ٿرين لاءِ خوشحاليءَ جو خواب! : منير نارائي

محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتي دور ۾ جنهن گورڊن وو پاور پراجيڪٽ جو معاهدو ڪيو هو، جيڪڏهن ان کي سياسي مخالفت جي ور چاڙهي ختم  نه ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان کي هن بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن نه ڏيڻو پوي ها، پر بدقسمتي سان نواز شريف محترمه کان پوءِ اقتدار ۾ ايندي ئي ان منصوبي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو ڪيتو اڄ سڄي ملڪ جو عوام لوڙي رهيو آهي. سڀني کي خبر آهي ته ٿر ۾ ايترو ڪوئلو موجود آهي جو جنهن کي استعمال ۾ آڻجي ته لڳاتار 200 سالن تائين ان مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، اهو ڪوئلو 1950 ۾ دريافت ٿيو هو پر اڃا تائين ان جو استعمال نه ٿي سگهيو آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان واري ٿر ۾ ڪوئلي جا جيڪي ذخيرا هئا انهن اهي ڪڍي استعمال ڪري ختم به ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسان اڃا تائين ان کي استعمال نه ڪري سگهيا آهيون. هاڻي جڏهن صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي توانائي جي بحران جي خاتمي جي لاءِ ٻي ڪا واهه نظر نٿي اچي ته انهن سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي ان ڪوئلي کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ ان ڪوئلي کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر روايتي مخالفت شروع ٿي وئي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سي پيڪ منصوبي تحت ٿر ۾ پاور پلانٽ لڳائيندڙ ڪمپني اينگرو پاران لڳايل پاور پلانٽ ۽ گوڙاڻو ڊيم جو دورو ڪرايو ويو ان موقعي تي پروجيڪٽ جي جنرل مئنيجر برگيڊيئر رٽائرڊ طارق قادر لاکير بريفنگ ڏيندي اسان کي ٻڌايو ته سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پاران ٿر جي بلاڪ ٽو مان ڪوئلو ڪڍي ان مان بجلي پيدا ڪرڻ واري رٿا جو ڪم تيزي سان جاري آهي، هي هڪ اهڙي بنيادي اهميت جي رٿا آهي جنهن سان نه رڳو ٿر پر سڄي سنڌ جي تقدير بدلجڻ پئي وڃي. هن ٻڌايو ان رٿا هيٺ لاڳاپيل کاڻ مان پاڻي جي نيڪال جي اسڪيم بابت ماڻهن جون ڪجهه غلط فهميون آهن ۽ ڪجهه حلقن پاران حقيقتن جي ابتڙ ناڪاري پروپيگنڊا به ڪئي پئي وڃي، جن جي وضاحت ڪرڻ ۽ اصل حقيقتون سنڌ جي ماڻهن جي آڏو رکڻ ضروري آهن، هن چيو ته هڪڙي غلط فهمي اها آهي ته (تلاءَ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي زهريلو هوندو) پر حقيقت اها آهي ته اهو پاڻي بلڪل به زهريلو ناهي، اهو فقط کارو پاڻي آهي، جنهن ۾ ڪو به صنعتي نيڪال شامل ناهي، ليبارٽري ٽيسٽ موجب ان جي ٽي ڊي ايس سطح 5000 پي پي ايم جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته پاڻي ۾ موجود ٻيا ڪيميائي جزا نيشنل انوائرومينٽل ڪوالٽي اسٽينڊرس جي اجازت ڏنل معيار کان به گهڻو گهٽ آهن، ان جي باوجود ان نقصان نه ڏيندڙ کاري پاڻي کي پوکائي جي لائق بنائڻ جي لاءِ ڪمپني هڪ رٿا تي ڪم شروع ڪيو  آهي، جنهن سان ان پاڻي مان چوپائي مال جي چاري سميت مختلف فصلن جي پوکائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ هينئر تائين ان پاڻي تي وونئڻن ۽ ڀاڄين جا ڪامياب فصل پوکي چڪا آهيون، اهڙي ريت اهو تلاءُ زحمت بدران رحمت بنجي رهيو آهي. ٻي غلط فهمي اها آهي ته (تلاءَ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي سان جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويندو) جنهن جي اصل حقيقت ٻڌائيندي طارق قادر لاکير چيو ته ساک رکندڙ ادارن جهڙوڪ آر ڊبليو ئي جرمني پاران ڪرايل اڀياس موجب تلاءَ جي هيٺان زمين تي چن جا تهه قدرتي طور تي موجود آهن، جيڪي کاري پاڻي کي جر هيٺان پهچڻ نه ڏيندا، ان کان علاوه به جيڪڏهن اڳتي هلي ڪٿي پسگردائي ۾ کوهه جو پاڻي متاثر ٿيو ته ڪمپني آر او پلانٽ نصب ڪري ان مسئلي کي حل ڪندي، جڏهن ته ڪمپني اڳ ۾ ئي پنهنجي خرچ تي 3 آر او پلانٽ نصب ڪري چڪي آهي، جن مان ڳوٺاڻا فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هڪڙي غلط فهمي اها آهي ته (تلاءُ ٺهڻ سان هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ ڪندا) پر حقيقت اها آهي ته تلاءَ جي اڏاوت سان ڳوٺ گوڙاڻو يا ڀرپاسي وارن ڳوٺن جو هڪڙو به ڪٽنب لڏ پلاڻ نه ڪندو. پنهنجي بريفنگ ۾ هن اهو به ٻڌايو ته اسان رڳو ڪوئلو نه پيا ڪڍون پر ان سان گڏ علائقي واسين جي خوشحالي جي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو سک جو ساهه کڻي سگهن، جهڙوڪ اسلام ڪوٽ ۾ 100 بسترن واري اسپتال قائم ڪري رهيا آهيون، جيڪا آغا خان اسپتال جي معيار جهڙي هوندي، اسڪول ٺاهيا پيا وڃن  ته جيئن هتان جا ٻار معياري تعليم حاصل ڪري سگهن. ان کان علاوه ٻن ڳوٺن ٿاريو هاليپوٽو ۽ ڳوٺ سينهڙي درس کي انٽرنيٽ جي مفت سروس فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ اهي سنڌ جا پهريان فري واءِ فاءِ ڳوٺ  بنجي چڪا آهن. هن چيو ته اسان ٿر بلاڪ ٽو کي 21 هين صدي جون سموريون سهولتون ڏيڻ چاهيون ٿا، اهڙي ريت بلاڪ ٽو جي باقي ڳوٺن کي به اها سهولت فراهم ڪئي ويندي. ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي سمورن اسڪولن ۾ به مفت انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن هتان جا ٻار شهري ٻارن جيان معلومات تائين آساني سان رسائي حاصل ڪري سگهن. ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي متاثرين جي نئين سر آبادڪاري سمورن متاثرن کي 1111 والن تي گهر تعمير ڪرائي ڏنا پيا وڃن جنهن ۾ ٽي ڪمرا، اوطاق، عورتن لاءِ ويهڻ جو ورانڊو، جنرل ورانڊو، ننڍڙو پارڪ، وٿاڻ، غسل خانو ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته سڀ کان پهريان ڳوٺ سينهڙي درس جي ڳوٺاڻن کي سال 2018 جي آخر ۾ لڏايو ويندو. ان مقصد جي لاءِ 172 ڪٽنبن لاءِ مثالي ڪالوني جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ان ڪالوني ۾ هر شادي شده جوڙي کي ڌار گهر ڏنو ويندو ۽ هر گهر  جي تعمير تي لڳ ڀڳ 30 لک روپيه خرچ ايندو، هن ٻڌايو ته گهرن جي ڊزائين ۽ نقشو مقامي ماڻهن ۽ عورتن جي صلاح مشوري سان نامياري آرڪيٽيڪٽ مرليڌر پاران تيار ڪيو ويو آهي ۽ اسان ان ڪالوني کي پاڪستان جي بهترين ڪالوني بنائڻ جو ارادو رکون ٿا، جنهن ۾ زندگي جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون هن ٻڌايو ته هن مهل تائين هڪ هزار ٿرين کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، 1400 کان مٿي ٿرين کي فني سکيا فراهم ڪئي وئي آهي، ايندڙ سال ٽن کان چار هزار وڌيڪ ٿرين کي نوڪرين ۾ رکيو ويندو، اهڙي ريت هتان جي 25 مقامي انجنيئرن کي  ڪراچي جي ناميارن ادارن ۾ ٽرينڊ ڪري رهيا آهيون، جن تي ساليانو 10 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيندو جنهن کان پوءِ اهي اسان جي معيار تي پورا لٿا ته انهن کي نوڪرين ۾ رکيو ويندو ۽ گهڻي ڀاڱي ننڍا وڏا ٺيڪا هتان جي ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن، جنهن ڪري انهن جي معاشي حالت ۾ بهتري اچي رهي آهي. اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺ ٿاهريو هاليپوٽو ويجهو ٿر بلاڪ ٽو تي ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي گهر جي تعمير جو ڪم تيزي سان جاري آهي، ٿر ڪول مان وڏي پيماني تي اقتصادي  لاڀ فقط تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن مائيننگ منصوبي کي توسيع ڏني وڃي، ملڪ مان توانائي واري بحران کي حل ڪرڻ ۽ سستي اگهه ۾ بجلي مهيا ڪرڻ وارو مقصد ئي ذهن ۾ رکندي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ڪوئلي جي کوٽائي واري رٿا جو دائرو تمام تيزي سان وڌائي رهي آهي، اسان 2022 تائين هر سال 19 ملين ٽن پيداوار حاصل ڪرڻ ۽ انهي کي مختلف بجلي گهرن کي فراهم ڪرڻ جو اڳواٽ ئي رٿي ڇڏيو آهي، جنهن جي بنياد تي 3300 ميگا واٽ بجلي روزانو جي بنياد تي پيدا ڪئي ويندي. اهو به ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ ٿيندڙ مختلف ٺيڪيداري ڪمن جا ٺيڪا بلاڪ ٽو ۾ ايندڙ ڳوٺاڻن کي ئي ڏنا ويندا جو اهڙا ٺيڪا ساليانو ڪروڙين روپين جا ٿيندا، جن ۾ مختلف قسمن جا ڪم مقامي ٺيڪيدارن کي ڏئي ٻين ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي روزگار جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو، هن چيو ته ايندڙ وقت ۾ ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي توانائي جي بحران ۾ هڪ مسيحا ٿي اڀرندو، جنهن سان سنڌ سميت سڄي ۾  ملڪ ترقي جو نئون سج اڀرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *