌڻ وارو نه هوندوآهي ڀارت ۾ قيد مهاڻن جي گهر ن ۾ سدائين ماتم رهندو آهي گهرن ۾ فاقا ڪشي ڏک غم واري ڪيفيت برقرار رهندي آهي حڪومت توڙي عوامي چونڊيل نمائدن ڪڏهن به زحمت ڪري غريب پورهيت گرفتار مهاڻن جي گهر ڪڏهن ڪنهن به قسم جي ڪابه آنٿ نه ڏني آهي ڀارت ۾ قيد مهاڻن ۽ انهن جي خاندانن کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويندو آهي تڪ جا ڇونڊيل عوامي نمائندا وزير توڙي سرڪاري ڪامورا به ڀارت ۾ قيد مهاڻن جي وارثن کان لاتعلق بڻيل هوندا آهن چونڊيل عوامي نمائندا رڳو اليڪشن جي موسم ۾ مهاڻن جي ڪکائن گهرن ۾ ووٽ گهرندي نظر ايندا آهن ووٽن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ عوامي نمائدن ڪڏهن به مهاڻن جي ڪنهن به مسئلي ڌيان ناهي ڏنو مهاڻن جي ڪابه تڪليف به محسوس نه ڪئي آهي .

عوامي نمائدن کي گهرجي ته پورهيت مهاڻن جي ڀارت ايجنسي هٿان کنڀجڻ خلاف آواز  اسيمبلين ۾ به اٿارين ته ان جا به ڪافي بهتر انداز ۾ نتجيا نڪري سگهن ٿا هن وقت به سنڌ جا سوين مهاڻا ڀارت جي جيلن ۾ قيد آهن جيڪي سخت قسم جون تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت ڪڏهن به پورهيت مهاڻن جي مسئلي تي ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري آهي جيڪو سواليا نشان پڻ آهي ڇا چونڊيل عوامي نمائدن جو ڪم رڳو غريب پورهيت مهاڻن کان رڳو ووٽ وٺڻ آهي ؟ اهڙي عمل کي ڇا قرار ڏجي ؟ بي حسي غفلت يا اقتدارجي نشي ۽ طاقت ۾ پورهيت مهاڻن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪرڻ آهي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي علائقي کارو ڇاڻ جي ڳوٺ يوسف ڪاتيار جا 11مهاڻاعربي سمنڊ ڪاجرڪريڪ مان ڀارتي ميري ٽائيم سيڪورٽي هٿان کنڀجي ويا آهن کنڀجي ويل مهاڻن ۾ ٽي ٻارڙا به شامل آهن جيڪي هن وقت تائين لاپتا آهن وارثن جو چوڻ آهي ته الشهباز هوڙي سوار مهاڻا جن ۾ علي اصغر، علي محمد،عبدالغفور،محمد خان ابوبڪر ،محمد حسين ،عبدالرزاق، سڪندر ۽ ٻيا شامل آهن جنهن سان ڪو به رابطو ٿي نه سگهيو آهي خبر ناهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن انهن جا وارث پريشان آهن هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ڀارتي ميري سيڪورٽي هٿان مهاڻن جو کنڀجڻ ڪو نئون واقعو نه آهي پر اهڙا واقعا عام ٿي رهيا آهن جنهن ڪري مهاڻا وڏي اذيت ۾ مبتلا رهن ٿاڀارت سيڪورٽي هٿان کنڀيل مهاڻن جي بازيابي جا ترت انتظام ڪيا وڃن ته مهاڻن جي وارثن جي بي چيني دور ٿئي حڪومت ۽ اعليٰ اختيار گرفتار ٿيل ماهيگيرن جو معاملومستقبل طورحل ڪن پاڪستان ۽ ڀارت کي ماهيگري جي معاملن تي لچڪ پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ مستقبل طور اهو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي .

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *