پ پ- متحده جي سياسي رساڪشي ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ ؛ نسيم بخاري

                         هڪ دفعو وري نائين زيرو تي ”گو زرداري گو، گو بلاول گو“، ”جيئي مهاجر“ جا نعرا لڳا آهن. پيپلزپارٽي جو هڪ ٻئي سان رسڻ ۽ پرچڻ وري وري ايترو ته ورجايو ويو آهي، جو هاڻ ٻنهي ڌرين جي اهڙي سياست تي هڪ سِٽ به لکڻ تي دل نٿي چوي پر نائين زيرو تي جيڪا سڀ کان اهم ۽ انفرادي ڳالهه چئي وئي آهي سا پهريون ڀيرو کليل انداز سان ۽ وڏي واقعي مهاجر لفظ جي تشريح ۽ مهاجر هئڻ ڪري پنهنجي لاءِ الڳ صوبي جي گهُر سامهون آئي آهي. چيو ويو آهي ته مهاجر لفظ کي گار ڪوٺڻ جو انجام اسان جي صوبي جو قيام هوندو.ايم ڪيو ايم اهو دڙڪو ڏئي سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اقتدار کان عليحدگي به ڪا نئين ڳالهه ناهي. هوءَ جڏهن اڳ ۾، سنڌ حڪومت جو حصو نه هئي ۽ پ پ کان ٻه ٽي ڀيرا گذريل ستن سالن جي دور ۾ پري ۽ پاسيري ڏٺي وئي آهي تڏهن به هنن جو عشرت العباد گورنر ئي رهيو آهي ۽ هو هاڻ به گورنر ئي آهي يا هو جيترو عرصو به سرڪار کان رٺل رهيا آهن، اوترو ئي عرصو هنن جي اچڻ جي انتظار ۾ سندن حصي پتي واريون وزارتون هنن لاءِ پاسيريون ڪري رکيون وينديون رهيون آهن.

ان ڪري اهم ڳالهه اها ناهي ته متحده سنڌ حڪومت کان ڌار ٿي وئي آهي پر اها ڳالهه ضرور اهم آهي ته متحده پهريون ڀيرو واضح طور تي پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ نيتن کي نروار ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم بنا ڪنهن هٻڪ جي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ڌار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي جنهن لهجي ۽ زبان ۾ گفتگو ڪئي آهي اُهو ٻڌائي رهيو آهي ته هاڻ هو ڪهڙي طرف وڃن پيا. خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ڀٽي جو وارث ڀٽو ٿي سگهي ٿو زرداري نه!

هن وڌيڪ چيو ته هنن حسب نسب تبديل ڪري ڇڏيو آهي. الطاف سنڌ ۾ محبت جي سفر جاري رکڻ، نفرتن جي خاتمي ۽ اتحاد جي سياست جي ڳالهه ڪئي پر پوءِ به پ پ جي پهرين دؤر 1998ع کان ڪجهه مهينا پهريان، حيدرآباد ۾ 30 سيپٽمبر تي 300 مهاجرن کي قتل ڪيو ويو. بلاول جي تقرير کانپوءِ هاڻ ڪو به سبب نه رهيو آهي ته سڌ سرڪار ۾ پ پ سان گڏ رهون. ڪراچي ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿي ۽ شهري علائقا سنڌ کي 95 سيڪڙو روينيو ڏين ٿا. سنڌ ۾ سيڪريٽريٽ کي ڏسي لڳي ٿو ته اها ڪراچي ۾ نه آهي. سنڌي وزيراعظم کي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ووٽ ڏئي مدد ڪئي ۽ 2008ع ۾، ڏکن ۽ زخمن باوجود، آصف زرداري لڙي آيو ته اسان کيس مايوس نه ڪيو پر هاڻ اسان پنهنجي حصي جو صبر ڪري ڇڏيو. پ پ جو ساٿ ڏيڻ، جمهوريت خلاف سمجهون پيا.

عيدالاضحيٰ تي بلاول بنا جواز، اسان جي قائد خلاف ڳالهايو ۽ چيو ته هو سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو پر اسان پڇون ٿا ته توهان پنهنجي ماءُ جي، مرتضيٰ ۽ ذوالفقار ڀٽي جي قاتلن جو ڪيترو جيئڻ حرام ڪيو آهي؟ بلاول جي تقرير کانپوءِ اردو ڳالهائيندڙن کي جيڪا تڪليف ۽ رنج پهتو آهي ان جو احساس ڪندي اسان سرڪار کان رستا ڌار ڪيا آهن.

بلاول ڀٽو، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جناح باغ ۾، جتي ٻيون ڳالهيون ڪيون هيون، اُتي اهو به چيو هو ته هو ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ کي ٻي ايم ڪيو ايم ٿيڻ نه ڏيندو. جنهن جو مطلب آهي ته جيڪو ڪجهه ۽ جهڙي ريت متحده ڪراچي ۾ ڪندي آئي آهي، اهڙو ڪجهه ڪرڻ جي تحريڪ انصاف کي اجازت نه هوندي. ساڳي وقت بلاول ڀٽو توڙي آصف علي زرداري به اهو چون ٿا ته هو مستقبل ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏجي، عوام جي تقدير بدلائيندا. انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ ئي وقت توهان ڪنهن کي خراب به چئو ٿا ۽ وري ان سان گڏجي خلق جي قسمت بدلائڻ واري آرزو به رکو ٿا.

سنڌ ۾، عام ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي چالاڪين، مفادپرستين ۽ استحصال کان تنگ ۽ بيزار ٿي چڪو آهي. حقيقت اها آهي ته عوام کي جنهن متبادل جي ضرورت آهي، سو متبادل اڄ ڏينهن تائين ميسر نه ٿي سگهيو آهي پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته اهو متبادل ماڻهن کي ڪڏهن به ميسر ئي نه ٿيندو. وقت سان گڏ، ضرور تبديلي ايندي ۽ تبديل ٿيل حالتون، ماڻهن جون تقديرون به بدلائينديون. اهڙو واءُ جڏهن وري سو وري پر هاڻ عوام، جنهن وڪڙ ۾ آهي يا جنهن ڄار ۾ ڦاٿل آهي، تنهن ۾ ان جو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي ۽ هو ڦٿڪي رهيو آهي.

پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وک وک تي جيڪا سنڌ دوستي جي نالي ۾، سنڌ سان دغا ڪئي آهي، هاڻ اهڙي حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جنهن ڏينهن بلاول ڀٽو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سياست جي سفر جو اعلان ڪيو، ان کان هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ، مهاجر لفظ کي گار تصور ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي، جيڪا ڪنهن به حوالي سان غلط نه هئي ۽ هر غيرتمند ماڻهو اهڙي سوچ رکي ٿو جنهن جو اظهار سيد خورشيد شاهه ڪيو هو.

انساني تاريخ ۾ جتي جتي به لڏپلاڻ ٿي آهي، اتي ڪجهه وقت لاءِ ته ڪن ماڻهن کي مهاجر چيو ۽ ڪوٺيو ويو آهي پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ڪن ماڻهن ان لفظ کي پنهنجي تعارف طور مستقل بنيادن تي ڪتب آندو هجي پر هنن ائين ڪيو آهي ۽ اڄ به جنهن غرور، هوڏ ۽ هٺ تي آهن، ان مان ائين پيو لڳي ته ڀائي لوڪ برهمڻ ۽ سنڌي اڇوت هجن. خورشيد شاهه اها ڳالهه به واضح طور تي چئي ۽ ڪئي هئي ته اڳ هو به مهاجر هئا جو عربستان کان سنڌ لڏي آيا هئا پر بعد ۾ هتي اچي هنن پنهنجي پراڻي سڃاڻپ وساري، نئين ماحول کي پنهنجو ڪيو ۽ ائين ئي دنيا جهان ۾ ٿيندو آهي.

خورشيد شاهه نه ته ڪنهن تي تنقيد ڪئي هئي نه وري ڪنهن کي ڪاوڙجڻ جو جواز پيدا ڪري ڏنو هو. هن فقط پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو ۽ ذاتي حيثيت ۾ ڪو به ماڻهو ڪهڙا به خيال يا احساس رکي سگهي ٿو. اها ئي ته جمهوريت آهي ۽ جمهوريت جو حُسن، اختلاف آهي ۽ جمهوريت ۾ اختلاف دشمني نه پر سجاڳي جي علامت ليکيا ويندا آهن. خبر نه آهي ته ايم ڪيو ايم، خورشيد شاهه جي بيان تي ايڏي ڇو چڙي؟ جڏهن ته هنن جي بڇان کانپوءِ، هنن جي ئي مطالبي تي خورشيد شاهه ميڊيا آڏو سندن دل آزاري تي معافي به گهري. حقيقت ۾ اها معافي جهڙي ڳالهه نه هئي نه وري ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جنهن جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي خورشيد شاهه جي بيان جي وضاحت جو حوالو ڏيڻو پيو هو.

خورشيد شاهه ائين به چئي پئي سگهيو ته هن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، ان جو مقصد ڪنهن جي دل رنجائڻ نه آهي. اهڙي راءِ سندس ذاتي خيال آهي ۽ ڪنهن جي سوچ ۽ خيال تي ڪي پهرا نه ٿا هڻي سگهجن پر خورشيد شاهه جنهن انداز مان معافي گهري آهي ته هن کي مٿئين قيادت جي ڪا هدايت ٿي آهي ۽ هن به بنا سوچ ويچار جي ائين ڪيو، جيئن ان کي چيو ويو هو.

سائين قائم علي شاهه هجي يا سائين خورشيد شاهه حقيقت ۾ اهي ٻئي ويچارا حڪم جا بندا آهن، ان ڪري انهن تي ڪا ميار ئي ناهي. سو اهڙي صورتحال ۾ جڏهن معافيون، تلافيون به ٿي چڪيون هيون، ان جي باوجود خورشيد شاهه جي جملي کي جواز بڻائي، حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿيڻ رڳو متحده جي ردعمل کي ظاهر نٿو ڪري پر اهو به ٻڌائي رهيو آهي ته هنن ۾ ڪيتري حد تائين احساس برتري جو عنصر شامل آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ڪيترو مٿڀرو يا مقدس ڀائيندا رهيا آهن.

حقيقت ۾ انهن جي اهڙي پيٽ ڀرائي، تڪبر ۽ غرور پٺيان پ پ جي نياز نوڙت واري پاليسي جو عمل دخل رهيو آهي، جنهن مفاهمت جي نالي ۾ ان لفظ جي سموري حرمت جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آهن. پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم جو من وڌايو آهي ۽ پ پ جي ڪري ئي هنن جو دماغ خراب ٿيو آهي. محترمه جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جتي (ق) ليگ کي قاتل ليگ قرار ڏنو هو، اتي محترمه جي خون جا ڇنڊا متحده جي دامن تي به هئا ۽ اها متحده جيڪا انهن ڏينهن ۾ ڊڪٽيٽر پرويز مشرف سان ٻِٽ هئي، تنهن بابت پ پ اهو واضح طور طئي ڪيو هو ته اقتدار ۾ اچي، ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪبو پر ايم ڪيو ايم ڏانهن جيڪو ليکو چوکو رهي ٿو، تنهن جو حساب ڪتاب وٺبو پر پوءِ ٿيو ڇا!؟

پ پ ايم ڪيو ايم کي گڏ کڻڻ کانسواءِ حڪومت ٺاهي پئي سگهي ۽ ايم ڪيو ايم کان انهن سمورين تهمتن جا حساب ڪتاب وٺي پئي سگهي، جيڪي اڄ به ايم ڪيو ايم جي دامن تي آهن پر پ پ ائين نه ڪيو بلڪه هن متحده کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ۽ ايم ڪيو ايم مست بڻجي دل گهريون من مانيون ڪندي رهي. پ پ جي متحده کي اها ڍل ۽ ڍر نه رڳو تڏهوڪن ڏينهن ۾ جاري رهي پر هاڻ به برقرار آهي حقيقت اها آهي ته اڄ به جيڪڏهن انصاف سان قانون جي بالادستي واري احساس سان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڏنڊو کڄي ۽ ڏوهي مافيائن کي بي نقاب ڪجي ته سموري خبر پئجي ويندي ته ڪيتري ويهين سئو آهي پر ائين ٿيندو نه! جڏهن ته ائين ڪري پ پ سنڌ ۾ هڪ نئين سڃاڻپ سان عوامي دليون جيتي سگهي ٿي. پ پ ۾ نئون روح ڦوڪي سگهي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ ملڪي سطح تي پارٽي آئوٽ ئي ٿي چڪي آهي ۽ ملتان ۾ اُميدوار جي ضمانت به رد ٿيڻ به هڪ پيغام آهي. سوال اهو آهي ته اهڙا پيغام جيڪڏهن سنڌ ۾ به اچڻ شروع ٿيا ته انهن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *