ڀارت جا ڪنٽرول لائين تي حملا ۽ پاڪستان جو صبر سان ڀريل پيمانو.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

هڪ دفعو ٻيهر ڀارت پاران پاڪستان جي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي سرحدن اندر فائرنگ ڪري پاڪستاني پاڪ فوج جي نوجوانن  13 پاڪستاني شهرين کي فائرنگ جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ اسانجي پاڙيسري ملڪ لاءِ ڪا نئي ڳالهه ناهي ۽ نئي هي سندس آخري سرحدي ڀڃڪڙي هوندي.!ڇو ته اها اکين ڏٺي آهي ڳالهه آهي ته آخر ڀارت پاڪستان سان ئي ڇو وڙهي رهيو.جڏهن ته پاڪستان کان اعلاوا به سندس ڪيترائي پاڙيسري ملڪ آهن جن سان سندس رويو دوستاڻو رهيو آهي.پر انهي پاڙيسرين واري ملڪن واري لسٽ اندر ڀارت جو رويو پاڪستان سان هڪ دوست نه پر هميشه دشمن جهڙو رهيو آهي ڇو.؟انهي ڇو اندر ڪيتريون ئي ڳاليهون آهن جن ۾ ڀلي پاڪ چين اقتصادي منصوبو هجي جنهن اندر پاڪستان ۽ چين جي دوستي سان هلندڙ واپار اندر پاڪستان جي معيشت ٿيندڙ مظبوطي هجي.جئين مظبوطي اندر مستقبل ۾ انڊيا پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ائين ٿي ويندو جئين پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هن وقت (ڀوٽان) ملڪ آهي.جڏهن ته انکان اعلاو هڪ اهو به سبب آهي ته ڀارت جي حڪومت جو واڳون هڪ اهڙي انهاپسند انسان وٽ آهن.جنهن جو نشانو هيمشه پاڪستان ئي رهيو آهي ۽ اقتدار اچڻ کانپوءِ انهي حسد ساڙ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري هو پاڪستان جي سرحدن جون مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندو پيو اچي ۽  هڪ سبب اهو به ٿي سگهو ٿو ته صدين کان ايندڙ پاڪ چين دوستي جيڪا هن وقت  پاڪستان لاءِ معيشت جي اعتبار سان پاڪستان کي تمام گهڻي هٿي ڏيندي. ان ڪري انڊيا اهو نه ٿو چاهي ته هڪ پاڙيسري ملڪ ايتري ترقي ڪري.! ڇو ته انڊيا شايد اهو سوچيندو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ترقي ڪئي ۽ سندس معيشت مظبوط ٿي ۽ پاڪستان اندر امن رهيو ته هوُ پاڪستان سان ڪهڙِي به بنيادي اعتبار سان مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.ٻئي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هيمشه ڪشمير جي مسئلي کي وٺي ڪري به ڪنٽرول لائين تي فائرنگ جا واقعا پيش ايندا رهيا آهن.ڪالهه پاڪستان جي سموري ميڊيا جو مطالو ڪري ته نه سگهيائين پر سواءِ ڪجهه اردو ۽ انگريزي چيئنل توڙي سنڌي اخبارن کان اعلاوا ڪٿان به اها خبر پڙهڻ لاءِ نه ملي ته  ڀارت پاڪستان جي ڪهڙي طرف جي ڪنٽرول لائين کان فائرنگ ڪئي آهي ۽ پاڪستان سرحد جي ڪيتري حد تائين ڀڃڪڙي ڪئي آهي.انڪري اوهانکي ٻڌائيندو هلان ته نيلم ۽ جهلم کان ٽي يا چار ڪلومٽر کانپوءِ جبلن جي اوٽ مان هڪ رستو هلندو آهي ۽ ان سان گڏو گڏ درياءُ جي ٻئي پاسي ڀارتي ڪنٽرول لائين موجود آهي،انڪري انهي ڪنٽرول لائين کي درياءِ نيلم ڪنٽرول لائين به چئي سگهجي ٿو، ۽ جڏهن ته انهي جاءِ جي براءِ راست فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي ته اهو علائقو سڌي ريت فائرنگ واري رينج ۾ اچي ويندو آهي.انڪري انهي جاءِ ته پاڪ فوج جي چيڪنگ تمام گهڻي سخت آهي.۽  ڪيشدگي ناهي هوندي ته عوامي زندگي به معمول تي اچي ويندي آهي ۽ اهي حسين  منظر وڻندڙ لڳندا آهن،پر جئين ئي انهي علائقي اندر ڪيشدگي وڌندي آهي ته ماحول مايوسي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو خوف ۽ حراس وچان گهرن تائين محدود ٿي ويندا آهن.اهو به اوهانکي ٻڌائيندو هلان ته انهي طرف کان جڏهن به ڪيشدگي وڌي آهي ۽ ڀارت ڪنٽرول لائين جون ڀڃڪڙِيون ڪيون آهن ته انهي فائرنگ اندر هيمشه عوام ئي سندس ڳولين جو نشانو بڻي آهي.۽ هن دفعي به ڀارت جي فوجين جيڪا فائرنگ ڪئي انهي اندر ٽن فوجين جوانن سميت 13پاڪستاني شهري به شامل آهن،جڏهن ته پاڪستان جي بهادر فوجين جوابي فائرنگ ڪندي انڊين فوجي چوڪي کي مڪمل طور تباه ڪري ڇڏيو. جنهن مان اهو به اندازو لڳائي سهگجي ٿو ته انڊيا جي طرف کان به ڀارتي فوج پاڪستاني فوجين جي ڳولين جو نشانو ضرور بڻيا هوندا.پر ڀارت اها ڳالهه تسليم تمام گهڻي گهٽ ڪندو آهي جهڙي ريت هن حماليه جي فائرنگ اندر ڀارتي فوج جي مارجي ويل فوجين جو انگ ٽي ٻڌايو هو ۽ مارجي ويلن جو انگ وڏي تعداد ۾ شامل هوُ.پر انهي جي ڀيٽ اندر پاڪستان جي فوج (آءِ ايس پي آر) بهتر پاليسي اختيار ڪئي آهي جنهن اندر جڏهن به پاڪستاني جوان يا شهري شهيد ٿيندا آهن ته انهن سان انگ اگر واضع ۽ سهي نموني ملڪ توڙي دنيا جي سامهون پيش ڪيا ويندا آهن.پر ڀارت اهڙيون پاليسون ڇو رکيون آهن جن اندر مارجي ويل ڀارتي فوجين جي انگ اکرن کي پوري نموني ناهي ٻڌايو ويندو انهي ڳالهه ۾ به وڏو راز رکيل آهي،ڀارت پاران پاڪستان جي ورڪنگ بائونڊي جي خلاف ورزي ڪري  پنهنجون بزدلاڻيون ڪاروايون ڪرڻ ۽  اهو سڀ انهي لاءِ ڪري رهيو آهي ته پاڪستان سري عام ڪشمير جي حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏئي،۽ ڪشمير اندر هن وقت جيڪا انڊيا جي خلاف تحريڪ هلي رهي آهي انهي تحريڪ کي به ڪمزور ڪري ڪشميرين کي خاموش ڪرڻ آهي،اها روايت ڀارت جي هن وقت جي ناهي جڏهن ته انهي روايت جي منصوبابندي 1965ع واري جنگ جي دوران ڪئي وئي هئي،65ڊسمبر جي رات جڏهن ڀارت جا فوجي هڪ چورن جي طرح هڪ بينل اقوامي سرحد تي حملو ڪيو،ته پاڪستان جي فوجين کين اُتي روڪي ڇڏيو ۽ اڳتي وڌڻ نه ڏنو،جنهن سبب ڀارت جا خواب اڌوار رهجي ويا.پر شايد هاڻ ڀارت اهي پنهنجا اوڌورا خواب مڪمل ڪرڻ جون ڀارت مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي.جن ۾ کيس مسلسل شڪت ملي رهي آهي،نيلم وادي تي ٿيل ڀارتي فائرنگ جي معتلق وزيراعظم ميان نواز شريف جي زيرصدارت هڪ اعليٰ ڪوٺايو،جنهن اندر پرڏيهي معاملن جي وزير سرتاج عزير،ڊي جي آءِ ايس آءِ لفٽيننٽ جنرل رضوان اختر،وزيراعظم ميان نواز شريف کي ورڪنگ بائونڊري تي وڌندڙ ڪيشدگي جي بريفنگ ڏني،جن ٻڌايو ته ڀارت سوچي سمجهي هڪ سازش تحت مسافر بس کي نشانو بڻايو،جنهن بريفنگ کانپوءِ ميان نواز شريف توڙي پاڪ فوج جو جيڪو بيان سامهون آيو آهي انهي مان اهو صاف ظاهر آهي ته هاڻ پاڪستاني جي صبر جو پيمانو ڀرجي چڪو آهي،۽ هاڻ پاڪستان برداشت جو سموريون حدون ٽوڙِي ڇڏيون آهن،۽ ڀارت ڪنٽرول لائين تي فائرنگ کان پاسو نه پيو ڪري جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام پريشان حال نظر اچي رهي آهي،جڏهن ته ڀارت جا ڪجهه انهتاپسند ماڻهو ڇڏي ڪري باقي سموري عوام اهوئي چاهي ٿي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ دوستاڻا تعلقات بڻيل هجن،جنهن جو مثال اهو آهي ته ڪافي عرصي کان پاڪستان جا ڪيترائي گلوڪار توڙِي فنڪار انڊيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڏيکاري رهيا آهن ۽ انڊين گلوڪار پاڪستان اندر ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ڳالهه مان اهو ته تاثر ضرور نڪري ٿو ته انڊيا جي چڱي خاصي عوام جنگ نه پئي چاهي،جڏهن ته انهي جي ڀيٽ اندر پاڪستان جي عوام به اهو ئي چاهي ٿي ته ٻنهي ملڪن جا تعلقات بهتر رهن پر ڀارتي جي موجوده وزيراعظم جيڪو منصوبو ٺاهيو آهي اهو انڊيا کي هڪ وڏي تباهي جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي جيڪا انڊيا جي عوام برداشت ڪري نه سگهندي

********

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *