ٿر جو صحرا انسانن کان خالي آهي ؛وسعت الله خان

سنڌ جي غريب ترين سرحدي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڏُڪار، پاڻي جي اڻهوند، جانورن جي بيماري، غربت جي ڪري خوراڪ جي کوٽ، صحت ۽ تعليم جون نه هُئڻ جهڙيون سهولتون، قديم مسئلو آهن ۽ ٿريا انهن آفتن ۽ مصيبتن جا صدين کان عادي آهن ۽ جِي رهيا آهن.

ٿرين اِهو نظريو به غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته غربت، ڏوهه کي جنم ڏيندي آهي. ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ اڄ به ٿر ۾ چوري، ڌاڙو، ڦُر، اغوا ۽ قتل جهڙا ڏوهه خال خال ملندا آهن. ڪجهه وقت کان وٺي ٻين علائقن جا ماڻهو، هِن امن جي علائقي ۾ اچڻ لڳا آهن!

ٿرين اِهو نظريو به رد ڪري ڇڏيو آهي ته بُک، آداب جي سانچي ۾ پورو نٿو اچي سگهي. صدين کان هندو ۽ مسلمان، پيار ۽ محبت سان رهندا پيا اچن پر ڪجهه وقت کان وٺي ٻاهر کان اچڻ وارن ڪجهه ماڻهو مقامي مسلمانن کي وڌيڪ مسلمان بڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

ٿر جا مور ڪجهه سال اڳ ۾ هڪ بيماريءَ جو شڪار ٿي ويا هئا.

ٿر وارن اِهو خيال به غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته روڊ رستا عام ماڻهوءَ جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندا آهن. اڄ ٿر جا تمام اهم ڳوٺ پڪن روڊ رستن سان جڙيل آهن. انهيءَ سان اِهو فرق ضرور پيو آهي ته اڳ ۾ صحرائي رستن جي ڪري ڏڪار وارا علائقا هڪٻئي کان ڪٽيل رهندا هئا، هاڻي اُهي پاڻ ۾ جڙيل آهن، اڳ ۾ جديد مواصلاتي نظام، تعليمي ۽ صحت جي سهولتن ۾ کوٽ جو سياسي سبب هو، هاڻي سيڪريٽريٽ مافيا ويران اسڪولن ۽ کنڊرن ۾ تبديل ٿيندڙ صحت جي مرڪز جا لاوارث لاش پکيڙي ڇڏيا آهن.

ٿرين اِها سوچ به رد ڪري ڏيکاري ته مفلسي لطافت جي حس کي مٽائي ڇڏيندي آهي، هيءَ ماڻهو زمين سان ڳالهائيندا آهن، پکين جي ٻولي سمجهندا آهن، وڻن سان دوستي ڪندا آهن، حيرت انگيز سنگ تراش آهن، بهترين کاڌو پچائڻ وارا، بهترين ڊرائيور، بهتري هاري ۽ مزدور.مهمان نواز اهڙا جو پاڻ بکيا رهندا پر بي زبانن کي بکايل ۽ اُڃايل رهڻ نه ڏيندا. پيار ڪندڙ اهڙا جو ڪنهن به ٿري کان پڇبو ته تنهنجي گهر ۾ ڪيترا ماڻهو آهن، هُو ٻُڌائيندو ته منهنجي زال، چار ٻار، ماءُ، پنج ٻڪريون، هڪ اٺ ۽ ست ڪڪڙيون ۽ انهن جا ٻارنهن چوزا.ٿر جو علائقو سنڌ صوبي ۾ ڀارت جي سرحد سان مليل آهي، باقي ڳالهه ٿر جي زمين جي آهي ته ڪير چوي ٿو ته اها زمين سنڍ آهي، جيتري موسيقي ٿر ۾ پيدا ٿئي ٿي شايد ئي ڪٿي پيدا ٿيندي هجي. ممڪن ئي ناهي ته ٿر جي ڪنهن ڳوٺ يا رستي تي ڪوئي سُريلو به نه ملي. هتان جا ته مور به اهڙا جمالياتي آهن جو چوڏهينءَ جي رات ۾ پر ڦهلائي سُر وکيريندي پنهنجا پير نچڻ کان روڪي نٿا سگهن. مور ڪٿي آهن، اهي ته رقص جون نچندڙ درسگاهون آهن. شاهه لطيف ائين ته ٿر جي عشق ۾ گرفتار نه ٿيو هو.شايد انهيءَ لاءِ اڄ جي ڊينڊڙي ۽ بصارت کان خالي سماج ۾ هي ٿري ماڻهو مڪمل مس فٽ آهن، جيڪو به ٻاهريون ايندو آهي، ان کي ڪارونجهر خوبصورت وادي نه پر گري نائيٽ جي پهاڙ نظر ايندي، ڪنهن کي سفيد چائنا ڪلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ڪوئي ٿر کي بس ڪوئلي جي عاليشان کاڻ سمجهندو آهي ۽ ڪوئي ترقيءَ جا خواب امدادي ٿيلهن تي وڪڻندي نڪري ويندو آهي. سڀني کي ٿر نظر ايندو آهي، ڪنهن کي ٿري نظر ناهي ايندو!

ٿر جو بس هڪ بنيادي مسئلو آهي، اُهو آهي بي حسي. اجتماعي رياستي بي حسي. اُها به اهڙي شديد جو بيان ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اردو ۾ ته ڪوبه لفظ موجود ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *