ٿيندڙ آدمشماري گهر شماري ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ڀرپور نموني حصو وٺڻ گهرجي: ربنواز کوسو

ملڪ ۾ ٿيندڙ ڇهين گهر شماري 18سالن کان پوءِ ٿي رهي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي سمورين رهندڙ کي اپيل آهي ته پنهنجي خاندان، مٽن مائٽن کي هوشياري سان ۽ حوصلو بند ڪري هر ننڍي وڏي ٻار توڙي پوڙهي بيواهه عورت سميت پنهنجو الڳ الڳ گهر لکرائي پنهنجي سنڌ جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ جو فرض پورو ڪري ۽ قومي خاني ۾خاص طور تي هر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي لکرائي پنهنجو فرض نڀائي سنڌ امڙ سان ٿڃ ملهائي ڇو ته ٿيندڙ آدمشماري گهر شماري تحت ئي صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ، ايم اين اي، ايم پي اي جون سيٽون توڙي نوڪرين جي کوٽا توڙي ٻيا ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊ مقرر ٿيندا. تنهن ڪري اسان سنڌ ۾ رهندڙ ڀلي ڪهڙي به ذات پات قوم جا سڏايون. پر هن وقت سنڌ امڙ جي ڌرتي جا رهواسي توڙي ان جو نيمڪ کائي رهيا آهيون، تنهنڪري اسان هن سنڌ ۾ٿيندڙ گهر شماري آدمشماري ۾ڪنهن شئي کان نه ڪيٻايون ڇو هي وقت خاموش ويهڻ ناهي. پنهنجا حق چني وٺڻ جو وقت آيو آهي.  تنهن ڪري اسان پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان ۽ گهرن کي ڳڻپ کان گهٽ نه ڪيون.ڇو ته پوءِ اسان کي جيڪي آدمشماري جون گهربل سهولتون آهن اهي ملي نه سگهنديون تنهن ڪري اسان پنهنجو فرض سمجهي آدمشماري کي پورو ڪري ڏيکاريون.جڏهن هن وقت سنڌ جي آبادي 6ڪروڙ چاليهه لک ماڻهن جي سڃاڻپ آهي جن ۾ پنجاهه لک ڌاريا بيهاري، بنگالي، افغاني، برمي، سوڊاني، پٺاڻ ۽ مهاجر موجود آهن. تنهن ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ صوبي جي صاف شفاف آدمشماري گهر شماري ڪرائڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيل غيرقانوني ڌارين کي نيڪالي ڏئي باقي اصل ڌرتي واسين جي ڳڻپ ڪرائي انهن کي حق ڏنا وڃن. ڇو ته آدمشماري سنڌ جي زندگي موت جو مسئلو آهي. ڇو ته پاڪستان اندر سنڌ واحد صوبو آهي، جيڪو آبادي جي شديد دٻاءُ هيٺ آهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏن شهرن ۾ خاص طورتي ڌارين جي آبادي جو ريشو وڌيڪ آهي. اگر سنڌ جا ماڻهو باشعور نه بڻجي پاڻ کي گهر شماري آدمشماري ۾ ڳڻپ نه ڪرائيندا ته اسان سنڌ واسي هر ملندڙ رائلٽي کان ويتر رهجي وينداسين. ۽ مسلسل اقليت جو شڪار بڻجي وينداسين. جنهن جا ذميوار سنڌ جا سياسي، سماجي، ادبي، صحافي، مذهبي، تعليم دادن، سڀئي ذميوار بڻجباسين، تنهن ڪري هن وقت اسان جي ملڪ ۾ ڇهين آدمشماري اڙهه سالن کان  کان پوءِ ٿي رهي آهي سڀ سنڌي واسين کي اکيون کولڻ گهرجن.  ۽ پنهنجي جائز حقن وٺڻ جو هي بهترين موقعو آهي. تنهن موقعي مان اسان سڀئي فائدو حاصل ڪيو. ڇو ته اڙهه سالن جو انتهائي هڪ وڏو پيرڊ ڊگهو سفر آهي. ڇو ته ڪيترائي خاندان توڙي گهر آبادي جي حساب سان وڌيا آهن. اسان کي ان مان فائدو حاصل نه ڪنداسيون ته  پنهنجي ئي ڌرتي تان هميشه مٽجي ۽ ڌڪارجي وينداسين، اسان جي ڌرتي تي آيل ڌاريا آباد ٿي اسان مٿان قابض ٿي ويندا. ڇو ته اسان سنڌين کي اڳ ئي ڌارين جي مهمان نوازي ڳچي ۾ پئجي رهي آهي، جنهن جو ڪيتو سنڌ بيدردي سان لوڙهي رهي آهي. جنهن سبب اڄ سنڌ جا  لکين خاندان بيروزگاري، مهانگائي، بدامني جي باهه ۾سڙي رهيا آهن. سنڌ جي ملڪيت تي اڄ به وڏن شهرن ۾ ڌاريا هاوي بڻيل آهن. تنهن ڪري مايوس، پريشان ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي. هيءَ اسان کي حقن جو وقت آيو آهي ته اسان پنهنجو قومي فرض پورو ڪري ڏيکاريون نه ته اسان کي سنڌ ڌرتي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ڇو ته ڌاريا اڳ ئي اسان جي نه سنڌ جا سڄڻ ٿيا نه هاڻي ئي ٿيندا.

جئين ڀٽائي چوي ٿو ته

ڌاريا ئي ڌاريا

مٽ موئي جا نه ٿيا……..

سنڌ جي سڃاڻ ڌرين توڙي حڪمرانن توڙي چونڊيل ايم اين اي، ايم پي اي ۽ چونڊيل عهديدارن ۽ چيئرمينن کي گهرجي ته آدمشماري ۽ گهر شماري واري مهم ۾ ڀرپور نموني سان ڳڻپ ڪرائين ۽ پنهنجي تڪن ۾ ماڻهن کي هوشيار ڪن. گهر شماري ڪندڙ عملي کي سهولتون ۽ تحفظ ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن جي مدد ته جيئن سنڌ اندر ڪو به گهر يا فرد ڳڻپ کان رهجي نه وڃي، جيئن ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندڙ حڪمرانن ۽ سياسي پارٽين کي صوبائي مفادن کان وڌيڪ  آهي،

جيئن استاد بخاري چوي ٿو ته ……!

جو قوم جيئاري اهو جيئندو رهندو

جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي

جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو……..!

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *