ٿينڪ يو راحيل شريف:وسعت الله خان

هونئن ته جنرل راحيل شريف پاڪستاني فوج جو 15 هون سربراهه آهي، پر ان حوالي سان هو چوٿون جنرل هوندو، جيڪو ٽن سالن جو مقرر مدو پورو ٿيڻ تي ريٽائر ٿي ويندو، ( ان کان اڳ ڊگلس گريسي، ٽڪا خان، اسلم بيگ ۽ جنرل وحيد ڪاڪڙ جا مثال موجود آهن)

جيترن به جنرلن مارشل لائون لڳايون، تن سڀني پنهنجن عهدن ۾ به پاڻ ئي واڌ ڪري ڇڏي، مورڳو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق کي ته صدر ضياءُ الحق ٽي ڀيرا توسيع ڏئي رڪارڊ قائم ڪيو، جنرل محمد موسيٰ ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني ٻه اهڙا مثال آهن، جن کي  وقت جي سرڪار خوشيءَ سان واڌ ڏني.

ٻن جنرلن جنرل فرينڪ ميسروي ۽ جنرل گل حسن کي مدو پورو ٿين کان اڳ ئي جبري ريٽائر ڪيو ويو هڪ جنرل آصف نواز جو پنهنجي عهدي تي رهندي موت ٿيو ۽ جنرل جهانگير ڪرامت کي مدت پوري ٿيڻ کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏيڻي پئي، باقي دنيا ۾ هٿياربند فوج جي سربراهن جي مقرري واڌ ۽ ريٽائرمينٽ وقت جي سرڪار جو ناقابل تقسيم اختيار سمجهيو ويندو آهي.

پر پاڪستان جي ڳالهه الڳ آهي، ڳالهه الڳ هئڻ به گهرجي، ڇو جو ان  وقت ته هن ملڪ تي فوج سڌي ريت ۽ باقي وقت اڻسڌي طرح حڪمراني ڪئي آهي، صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جا عهدا ظاهري طور آئيني حوالي سان ڪيترا به باوقار ئي ڇو نه هجن پر پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور عهدو زميني فوج جي سربراهه جو ئي سمجهيو وڃي ٿو.

سو ايندڙ چيف آف آرمي اسٽاف جي ٽن سالن لاءِ مقرري يا موجوده جي ريٽائرمينٽ بابت سُرٻاٽن جو سلسلو ٻئي سال ۾ ئي شروع ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن سياسي حڪومت هجي ته افواهن جي بازار اڃا به گرم ٿي وڃي ٿي.

پاڪستان جون گهٽ وڌ سڀئي سياسي حڪومتون کير جون ڇاڻيل آهن، تنهن ڪري نئين فوجي سربراهه جي ڳولا بلڪل ان نظر سان ڪئي ويندي آهي، جيئن ڇوڪري يا ڇوڪريءَ لاءِ سُڱُ ڳولڻ وقت مڪمل جاچ جوچ ڪئي ويندي آهي، ڪردار ڪهڙو اٿس، خيال ڪهڙا اٿس، ڪهڙن ماڻهن ۾ اٿڻ ويهڻ اٿس، خانداني پسمنظر ڪهڙو اٿس، مٿي ڦريو ته ناهي، تعبيدار ته آهي، مسڪينڙو هجي ته اڃا به ڀلو.

من پسنديءَ جي چڪر ۾ سينيارٽيءَ جو اصول ڪٿي وڃائجي ويندو آهي ۽ پسند جو چيف مقرر ٿيڻ کانپوءِ به نظرون چوڦير گهمنديون رهنديون آهن ته ڇا ڪري رهيو آهي، ڪنهن سان ملي رهيو آهي، ڪيڏانهن اچي وڃي ٿو چُپ چُپ ڇو ٿو رهي وغيره وغيره.

موجوده چيف راحيل شريف بابت ته اهي شرط پهرين سال ئي لڳڻ شروع ٿي ويا هئا ته کيس واڌ ملندي يا نه سبب شايد هي هو ته آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ جي ڪجهه مهينن کانپوءِ پرستارن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ گرمجوشيءَ سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو، پونئر نروار ٿيڻ لڳا، سائين بورڊن تي مُڪَ واريون تصويرون ڇپجڻ لڳيون، ننڍين توڙي مڪاني چونڊن ۾ به ڪيئي اميدوارن پنهنجي پوسٽرن تي ” راحيل شريف کان منظور ٿيل “ ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

۽ وري گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٻه ڀيرا توسيع وٺندڙ ۽ اڄڪلهه واندو ويٺل ريٽائرڊ پرويز مشرف مطالبو ڪري ڇڏيو ته راحيل شريف کي واڌ ملڻ گهرجي، ڇو جو هن وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي تنهن ۾ تسلسل ضروري آهي ۽ هن وقت قيادت کي تبديل ڪيو ويو ته سڀ چڱو ڪم ضايع ٿي ويندو، منهنجو اهو مطلب ناهي ته فوج ۾ قيادت جو فقدان آهي پر ماڻهو ماڻهوءَ ۾ فرق ٿيندو آهي.

هن ( راحيل شريف ) جي وڃڻ سان نه رڳو ڪَئي ڪمائي چَٽُُ ٿي ويندي پر ٻيهر ڌانڌلي ٿيندي، ٻيهر نيب پٺتي هٽي ويندي ۽ فوجي عدالتون به ويڙهيون وينديون وغيره وغيره.

ڪو مشرف صاحب کان پڇي ته آرمي هڪ پيشور ادارو آهي يا ڪنهن فرد واحد جو نالو ؟ ۽ جن ٻه ٻه، ٽي ٽي ڀيرا توسيع ورتي تن ڪهڙو سياچن ڇڏائي ورتو،

جنرل راحيل شريف سان اڄ ڪالهه آءِ ايس پي آر جو ٽوئيٽر ۾ اڄ هي بيان منسوب ڪيو ويو آهي ته پاڪ فوج هڪ عظيم ادارو آهي، مان ترميم تي يقين نه ٿو رکان، مقرر وقت تي ريٽائر ٿي ويندس.

هن مختصر بيان جي جامعيت تي نه رڳو پرويز مشرف کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پر سياستدانن کي به غور ڪرڻ گهرجي ته جنرل راحيل شريف فرد جي ڀيٽ ۾ اداري جي اهميت تي ڇا چيو آهي.

ميجر محمد شريف جي فرزند ۽ ميجر شبير شريف ( نشان حيدر ) جي ڀاءُ کان اها ئي اميد هئي، اميد آهي جنرل صاحب ايندڙ ڏهن مهينن دوران به موسمي قصيدي خوانن جي دٻاءَ جو مقابلو به ايئن ئي کليل نموني ۽ ثابت قدميءَ سان ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *