ٿر ۾ ترسيل موت جو راڪاس ۽ بي حس حڪمران ؛نند لال لهاڻو

ڏڪار جي سخت ترين حالتن ۾ گذريل ٻن سالن کان لاڳيتو ڀوڳيندڙ ٿر، جيڪو موت جو راڪاس بي دعوتي مهمان جيان ترسي پيو آهي ۽ روزانو ٿر جا معصوم ڪلين جهڙا ٻارڙا موت جي ڏاٺ ۾ وڃي رهيا آهن، اهو بک، بدحالي، احساس محرومي، غربت ۽ حڪمرانن جي بي حسي جو ڪمال آهي. آڪٽوبر کان وٺي هن وقت تائين 300 کن معصوم ٻارڙا پنهنجي مائرن جي جهولين کان هميشه هميشه جي لاءِ پري هليا ويا آهن، پر حڪمران غذائي قلت سبب ٿيندڙ موت کي قبولڻ لاءِ تيار ناهن ۽ چون ٿا ته اهي موت غربت ۽ بيمارين سبب ٿي رهيا آهن، پر عقل جي انڌن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي ته غذائي کوٽ آهي، جڏهن ته غربت هوندي ته هڪ گهر جو پاليندڙ پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ڪپڙي لٽي ۾ مجبور هوندو ته کاڌ خوراڪ ڪٿان آڻي سگهندو، جڏهن حامله عورت کي گهربل کاڌو نه ملي سگهندو ته اها امڙ پنهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي ڪهڙي غذا فراهم ڪري سگهندي ۽ اها ڀيانڪ صورتحال اڪثر ڪري ٿر جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پيش اچي رهي آهي، جتي صحت جي سهوليتن جو اڄ به ڪو تصور ئي ناهي، شهري علائقن کي ڇڏي باقي ٻين علائقن جي عورتن لاءِ ليڊي ڊاڪٽرياڻين جو تصور صدين کان وٺي اڄ تائين هڪ خواب بڻجي رهيل اڌورو سپنو آهي، اها حقيقت آهي ته ملڪي وجود کان وٺي هيل تائين ٿر ۾ رياست گهربل بنيادي سهوليتن تي ڪڏهن به ڪم ناهي ڪيو ۽ ٿر جي ترقي صرف سرڪاري عمارتن تائين محدود رهجي وئي آهي، وڏيرا شاهي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ رڳو سرڪار عمارتون ڏنيون ويون آهن، پر انهن ۾ بنيادي سهوليتن جي فراهمي جو تصور ئي ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ لڳي ٿو ته ٿر ۾ ٻن سالن کان اڳ حڪومتن ڪوبه توجهه نه ڏنو.

موجوده سنڌ سرڪار پڻ ٿر جي حوالي سان جيڪي اهم اعلان ڪيا هئا، اهي رڳو اعلان ئي رهجي ويا آهن، انهن اعلانن ۾ ٿر جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعمير ٿيل ميڊيڪل ڊسپينسرين جون ايس اين اي ايندڙ بجيٽ ۾ منظور ڪري اتي سرڪاري عملو رکي، دوائون ڏئي ٿري عوام کي صحت جهڙي بنيادي سهوليت فراهم ڪرڻ پڻ شامل هو، پر جولاءِ 2014ع جي بجيٽ ۾ انهيءَ طرف ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو، جنهن ڪري اهو اعلان رڳو اخبارن تائين محدود رهجي ويو، جنهن بعد ٻيهر ميڊيا اهڙيون دانهون ڪيون ته وري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ننگرپارڪر ۾ اچي صحافين کي چيو ته هڪ مهيني اندر ٿر جي ميڊيڪل ڊسپينسرين جون ايس اين اي منظور ڪيون وينديون پر افسوس جو 2 مهينا گذري وڃڻ باوجود به سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو اڃان تائين ان تي عمل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيو آهي. جڏهن ته پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ٿر جي دوري دوران ٿر ۾ 150 بينير دسترخوان لڳائي، ٿر ۾ مفت کاڌو فراهم ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو هو، ان تي ذري جيترو به عمل ٿي نه سگهيو، کاڌو فراهم ٿيڻ سان يقينن انسان کي گهربل غذا ملي سگهندي آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ اعلان تي فورن عمل ڪرائي ٿر جي مختلف علائقن ۾ دسترخوان لڳائي کاڌو فراهم ڪيو وڃي ها ته ٿر ۾ ٻارڙن جي ٿيندڙ موت کي گهٽ ڪرڻ ۾ ضرور ٿوري گهڻي مدد ملي وڃي ها ۽ حاملا عورتن کي جيڪڏهن وقت سر کاڌ خوراڪ ملي ها ته معصوم ٻارڙن جي مرڻ جي شرح يقينن گهٽ هجي ها، پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو ٿر لاءِ هروڀرو اهڙا اعلان ڇو ٿا ڪيا وڃن، جن تي عمل نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته هيل وفاقي سرڪار پڻ ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم نواز شريف پاران ٿر جي صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جي باوجود به وفاقي سرڪار ٿرين جي واهر ڪرڻ تي ڪنن ۾ ڪپهه وجهيو ويٺي آهي ۽ وفاقي سرڪاري ادارن ٿر سان ڪابه وفا نه ڪئي آهي ۽ پوري صوبي سنڌ جيان قدرتي آفتن جي شڪار ٿيل ٿري عوام کي پڻ بري طرح نظرانداز ڪري ڇڏڻ ڏک جهڙي ڳالهه آهي، توڙي جو پاڪ آرمي پنهنجي وس آهر ٿرين جي امدادي مدد ضرور ڪئي آهي، پر اين ڊي ايم اي جهڙا سفيد هاٿي بڻيل وفاق جا ادارا ڪنڊائتا ٿي ويا آهن ۽ هتي ٿر ۾ بدقمستي اها آهي ته جيڪڏهن ڪو وفاقي حڪومت جو نمائندو يا ڪو ماڻهو ٿر اچي ٿو ته سرڪاري پروٽوڪول ۾ اهو چئي واپس هليو وڃي ٿو ته هن کي وزيراعظم ٿر موڪليو آهي ۽ هو فورن وڃي وزيراعظم کي رپورٽ ڏيندو، پر ان جي وڃڻ بعد انهن کي ٿر ياد ئي نٿو اچي ۽ وري سنڌ حڪومت ٿر تي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ بدران ميڊيا جي انگن اکرن کي ڪوڙو قرار ڏئي پنهنجي اندر جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ ست سؤ آر او پلانٽ تعمير ڪرائي رهي آهي، جن مان ڪافي آر او پلانٽ تعمير ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن، پر آر او پلانٽ نج سياسي بنيادن تي ڏنا ويا آهن، انساني گهرج پٽاندر ڏيڻ بجاءِ پنهنجن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، ڪجهه آر او پلانٽ کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ لاءِ اهڙن ڳوٺن ۾ ڏنا ويا آهن، جتي اڳ ۾ ئي کوهن ۾ مٺو پاڻي موجود آهي، اتي آر او پلانٽ ڏيڻ بدران هينڊ پمپس، ٽمر پمپ يا اهڙيون موٽرون ڏنيون وڃن، جيڪي مٺي پاڻي کي آسانيءَ سان ٻاهر آڻين ها، خلق لاءِ پاڻي ججهي مقدار فراهم ڪيو وڃي ها. بهرحال اهو پڻ چڱو ڪم آهي، پر ٿر ۾ پاڻي جي ذخيرن تي اڃان گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٿر ۾ صحت جي بيٺل ۽ ناڪاره بڻيل گاڏي کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين شعبن ۾ به لاڳيتو جستجو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *